دنيا جي تاريخ ۾ انصاف جو تصور هميشہ ئي
انساني تهذيب جي مرڪز ۾ رهيو آهي، پر انسان جي سماجي، سياسي، قانوني ۽ اخلاقي ارتقا
باوجود، انصاف جي گهڻن دروازن تي اڃا بہ اهڙا لاک لڳل آهن، جيڪي
هزارين بيگناه ماڻهن جي آزاديءَ جي رستن کي بند ڪن ٿا. بيگناه قيد ٿيل ماڻهن جي حالت،
انهن جي جدوجهد، انهن جي سڏ ٻڌڻ کان محروم سماج، ۽ انهن جي زندگين جي تباهي اڄ بہ عالمي
انساني ضمير لاءِ هڪ وڏو سوال بڻيل آهي. دنيا جي هر خطي ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي
نہ رڳو
غلط فيصلا، نا مڪمل جاچ، ڪمزور وڪالت، پوليس تشدد، گهريلو اثر رسوخ، سياسي مداخلت يا
عدالتي ناانصافين سبب قيد ٿي وڃن ٿا، پر انهن مان اڪثر اهڙا بہ آهن
جن جو پنهنجو آواز ئي سماج تائين نہ ٿو پهچي. انهن جي گمنامي،
انهن جي خاموشي، ۽ انهن جي برباد ٿيل زندگيون نہ رڳو انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ
جو ثبوت آهن، پر اهو سماجي نظام جي خرابين ۽ قانوني ڍانچي جي خامين جو واضع اظهار بہ آهن.
بيگناه قيد ٿيل ماڻهن جي حالت تي ڳالهائڻ وقت سڀ
کان پهرين جيڪا ڳالهہ
سامهون
اچي ٿي، اها آهي گمنامي—اهڙو سماجي ۽ ادارياتي پردو، جيڪو انهن ماڻهن کي انهن جي اصلي
سڃاڻپ، سماجي قدر ۽ انساني احترام کان محروم ڪري ڇڏيندو آهي. جڏهن ڪو ماڻهو بيگناه
هوندي بہ قيد
ٿي وڃي ٿو، تہ
سماج
جو پهريون ردعمل شڪ، اڻڄاڻائي ۽ خوف تي ٻڌل هوندو آهي. گهڻا ماڻهو سمجهن ٿا تہ جيڪڏهن
ڪو ماڻهو قيد ۾ آهي تہ
ضرور
ڪا غلطي ڪئي هوندي. اهڙي سوچ، جيڪا شڪ تي ٻڌل آهي، بيگناه ماڻهن کي وڌيڪ خاموش ۽ لاچار
بڻائي ڇڏيندي آهي. اهڙا ماڻهو پنهنجي آزاديءَ کان محروم تہ ٿيندا
ئي آهن، پر گڏوگڏ پنهنجي سڃاڻپ، عزت، اقتصادي استحڪام، سماجي رشتن، ۽ نفسياتي سلامتي
کان بہ محروم
ٿي وڃن ٿا.
بيگناه قيد جي تصور کي سمجهڻ لاءِ اها حقيقت بہ ذهن
۾ رکڻ ضروري آهي تہ
عالمي
سطح تي ڪيتريون ئي تحقيقون ثابت ڪري چڪيون آهن تہ پوليس جا دٻاءُ، سياسي
اثر، نا اهل جاچ ٽيمون، جعلي شاهد، جبري اعتراف، وڪيلن جي گهٽتائي، ۽ ڪورٽن جو ڪمزور
نظام هزارين ماڻهن کي اهڙا ڏوھ بہ مڙهي ٿو، جيڪي انهن ڪونہ ڪيا
هوندا. ان کان بہ
وڌيڪ
خطرناڪ ڳالهہ
اها
آهي تہ عام
طور تي اهي ماڻهو جيڪي مالي، سماجي، يا سياسي طور ڪمزور هجن ٿا، اهي اهڙين ناانصافين
جو آسانيءَ سان شڪار ٿيندا آهن. انهن وٽ نہ تہ طاقت
هوندي آهي، نہ
اثر
رسوخ، نہ قانوني
ڄاڻ، نہ ئي
وسيلا، جيڪي انهن کي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ ۾ مدد ڏين.
