پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي خدمتن جو جائزو ـ خالد 'ساحل' ڪيريو

پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري تعلقي موري جي ڳوٺ موسيٰ زرداري، ديھ لُنڊڪيءَ ۾ احمد خان زنگاڻي زرداريءَ جي گهر ۾ 23 آگسٽ 1943ع تي جنم ورتو. بنيادي تعليم مڪراري مان حاصل ڪري 1966ع ۾ مهراڻ آرٽ ڪاليج موري مان انٽر، 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيٽ، 1970ع ۾ ايم اي سياست، 1975ع ۾ ايل ايل بي، جڏهن تہ 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ موضوع تي پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪري 1985ع کان 1996ع تائين مهراڻ ڊگري ڪاليج موري ۾ پروفيسر طور تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. ھن 1994ع ۾ وزرات تعليم حڪومت پاڪستان يونيسڪو ڪميشن اسلام آباد ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل کان سواءِ بلال انسٽيٽيوٽ فارهسٽري ۽ ريسرچ جي ڊائريڪٽر جنرل، مهراڻ ڊگري ڪاليج موري جي پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏئي 2003ع ۾ بطور پرنسپال جي حيثيت سان ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاه مان رٽائر ٿيو.

بحيثيت محقق ۽ مؤرخ :

ڊاڪٽر محمد لائق زرداري سنڌ جو هڪ اهڙو نامور محقق ۽ تاريخدان هو، جنهن سنڌي ادب، ٻوليءَ تاريخ، سياست ۽ ٻين مختلف موضوعن تي تحقيقي ڪم ۽ کوجنا ۾ گذاريو. سندن ڪن مکيہ تحقيقي مقالن ۽ تاريخي مضمونن ۾ ”پاڪستان کان اڳ جون اخبارون“، ”حُر تحريڪ“، ”ميان غلام شاه ڪلهوڙو حاڪم سنڌ“، ”جيڪب آباد جي مختصر سياسي تاريخ“، ”مخدوم محمد دائود رح“، ”سنڌ جي خود مختياري لاءِ ڪلهوڙن جي جدوجهد“، ”مورو ناهي ٿورو“، ”قرارداد لاهور ۽ سنڌ“، ”سنڌ ۾ سرڪاري ڪتب خانا“، ”قرارداد پاڪستان 23 مارچ“، ”خلافت تحريڪ ۾ سنڌ جو ڪردار“، ”نواب شاه خان بينظيرآباد تائين (تاريخي ۽ ثقافتي نظر ۾)“، ”سنڌ ۾ جاگيردار ۽ لوٽا ڪريسي“، ”تحريڪ پاڪستان ۾ موري جو حصو“ ۽ ٻيا مقالا شامل آهن. انھن مقالن ۾ ھن ٻوليءَ جي نفاست ۽ سلاست سان گڏ ڪيترن ئي پاسن کان نئين معلومات ۽ تاريخي حقيقتون سامهون آنديون آهن. ھن پنھنجي مختلف مقالن ۽ تاريخي مضمونن ۾ آيل غلط ۽ اختلافي لکيل ڳالهين ۽ واقعن جي نشاندهي ۽ درستگي ڪئي آهي. ان مقصد ھيٺ ھن ڪجھ ڪتابن سان اختلافي مضمون بہ لکيا. سندن ڇپيل سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبان ۾ مقالن جو تعداد بہ چڱو خاصو آهي، جيڪي وقت بہ وقت نئين زندگي رسالي، ٽماهي مهراڻ، ڇهہ ماهي بلاول تحقيقي جرنل ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۽ مخزنن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. سندن تحقيقي معيار کي سنڌ جي عالمن ۾ اڄ بہ قدر جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو.

