سنڌو تهذيب جي قدامت جا شاهد ـ آزاد ابوبڪر ڇٽو

سنڌ جي تاريخ تمام قديم زماني کان سرسبز، شاداب ۽ خوشحال رهي آهي، سنڌ جي سياسي تاريخ ۽ جاگرافي بہ نهايت اهم آهي، پر هنن تي ڪو اهم ڪم گهٽ ٿيو آهي سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتابن ۾ ان قسم جو مواد گهٽ ٿو ملي پر اسان کي سنڌ جي تاريخ لکڻ لاءِ سنڌ جي دڙن ۽ سنڌ ۾آيل سياحن جي سفرنامن مان سٺي مدت ملي آھي. ھنن جي آڌار تي سنڌ جي تاريخ لکڻ ۾ ڪجهہ آساني ٿي آهي.

ڏيهي عالمن کان سواءِ پرڏيهي اڪثر دانشور بہ هن ڳالھ تي متفق آهن تہ سنڌو تهذيب قديم آهي دنيا جي ٻي ڪابہ تهذيب سنڌو تهذيب جي همعصر هجڻ جي هام نہ ٿي هڻي، ائين کڻي چئجي تہ دنيا جون ٻيون تهذيبون سنڌو تهذيب جي آڏو ٻارهن سالن جو ڪو ٻار هجي، ڪجهہ عالمن جو خيال آهي تہ سميري تهذيب دنيا جي آڳاٽي تهذيب آهي، پر هن بابت گهڻن محققن جو چوڻ آهي تہ سمير جا ماڻهو اصل سنڌو ماٿري جا رهاڪو هئا سندن روءِ بہ سنڌي ماڻهن سان ملندڙ آهي پوءِ هنن هجرت ڪري موجودہ عراق ۾پهتا، جتي هنن انساني تاريخ جي وڏي تهذيب جو بڻياد وڌو، سنڌ جو مکيہ ۽ مرڪزي شهر جنهن کي هاڻي مئن جو دڙو چئون ٿا ان مان جيڪي حقيقتون سامهون آيون آهن. ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ پنجٽيهہ سئو قبل مسيح ۾جڏهن سمير جا ماڻهو ڳوٺ، شهر آباد ڪري رهيا هئا تن ڏينهن ۾ سنڌ ۾پهريون ڀيرو ڪپھ جي پوک ٿي، ان مان ڌاڳو ٺاهيو ويو، ان ريت سنڌ ۾دنيا جو پهريون صنعتي انقلاب آيو.

سنڌو تهذيب جو پهريون وڏو ۽ معتبر شاهد، مئن جو دڙو، آهي جيڪو اڄ کان ڇھ ست هزار سال اڳ هڪ آباد ۽ وسندو شهر هو دنيا ۾اسان کي سنڌي هجڻ جو تعارف بہ مئن جي دڙي، سنڌي ٻوليءَ ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي ڏياريو، سنڌ ۾ مئن جي دڙي جا ٻيا ماڳ جن ۾ چانهيون جو دڙو (نوابشاه ۽سڪرنڊ جي وچ تي) لوهم جو دڙو (پاٽ ضلعو دادو) لاکي پير جو دڙو (سيوهڻ) وغيرہ سنڌو تهذيب جي قديم هجڻ جا شاهد آهن.

ڪتابن ۾اچي ٿو تہ حضرت سليمان عليہ السلام لاءِ سنڌ مان مشڪ، عنبر، مور، گينڊا، سون وغيرہ جا ٻيڙا ڀرجي بيت المقدس پهچندا هئا، جڏهن تہ آصف بن برخيا حضرت سليمان عليہ السلام جو مشهور وزير هو، جنهن جو تعلق سنڌ سان هو، حضرت سليمان عليہ السلام هن جي هر راءِ تي ويساه رکندو هو، قديم زماني جي هي ڳالهہ بہ سنڌو تهذيب جي قدامت جي شاهد آهي.

مصر سان سنڌ جا قديم زماني کان تجارتي لاڳاپا رهيا آهن، مصر کي سنڌ جي ڪپڙي ۽ ٻين شين جو گهڻو کپ هو، مصر جا فرعون پاڻ کي سپرپاور ليکيندا هئا سڄي دنيا تي انهن جو دٻدٻو هو پر سنڌ ملڪ جي ماڻهن سان احترام طور پيش ايندا هئا، سنڌي ماڻهو ٻين شين کان علاوہ مور پکي کين سوکڙيءَ طور ڏيندا هئا. سنڌين جي هن سوکڙيءَ کان مصر جا فرعون ڏاڍا سرها ٿيندا هئا، هي بيان بہ سنڌو تهذيب جي قدامت جو شاهد بيهي ٿو. ڪنھن پروگرام ۾ مقالو پڙهندي چيو هئم تہ، ڪتاب لکن ٿا تہ ڪڻڪ سڀ کان اڳ سنڌ ۾ پوکي وئي، ان تي ڪن اعتراض ڪندي چيو تہ ڪڻڪ سڀ کان اڳ حضرت آدم عليہ السلام پوکي، پوءِ مون انهن کي پنهنجو رايو ڏيندي چيو تہ پهرين ڳالهہ تہ سنڌ جا ڪجهہ نامور اديب ان ڳالھ تي متفق آهن تہ حضرت آدم عليہ السلام کي جڏهن جنت مان ڪڍيو ويو تہ پوءِ ان کي سنڌ ڌرتيءَ تي لاٿو ويو پوءِ ٿي سگهي ٿو تہ حضرت آدم عليہ السلام ئي ڪڻڪ جي پوک سنڌ ۾ ڪئي هجي، ٻي ڳالهہ تہ طوفان نوح کان پوءِ سڄي دنيا جو نظام متاثر ٿيو ڪاشيءَ نہ بچي پوءِ جڏهن پاڻي سڪو، ٺاپر ٿي ڌرتيءَ تي مختلف قسمن جا ٻوٽا پيدا ٿيا، پوءِ سنڌي ئي واحد ماڻهو هئا جن ڪڻڪ جي ٻوٽي کي سڃاتو، ان جو ٻج جمع ڪيو، ۽ پوءِ ان کي پوکيو، قبل مسيح جي هي ڳالهہ ٻن ڳالهين جي گواه آهي، هڪ تہ سنڌي جا ماڻهو زراعت جا بہ ماهر هئا ٻيو سنڌ جي قديم تهذيب جي شاهدي ڏي ٿي.


Previous Post Next Post