قيد خانا، جيڪي قانوني سزا لاءِ ٺاهيا ويا هئا،
ڪيترن ئي ملڪن ۾ ظلم، بدانتظامي، ۽ انساني حقن جي شديد ڀڃڪڙيءَ جا مرڪز بڻجي چڪا آهن.
جتي اصل ڏوھاري بہ
سڌري
نہ ٿا
سگهن، اتي بيگناه ماڻهو نفسياتي طور تباه ٿي وڃن ٿا. انهن لاءِ قيد جو هر ڏينهن رڳو
وقت جو گذرڻ نہ
هوندو
آهي، پر اها نفسياتي اذيت، خوف، پريشاني، ۽ پنهنجي قسمت سان جنگ جو وقت هوندو آهي.
ڪيترائي ماڻهو قيد جي دوران ئي مايوسيءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا، ڪيترائي ذهني بيمارين
۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا، ۽ ڪيترائي تہ پنهنجي زندگيءَ کان تنگ
اچي خطرو مول وٺندا آهن. سڀ کان وڌيڪ دردناڪ ڳالهہ اها آهي تہ انهن
جي خاموشيءَ کي ڪو ٻڌڻ وارو ناهي. انهن وٽ نہ قلم آهي، نہ آواز،
نہ رسائي،
نہ سماج—صرف
بند دروازن جي پويان گذرندڙ زندگيون آهن.
بيگناه قيد ٿيل ماڻهن جي خاموشيءَ جو هڪ وڏو سبب
سماجي بي حسي آهي. سماج هميشہ جلد فيصلو ڪرڻ جو عادي
هوندو آهي: خبر پئي تہ
ڪو
ماڻهو گرفتار ٿيو تہ
فوري
طور اهو تصور ڪيو ويندو آهي تہ اهو شخص غير قانوني سرگرمي
۾ ملوث هو. اهڙي سوچ متاثرن کي نہ رڳو سماجي سهڪار کان محروم
ڪري ڇڏيندي آهي، پر انهن جي خاندانن کي بہ ذليل، لاچار ۽ معاشي بحران
۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي. ڪيترين عورتن جا مڙس، ڪيترن ٻارن جا پيءُ، ۽ ڪيترن گهرن جا
ڪفيل بيگناه قيد ۾ آهن، ۽ انهن جي غير موجودگيءَ سبب پوري خاندان جي زندگي جنگ بڻجي
وڃي ٿي. جيڪڏهن ڪو خاندان غريب آهي، تہ انهن وٽ وڪيل ڪرڻ جا پيسا
ناهن. جيڪڏهن خاندان اڻ پڙهيل آهي، تہ انهن کي قانوني نظام سمجهہ ۾ بہ نہ ٿو
اچي. نتيجي ۾، بيگناه ماڻهو سالن جا سال قيد ۾ گذارين ٿا، ڪڏهن ڪڏهن تہ اهڙا
ماڻهو بہ 20–30 سال قيد ۾ رکيا
وڃن ٿا، ۽ جڏهن بيگناهي ثابت ٿئي ٿي تہ انهن جي زندگيءَ جو قيمتي
وقت اڳ ئي ختم ٿي چڪو هوندو آهي.