ڊاڪٽر محمد لائق جي تصنيف ٿيل ڪتابن ۾، سنڌ جي سياسي جدوجهد 1983ع، تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو 1984ع، واليءَ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو (مرتب) 1991ع، غدار سنڌ (اردو ۾) 1993ع، هسٽري آف سنڌ (واليم 1 انگريزي ۾) 1996ع، لنڊڪيءَ کان لنڊن تائين (سفرنامو) 1996ع، مجذوب حافظ علي مراد (سوانح حيات ۽ تعليمات) 1996ع، تاريخ ضلعو نواب شاه 2001ع، هسٽري آف سنڌ (واليم 2 انگريزي) 2004ع، ڪيم روح رهاڻ (آتم ڪٿا) 2007ع، وائس آف ساليٽيوڊ (انگريزي ترجمو) محنتي ۽ مانائتو ماڻهو، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري بابت سنڌي عالمن، اديبن ۽ محققن جا مقالا ۽ مضمون (مرتب) حاڪم علي زرداري ۽ وزير فرهاد سولنگي 2013ع، موري جا مڻيادار ماڻهو 2016ع، تاريخ جا ورق، ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جا لکيل مضمون ۽ مقالا (مرتب) نذير احمد زرداري 2016ع، ۽ آب بيتي (اردو ترجمو) دل ڪي باتين قابل ذڪرآهن.

ڊاڪٽر محمد لائق هڪ نامور تاريخدان طور تحقيقي ادب ۾ وڏو نانءُ ٺاهيو. پاڻ ڪيترن ئي عرصي تائين (تاريخ ضلعو نواب شاه) لکي ضلعي نوابشاه ۽ نوشهروفيروز سان گڏ سنڌ جي تاريخ ۾ اهم اضافو ڪيو.  ڊاڪٽر محمد لائق زرداري هڪ محقق طور سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ پنهنجي صلاحيتن آهر تحقيق ۾ منزل ماڻي انهن بلندين تي پهتو، جنهن لاءِ هر انسان ڪوشان هوندو آهي. سندس علمي ۽ عملي تحقيقي ڪم انتهائي نرالو ۽ صحتمند تحقيقي بحثن جا دروازا کوليندڙ آهي. ماٺ ۾ رهڻ ۽ خاموش طبيعت سان گذارڻ سان گڏ پاڻ هميشہ زبان بدران قلم کي ڪم آندو. غدار سنڌ ۽ تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو، سندن اهڙا پر مغز مقالا آهن، جنهن ۾ ڪيترين ئي حقيقتن تان پردو کڻڻ سان گڏ نئين معلومات جي فراهمي، مواد جي دلڪش ترتيب بہ آھي. تاريخ متعلق شايع ٿيل سندن ڪتاب سنڌ جي فڪري اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سندن ڪتابن ۾ سنڌ جي ماضيءَ جي تاريخ جون حقيقتون صاف ۽ شفاف نموني جرڪي رهيون آهن. ھن سائنٽيفڪ اصولن تي مطالعي جي ذريعي حقيقت کي ڳولڻ ۽ زير بحث مسئلي جي ھر پھلو تي گھري نظر سان سڀني ڳالهين کان واقف ٿي تحقيق ڪئي آھي. ھن ڪنھن ادبي يا تاريخي ڪارنامي جي جاچ پڙتال ڪري ان جي تاريخي حيثيت، بناوت ۽ خاصيتن تي بہ بحث ڪيا آهن.

ڊاڪٽر محمد لائق زرداري 1987ع ۾ ذاتي ڪوششن سان ڪلھوڙا خاندان جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي بابت ھڪ ڏينھن وارو نيشنل سيمينار منعقد ڪرايو، جنھن جي صدارت ان وقت جي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي ڪئي. ھن سيمينار ۾ جن نامور محققن ۽ مؤرخن پنھنجا مقالا پيش ڪيا، تن کي ڊاڪٽر صاحب ترتيب ڏئي والي سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو جي نالي سان ڪتاب ڇپايو. پاڻ 1994ع ۾ ھڪ انٽرنيشنل سيمينار (ڪلھوڙا دور حڪومت) منعقد ڪرائي پاڪستان، ھندوستان، ايران، آمريڪا، برطانيہ ۽ ٻين ملڪن کان بہ تاريخ نويسن جي شرڪت ڪرائي مقالا پيش ڪرايا.

