حسد: دل جي اونداهي ۽ ساڙو ـ حڪيم پريم چاندواڻي

انسان جي اندر هڪ اهڙو بہ احساس لڪل هوندو آهي، جيڪو نہ صرف سندس روح کي زخمي ڪري ٿو، پر سماج جي سڪون کي بہ آهستي آهستي کائي وڃي ٿو. اهو ناڪاري احساس آهي، حسد. حسد، جيڪو بظاهر هڪ معمولي جذبن مان لڳي ٿو، پر حقيقت ۾ اهو اهڙو زهر آهي، جيڪو دل جي پاڪيزگيءَ کي ڪاري داغ ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو. ۽ نيڪين کي اڏوهيءَ جيان کائي کوکلو ڪري ڇڏي ٿو۔

حسد اسان جو پيڇو ڪري ٿو،

دل تي ڪاري، ضرب هڻي ٿو.“

هي شعر انساني نفسيات جي هڪ گهري سچائيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. حسد، ڪنهن ٻئي جي خوشيءَ، ڪاميابيء يا ترقيءَ کي ڏسي پيدا ٿيندڙ اهو باطني درد آهي، جيڪو پاڻ کي بہ ساڙي ٿو ۽ ٻين لاءِ بہ نفرت جا پاڇا پيدا ڪري ٿو. جڏهن انسان پنهنجي مقابلي کي صحت مند انداز ۾ قبول ڪرڻ بدران حسد جي راه اختيار ڪري ٿو، تڏهن سندس اندر جو سڪون وڃائجي وڃي ٿو.

حسد جي سڀ کان وڏي تباهي اها آهي تہ اهو انسان کي شڪر گذاريءَ کان پري ڪري ڇڏي ٿو. جيڪو ماڻهو پنهنجي نصيب تي راضي نہ هوندو، اهو هميشہ ٻين جي خوشين ۾ پنهنجي محرومي ڏسندو رهندو. اهڙي حالت ۾، هو نہ صرف پاڻ کي اذيت ڏئي ٿو، پر ٻين لاءِ بہ دل ۾ ڪدورتون پيدا ڪري ٿو. نتيجي ۾، سماج ۾ بي اعتمادي ۽ فاصلا وڌندا وڃن ٿا.

اسان جي معاشري ۾ بہ حسد جا ڪيترائي روپ نظر اچن ٿا. ڪو ڪنهن جي ترقيءَ تي ناراض، تہ ڪو ڪنهن جي عزت ۽ مقام تي بي چين. سوشل زندگيءَ ۾ بہ ماڻهو ٻين جي خوشحال زندگي ڏسي اندر ئي اندر ساڙ کائين ٿا. پر سوال اهو آهي تہ ڇا حسد سان ڪنهن کي ڪا حقيقي خوشي ملي سگهي ٿي؟ هرگز نہ. حسد هڪ اهڙي باه آهي، جيڪو پهرين پنهنجي ئي دل کي ساڙي ٿو.

صوفي مفڪر هميشہ انسان کي دل جي صفائيءَ جي تلقين ڪندا رهيا آهن. سندن خيال آهي تہ دل کي حسد، ڪدورت ۽ نفرت کان پاڪ ڪرڻ ئي اصل روحاني ڪاميابي آهي. جڏهن انسان ٻين جي خوشين ۾ خوش ٿيڻ سکندو آهي، تڏهن ئي سندس اندر سڪون ۽ اطمينان جنم وٺندو آهي.

حسد جو علاج صرف ۽ صرف مثبت سوچ، شڪرگذاري ۽ خود احتسابي آهي. جيڪڏهن انسان پنهنجي اندر اهو شعور پيدا ڪري تہ هر ڪنهن جي قسمت الڳ آهي، هر ڪنهن جي سفر جا مرحلا مختلف آهن، تہ پوءِ حسد جي جڳهہ تي همدردي ۽ محبت پيدا ٿي سگهي ٿي. اهو احساس تہ جيڪو مون وٽ آهي، اهو بہ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي، انسان کي اندروني امن ڏئي ٿو.

اسان کي گهرجي تہ پنهنجي دل کي هڪ باغ وانگر بڻايون، جتي محبت، خلوص ۽ خيرخواهي جا گل کِلندا رهن. جيڪڏهن ان باغ ۾ حسد جي ڪنڊي پوکي ويندي، تہ اها نہ صرف ٻين کي پر پاڻ کي بہ زخمي ڪندي. تنهنڪري، دل کي صاف رکڻ، ٻين لاءِ نيڪ خواهش رکڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ تي مطمئن رهڻ ئي اصل دانائي آهي.

آخر ۾ اهو چوڻ مناسب ٿيندو تہ حسد هڪ اهڙو سايو آهي، جيڪو روشنيءَ ۾ بہ انسان کي اونداهيءَ جو احساس ڏياري ٿو. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا تہ اسان جي زندگي سڪون ۽ خوشيءَ سان ڀرجي وڃي، تہ پوءِ اسان کي حسد جي هن بي آواز زهر کان پاڻ کي بچائڻو پوندو. ڇو تہ سچي خوشي ٻين کي ڏسي سڙڻ ۾ نہ، پر انهن جي خوشين ۾ شامل ٿيڻ ۾ آهي۔ خوشين کي ونڊڻ ورهائڻ ۾ آهي۔ بدنيت انسان ڪڏهن بہ دلي ذهني ۽ روحاني سڪون نٿو ماڻي سگهي۔ سندس ساڙيلي فطرت هر وقت سندس ئي خون ساڙيندي رهندي آهي ۽ سدائين اهڙي حاسد شخص جي عزت مهمان هوندي آهي۔ لوڀ جو مريد هوندو آهي، جتي سندس مفادن کي ڇيھو رسندو آهي اتي هٿيار اڀا ڪندو آهي پر سندس انجام وري نمرود فرعون، شداد ۽ يزيد جھڙو ئي ٿيندو آهي۔ دراصل حاسد گهمندڙ ڦرندڙ چرندڙ باھ جو گولو هوندو آهي۔ ٻين کي نقصان ڏيڻ سان گڏ هڪ ڏينهن پاڻ بہ آتش فشان وانگر سڙي لاوا اٻرندو رهندو آهي ۽ اها لاوا بہ گهڻن کي ئي نقصان پھچائيندي آهي۔ دين اسلام ۾ حاسدين کي خوب ننديو ويو آهي۔

بيحس حسد ڪرڻ وارو

شيطان جو، آ خاصو۔

حاسد خاڪ بسر ٿيندو،

باقي رک جو ڍير بچندو۔

بيحس حسد اهو ئي ڪندو آ،

جو دهل جيان خالي هوندو آ۔


Previous Post Next Post