قانوني نظام جي خامين سبب بيگناه ماڻهن جو جيلن
۾ وڌندڙ تعداد عالمي سطح تي هڪ خوفناڪ حقيقت بڻجي چڪو آهي. اهڙين ڪيسن ۾ گهڻا ماڻهو
ابتدائي مرحلي تي ئي انصاف نہ ملي سگهڻ جي ڪري زندگي
جو وڏو حصو ضايع ڪري ڇڏيندا آهن. ڪجهہ ملڪن ۾ تہ اهڙن
ماڻهن لاءِ ڪو لائيو سسٽم بہ موجود نہ آهي،
جنهن تحت انهن جي قيد جو جائزو ورتو وڃي. يورپ ۽ مغربي ملڪن ۾ ”غلط سزا“ کي ڏسندي compensation
systems موجود آهن، پر ڏاکڻي ايشيا، آفريڪا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ
آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ بيگناه ماڻهن کي نہ رڳو انصاف دير سان ملي
ٿو، پر انهن کي ڪنهن قسم جي مالي يا سماجي سهڪار بہ نٿو ڏنو وڃي. نتيجي ۾ اهڙا
ماڻهو آزادي کان پوءِ بہ
”سزا“ ڀوڳيندا رهن ٿا: سماج جي
شڪ ڪندڙ نگاهون، روزگار نہ
ملڻ،
خاندانن جو بگڙيل مستقبل، ۽ نفسياتي دٻاءُ سڄي زندگي انهن جي پيرن سان ڳنڍجي وڃي ٿو.
بيگناه قيد ٿيل ماڻهن جي گمناميءَ جو هڪ ٻيو وڏو
سبب ميڊيا جي نظراندازي آهي. ميڊيا گهڻو ڪري وڏن ڪيسن کي اجاگر ڪري ٿي، پر عام، غريب،
بي وس ۽ غير سياسي ماڻهن جي ڪهاڻين کي ڪوبہ ٻڌڻ وارو ناهي. اهڙن ماڻهن
کي خبرن ۾ جاءِ نہ
ملندي
آهي، انهن لاءِ ڪو تحقيقي پروگرام نہ ٺاهيو ويندو آهي، ۽ نہ ئي
سول سوسائٽي انهن جي ڪيسن کي سنجيدگيءَ سان وٺندي آهي. نتيجي ۾، بيگناه ماڻهن جي سڄي
جدوجهد ڪنهن لائبريريءَ جي بند فائيل ۾ دٻجي وڃي ٿي، ۽ انهن جون زندگيون غائب ٿي وڃن
ٿيون.
جڏهن بيگناه ماڻهن کي آواز نٿو ملي، تہ اهي
رڳو قانوني طور نہ، پر
انساني طور بہ
”موجود نہ“ سمجهيا وڃن ٿا. انهن جي
تقدير ٻين ماڻهن جي هٿن ۾ هوندي آهي، ۽ اهي پاڻ پنهنجي زندگيءَ بابت ڪو فيصلو نٿا ڪري
سگهن. هڪ طرف قيد جي ديوارن اندر انهن جي زندگي بند هوندي آهي، ٻئي طرف سماج جي اڻڄاڻائي
۽ بي حسي انهن کي مڪمل طور ”غائب انسان“ بڻائي ڇڏيندي آهي.
بيگناه ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ جدوجهد
ڪندڙ ادارا ڪم ڪن ٿا، پر انهن جو دائرو محدود آهي. اهي ادارا گهڻو ڪري انهن ڪيسن تي
ڌيان ڏيندا آهن جيڪي ميڊيا ۾ اچي وڃن يا جن ۾ واضح بدعنواني ثابت ٿي وڃي. پر انهن هزارين
ماڻهن جا ڪيس جيڪي ڪنهن وڪيل تائين بہ نہ ٿا
پهچن، انهن ۾ اميد تمام گهٽ هوندي آهي. انهن لاءِ ڪا NGO،
ڪو صحافي، ڪو وڪيل، يا ڪو سياسي اڳواڻ ڪم نٿو ڪري. اهي پنهنجون زندگيون خاموشيءَ ۾
گذارين ٿا، ۽ انهن جو درد ڪنهن جي دل تائين نہ ٿو پهچي.