ـ 2013ع تائين بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نواب شاه ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور خدمتون سرانجام ڏئي رٽائر ٿيو. هن اداري پارن تحقيقي ڪم خاص طور سنڌ جي لڪيل پاسن کي منظر عام تي آڻڻ سان گڏ برک عالمن ۽ تاريخدانن کان تاريخ جي موضوع تي تحقيقي مقالا لکرائي نئين تاريخي معلومات فراهم ڪئي. ھن ڇهہ ماهي بلاول تحقيقي جرنل جي شماري سان گڏ اداري پاران مفيد ۽ اهم ڪتاب پڻ ڇپايا. ان کان علاوہ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ پرنسپال جي حيثيت ۾ مھراڻ ميگزين جا ٻہ پرچا ڇپرايا. پاڻ تحقيق، تاريخ ۽ سنڌي سوانحي ادب جي ترقيءَ ۾ جن ڪتابن جو اضافو ڪيو، تن مان ڪجھ ڪتابن جو مختصر جائزو ھيٺ پيش ڪجي ٿو.

سنڌ جي سياسي جدوجھد (1983ع):

ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جو ھي ڪتاب سنڌ جي مختصر سياسي جدوجھد جي تاريخ تي تحقيق آهي. ھن ڪتاب ۾ برطانوي دور ۾ سنڌ جي مسلمانن جي مذھبي، سياسي ۽ سماجي جدوجهد جي تاريخ، ڏنل قربانين، ڪيل جدوجهد، ڪوششن ۽ ڪاميابين وارين تاريخي حقيقتن تان پردو کنيو آهي. ڪتاب ۾ پنج باب ۽ ضميما شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب ھن ڪتاب ۾ سنڌ جو تاريخي پسمنظر، انگريزن جو سنڌ ۾ اچڻ، سنڌ جي ميرن ۽ انھن جي نظام حڪومتن، انگريزن جي سنڌ جي قبضي، 1957ع جي جنگ آزادي، سنڌ جي صورتحال، جنگ ۽ انقلابن جي جدوجھد، منصوبن ۽ سببن، ھندستان جي پھرين مارشلا، خلافت تحريڪ، الوحيد اخبار جي اجراء، عالمن جي فتوائن، مختلف ڪانفرنسن، خلافت جي خاتمي، سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگي ۽ آزاديءَ جي مسلمان اڳواڻن جي قربانين، جدوجھد ۽ قيد و بند جي تلخ حقيقتن کي بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي تاريخي واقعن، اقتصادي ۽ سماجي حالتن کي سچائيءَ سان بيان ڪري نئين معلومات فراهم ڪئي آھي.

لنڊڪيءَ کان لنڊن تائين (1996ع):

پروفيسر ڊاڪٽر محمدلائق زرداري جي سفرنامي جو هيءُ ڪتاب ”لنڊڪيءَ کان لنڊن تائين“ حسين يادن، حقيقي حالتن ۽ دلپذير حادثن جو مجموعو آهي، جيڪي لنڊن جي مسافريءَ تي اسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. هي سفرنامو لنڊن جي سير دوران مختلف مقامات، جهڙوڪ: لنڊن، استنبول ايئرپورٽ، بسن، فوٽ پاٿ، جاين، انڊيا آفيس لائبريري، لنڊن ميوزم، لنڊن جي ديسي هوٽلن، شاگردن، مختلف شخصيتن سان ملاقاتن، لائبريريءَ ۾ مواد، انڊرگرائونڊ ريلوي، دعوتن، دوڪانداريءَ، آڪسفورڊ اسٽريٽ، هيرامنڊيءَ ريجنٽس پارڪ، پاڪستاني سفارت خاني ۽ ٻين ڪيترن ئي ھنڌن بابت معلومات فراهم ڪري ٿو. ھن ڪتاب مان لنڊن بابت ٻي ڪائي معلومات پڻ ملي ٿي. ھن ڪيترن ئي ماڻهن جو هڪ مخصوص انداز ۾ بيان ڪيو آھي. لنڊن جي مختلف اهم جاين جو ذڪر ڪندي ڄڻ انهن جو سير ڪرائي ٿو. ھن پنهنجي سفر جا تفصيل، زبان ۽ بيان ۾ وڻندڙ نموني پيش ڪيا آهن. هن ڪتاب جي بهاني اهي سموريون ڳالهيون نہ رڳو محفوظ ٿيون آهن، پر ليکڪ ان حوالي سان معلومات فراهم ڪري پڙهندڙن لاءِ رهنمائي پڻ ڏني آهي. انڊيا آفيس لئبريريءَ متعلق لکي ٿو تہ: لئبريريءَ ۾ نهايت ئي قديم ڪتاب ۽ قلمي نسخن، ڇپيل اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ تقريباً ارڙهن ملين ڪتاب آهن. هر ملڪ جو ادب، تاريخ، جاگرافي ۽ ٻيا سماجي علم سان وابستا ڪتاب هن ميوزم ۾ رکيل آهن. پنجهٽ هراز قلمي نسخا، نو لک ڪتاب، هڪ لک ويھ هزار رسالا ۽ اخبارون ٻين ملڪن جون پراڻيون رکيل آهن، جيڪي دنيا جي اٽڪل ساڍا ٽي سو ٻولين ۾ آهن.“

ڊاڪٽر صاحب لنڊن ۾ مسافريءَ جي منزلن، مقصدن ۽ پس منظرن سميت هر انهيءَ چرپر ۽ سرگرميءَ جو وچور ڏنو آهي، جيڪا اجتماعي فائدي ۽ گهڻ پاسائين معلومات جي حوالي سان مختلف ترجيحون رکندڙ آهي. انگريزن جي ڌوڪيبازيءَ ۽ اسان جي غدارن متعلق تاريخي ڄاڻ ڏيندي، هڪ هنڌ لکي ٿو تہ: انگريزن نوابن ۽ رياستن جي حڪمرانن جي خاندان کي پاڻ ۾ ويڙهائي ان مان هڪ جي مدد ڪري ٻئي کي تخت تان لاهي نئين حڪمران سان معاهدا ڪندا رهيا. سنڌ جي ميرن سان ساڳي حالت ڪيائون. غدار پيدا ڪرڻ، انگريزن لاءِ کاٻي هٿ جو کيل آهي، جن انگريز سرڪار جا هٿ مضبوط ڪيا، انهن کي جاگيرون، خطاب جهڙوڪ: خان صاحب، خان بهادر، راءِ بهادر جا خطاب ڏنا ويا. خطاب سان گڏ زمينن جا پروانا کين ڏنا ويا.“

ڊاڪٽر صاحب جو هي سفرنامو معلوماتي نوعيت جو آهي. ڪتاب جي ٻولي بنهہ سادي آهي. لنڊن جي مختلف رنگن ۽ روپن جو عڪس پيش ڪرڻ سان گڏ مختلف جاين جو ذڪر تصويرون ۽ عجائبات بہ ڏنا اٿس. هي ڪتاب سنڌ هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي مورو پاران 1996ع ۾ شايع ٿيو. ھن ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن 2012ع ۾ پڻ ڇپايو ويو آهي.

ڪيم روح رهاڻ (2007ع):

ڪيم روح رهاڻ، پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي آتم ڪٿا جو ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ ھسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي موري طرفان 2007ع ۾ شايع ٿيو. ھن ڪتاب جو اردو ترجمو ”آپ بيتي دل ڪي باتين“ ۽ انگريزي ترجمو ”وائيس آف ساليٽيوڊ“ 2011ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. ساڳئي وقت ھن ڪتاب جو سگھڙ رحمت الله عباسي بہ منظوم سنڌي ترجمو ڪيو آھي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري سان زندگيءَ ۾ جيڪا جدوجهد، تڪليفون، ڪاميابيون، پريشانيون پلئہ پيون آهن، راهن ۾ جيڪي رنڊڪون بڻيون آهن، اهي سڀ هن آتم ڪٿا جي هر ورق ۾ موجود آهن. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هن آتم ڪٿا ۾ دل کولي سڀ ڪجھ لکيو آهي. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪي ڪجھ ڏٺو، سندس آس پاس جيڪو ڪجھ وهيو واپريو، دوستن، همدردن جو ذڪر، زندگيءَ جي تلغ تجربن، پنهنجي دور جي آس پاس جي سياسي ۽ سماجي حالتن سان گڏ زماني جي تهذيبي، تاريخي ۽ ثقافتي جهلڪ پڻ بيان ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب پي ايڇ ڊي ڊگريءَ جي مواد لاءِ ڪيل سفر ۾ سائين جي ايم سيد سان ملاقات ۽ مواد جي فراهمي ۽ تعاون بابت لکي ٿو تہ: شام جو سائين جي ايم سيد مون کي چار ڪتاب مطالعي لاءِ ڏنا. رات جو بجلي ڪانہ هئي. صبح جو نيرن ۽ رات جي ماني اسان گڏ کائيندا هئاسين. مون لڳاتار ڏيڍ مهينو سائين سان گڏ گذاريو. سائين وٽان پنهنجو گهربل مواد حاصل ڪيم ۽ رات جو سائين سان بحث ڪري خوب ڪچهريون ڪيم ۽ پوءِ موڪلائي سائين جي مهمانوازيءَ جا ٿورا ادا ڪيم.