انساني حقن جي عالمي دستاويزن ۾ واضح طور لکيل آهي
تہ هر
انسان کي آزادي، انصاف ۽ قانوني تحفظ جو حق حاصل آهي. پر جيڪڏهن دنيا ۾ موجود قيد خانن
جي حقيقي حالت ڏسجي، تہ
اهو
صاف نظر اچي ٿو تہ
اهي
اصول رڳو ڪتابن تائين محدود آهن. ڪيترن ئي ملڪن ۾ پوليس ماڻهن کي بنا ثبوت گرفتار ڪري
ٿي، تشدد ذريعي اعتراف ڪرائي ٿي، ۽ جعلي رپورٽون تيار ڪرايون وڃن ٿيون. انهن حالتن
۾ هڪ غريب شخص جنهن وٽ قانوني مدد جو ڪو وسيلي ناهي، اهو ڪيئن پنهنجي بيگناهي ثابت
ڪري سگهي ٿو؟
بيگناه ماڻهن جي حالت بدلائڻ لاءِ سڀ کان پهرين
ضرورت آهي قانوني اصلاحات جي، شفاف جاچ سسٽم جي، آزاد عدليہ جي،
موثر وڪالت جي، ۽ سماجي شعور جي. جڏھن تائين سماج پاڻ بيگناه ماڻهن لاءِ آواز نہ اٿاريندو،
تڏھن تائين انهن ماڻهن جي زندگين ۾ ڪو بہ مثبت تبديلي نہ ايندي.
بيگناه ماڻهن کي گمناميءَ مان ٻاهر آڻڻ، انهن جي ڪيسن کي اجاگر ڪرڻ، ۽ انهن کي سماجي
سهڪار ڏيڻ هڪ اخلاقي ذميواري آهي. انهن ماڻهن جي زندگيون رڳو انگ گڻ جيان نہ آهن،
پر اهي انساني جذبن، اميدن ۽ خوابن سان ڀريل حقيقي زندگيون آهن.
اسان کي اهو بہ سمجهڻ گهرجي تہ بيگناه
انسان جي هڪ ڏينهن جي قيد بہ وڏي ناانصافي آهي. هڪ غلط
سزا نہ صرف
هڪ انسان کي تباه ڪري ٿي، پر ان جو سڄو خاندان، سڄو مستقبل، ۽ سڄي زندگي ان جي اثر
هيٺ اچي وڃي ٿي. دنيا ۾ اهڙن هزارين مثال ملي سگهن ٿا جتي ماڻهو سالن جا سال قيد ۾
رهيا، ۽ جڏهن بيگناهي ثابت ٿي تہ اهي پنهنجي جواني، پنهنجو
مستقبل، پنهنجون خواهشون ۽ پنهنجا خواب وڃائي چڪا هئا. انهن لاءِ آزاديءَ جو مطلب رڳو
ٻاهر نڪرڻ ناهي، پر هڪ ٽٽي پئي زندگيءَ کي ٻيهر ٺاهڻ آهي—۽ اها جنگ قيد کان وڌيڪ مشڪل
هوندي آهي.
آخر ۾، بيگناه قيد ٿيل ماڻهن جي درد کي صرف تڏهن
گهٽائي سگهجي ٿو جڏهن سماج، رياست، عدالتون، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، ميڊيا، ۽ انساني
حقن جا ادارا گڏجي هڪ موثر نظام قائم ڪن. اهڙو نظام جيڪو هر انسان کي برابر سمجهي،
هر ڪيس جو شفاف جائزو وٺي، هر الزام جي پٺيان موجود حقيقت کي پرکي، ۽ هر بيگناه انسان
کي گمنامي ۽ خاموشيءَ جي قيد مان آزاد ڪري. جڏھن بيگناه ماڻهن جو آواز سماج تائين پهچندو،
تڏھن ئي انصاف سچو بڻبو. ۽ هڪ سماج تڏھن ئي مهذب چئي سگهجي ٿو، جڏھن ان جا سڀ کان ڪمزور،
گمنام ۽ بي آواز ماڻهو بہ
محفوظ،
عزت وارو ۽ مساوي حقن سان جيئڻ جو موقعو حاصل ڪن.