ڊاڪٽر محمد  لائق زرداري گهڻو عرصو پڙهائي ۽ نوڪريءَ سان نڀايو آهي، جنهن دوران وڏي اوکي پر ڪامياب محنت سان جن مختلف مرحلن مان گذريو آهي سي بہ سرسبتا احوال هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل آهن. هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ جن ڳالهين ۽ واقعن جو ذڪر آهي، تن ۾ پنھنجي قبيلي جي سماجي پس منظر، پنهنجي تعليم ۽ لاڳاپيل ڳالهين، درپيش آيل مشڪلاتن، ڪوئٽا، مڪران، جي سير تفريح جي ذڪر، نوابشاه هاءِ اسڪول، شادي، عملي زندگيءَ ۾ پهرين نوڪري، پيش آيل حادثن، ليڪچرار ٿيڻ، سجاول، ٺٽي شهر جي واقعن جو ذڪر، موري ڪاليج، ملڪ ۽ مارشل لا، سائين جي ايم سيد جي ذڪر، ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪرڻ، آصف رزداريءَ سان ملاقات، ڪتابن جي رونمائين، ايم آرڊي تحريڪ، هالا، ڪوٽڙي ڪاليجن جي يادن، حقيقتن ۽ واقعن جو ذڪر، امر جليل ۽ لنڊن ۾ دوستن جي ذڪر، بلاول انسٽيٽيوٽ، فريال ٽالپر، بينظير ڀٽو ۽ ٻين شخصيتن جي ذڪر جي عنوانن ھيٺ ڪيترن ئي يادگار لمحن ۽ يادن کي سچائيءَ سان پيش ڪيو آهي. پاڻ هن آتم ڪٿا ۾ نہ رڳو پنهنجي ڪٿا کي تحرير ڪيو آهي، پر ادب ۽ سياست تي بہ کلي دل سان پنهنجن راين کي تحرير ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب زرداري قبيلي جي تحقيقي مقالي بابت هڪ ياد کي تحرير ڪندي لکيو آهي تہ: اسلام آباد ۾ مون زرداري قبيلي جي تاريخ لکڻ لاءِ تحقيق شروع ڪئي. سنڌ مان مواد هٿ ڪري محترم يعقوب علي زرداريءَ سان تبادلئہ خيال ڪري مقالو لکي ٽہ ماهي رسالي مهراڻ ڏي موڪليو جيڪو ڇپيو. ساڳيو مقالو اردو، انگريزي زبانن ۾ اسلام آباد ۾ بہ ڇپيو. انگريزي رسالو آصف صاحب کي ڏنم، جنهن پڙهي گهڻو داد ڏنو. هڪ ڪاپي محترمہ بينظير صاحبہ جي مطالعي لاءِ موڪليم، جنهن بہ منهنجي گهڻي ساراهہ ڪئي. انهيءَ انگريزي مقالي جون هڪ هزار ڪاپيون اطلاعات کاتي پاران ڇپائي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين علم دوست ماڻهن ۾ پڻ ورهايون ويون.

هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب عمري، حج، علمي ادبي سرگرمين، استادن، دنيا جي حالاتن، تحريڪ پاڪستان، زندگيءَ جي تجربن، جاکوڙ، عزم ۽ حقيقتن کي لفظن جو روپ ڏئي سڀني کي ماضيءَ جي تصوير ڏيکاري آهي. هيءَ آتم ڪٿا ڊاڪٽر صاحب جي يادگيرين جو داستان آھي.

غدارِ سنڌ 2018ع:

ھي ڪتاب ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب ”غدارِ سندھ“ 1993ع جو سنڌي ۾ ترجمو آھي. جيڪو حاڪم علي زرداريءَ جي ڪاوشن جو نتيجو آھي. ھن ڪتاب ۾ ديس جي انھن غدارن جي ناانصافين جي نشاندھي ٿيل آھي. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ھن ڪتاب ۾ قومي غدارن جن ۾ مير علي مراد ٽالپر، مير قاسم ۽ نائون مل جي نشاندھي تاريخي حوالن سان ڪئي آھي. ھن نائون مل جي کنيل قدمن، ان وقت جي حالتن ظالم حڪمرانن، غيرن جي وفادارين، برطانيہ ۽ سنڌ جي تعلقاتن ۽ ٻين مختلف پھلوئن جو ذڪر ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ مترجم رس چس واري ٻوليءَ ۾ بھترين ترجمو ڪيو آھي. سنڌي ترجمو ٿيل تاريخي ادب ۾ ھي ڪتاب اھم اضافو آھي.

پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جيتوڻيڪ محقق ۽ مؤرخ آھي، ان ھوندي بہ سندس مقالن سان گڏ مضمون بہ ڇپيل آهن. ھن ڪيترائي تاريخي ۽ تحقيقي مضمون لکيا، جيڪي نئين زندگي، سہ ماهي مهراڻ ۽ بلاول (ڇماهي تحقيقي جرنل) جي ڪيترن ئي شمارن ۾ ڇپيا. سندس مضمونن ۾ تاريخي ڄاڻ سولي ۽ دلڪش انداز ۾ بيان ٿيل آهي. سندس مضمونن مان ”سنڌ ۾ سرڪاري ڪتب خانا“، ”قرارداد پاڪستان 23 مارچ“، ”پاڪستان کان اڳ جون اخبارون“، ”حر تحريڪ“، ”مورو ناهي ٿورو“، ”سنڌ ۾ جاگيردار ۽ لوٽا ڪريسي“، ”ميان غلام شاه ڪلهوڙو حاڪم سنڌ “ مشھور رھيا.

موري جا مڻيادار ماڻھو ( 2016ع):

ھي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ترتيب ڏئي بلاول انسٽيٽيوٽ آف ھسٽاريڪل ريسرچ نواب شاھ پاران ڇپايو آھي. ھن ڪتاب جي باب پھرين ۾ موري شھر جي معروف ثقافتي ۽ تعليمي شخصيت استاد محمد ڇتل سرھيو جي سوانح نگاري، ثقافتي ۽ تعليمي خدمتن ۽ ٻين مختلف پھلوئن تي ليکڪن جا 34 مضمون شامل آھن. باب ٻئين ۾ موري شھر جي مشاھيرن عبدالخالق ”خليق مورائي“، مولانا محمد عثمان ميمڻ، سيد علي بخش شاھ، جان محمد سرھيو، راشد مورائي، قاضي فضل الحق ۽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي سوانح، علمي ۽ ادبي خدمتن متعلق مضمون ۽ مقالا لکيل آھن. ھنن مضمون ۽ مقالان ۾ ليکڪن مٿين مشاھيرن جي علمي ۽ ادبي بسيرت ۽ ڪيل خدمتن کي پنھنجي مشاھدي ۽ علمي نقطہ نظر کان تجزيو ڪري معلومات ڏني آھي.

مجموعي طور تي ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي تحقيقي ۽ تاريخي ڪم جا لڪيل ۽ رھيل رخ وڌيڪ تڏھن نروار ٿيندا، جڏھن سندس تصنيفات تي سائنسي انداز سان تحقيق ڪري ڇنڊ ڇاڻ وسيلي نئين تحقيق جو اضافو ڪيو ويندو. پاڻ 02 جولاءِ 2017ع تي وفات ڪري ويو.


Previous Post Next Post