انب کي انگريزي
۾ مينگو (Mango) سڏجي ٿو،
ھن
جو سائنسي نالو منگي فيرا انڊيڪا (Mangifera Indica) آھي ۽ سندس
تعلق نباتاتي خاندان اينا ڪارڊيئيسي (Anacardiacceae) سان آھي.
اردو ۾ آم عربي
۾ انبج ۽ فارسي ۾ انبہ چيو ويندو آھي.
ھن جي شروعات برما مان ٿي ۽ ڪجھ جنسون ملايا ۾ پوکجن ٿيون، جنھن جي ڪري ملايا واري علائقي کي بنيادي
گهر چيو وڃي ٿو. برصغير ۾ ھن جي پوک صدين کان ٿيندي اچي ٿي، جيڪو بعد ۾ دنيا جي ٻين ملڪن م پکڙجي ويو.
انب دنيا جي 100 ملڪن ۾ پوکيو وڃي ٿو.
ڪجھ جو ذڪر ھتي ڪجي ٿو ڏکڻ ايشيا، انڊونيشيا، ٿائيلينڊ، ملائيشيا، فلپائن، ۽ سريلنڪا
۾ جڏھن تہ مصر، ڏکڻ آفريڪا، اسرائيل جي ڪجھ حصي ۾،
آمريڪا ۾ ھوائي ۽ فلوريڊا، ميڪسيڪو، برازيل، ڪوريا، ۽ ويسٽ انڊيز ۾ پڻ پوکيا وڃن ٿا.
عربستان ۽ ايران
جي ماڻھن سنڌ جو ھي ميوو کائي ڪري پنهنجي سفرنامنن ۾ پنهنجي ٻولي ۾ انب جو نالو لکي
ڪري ذڪر ڪيو آھي. انب ھڪ سدابھار ميوي وارو وڻ آھي،
سندس
ميوو کائڻ ۾ مٺو، لذت وارو ۽ سٺي سواد وارو ٿئي ٿو.
جنھن
جي ڪري ھن کي ميوو جو بادشاھ چيو ويندو آھي. تخمي ديسي انبن جي ڀيٽ ۾ پيوندي انبن کي
وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو، جيڪو کائڻ
۾ جنسن مطابق پنھنجي اصلي خاصيت جھڙو ٿئي ٿو.
دنيا ۾ 300
جي لڳ ڀڳ انبن جون جنسون آھن. سنڌ ۾ تقريبن 150 قسم جون جنسون موجود آھن، انب چين،
پاڪستان، انڊيا،
بنگلاديش
ملڪن جو قومي ميوو آھي.
پاڪستان دنيا
جو 05 نمبر وڏو انبن جي پيداوار ڪندڙ ملڪ آھي، پاڪستان ۾ ميون
جي لحاظ کان ان جي ٻئي نمبر تي آھي. مجموعي طور
تي سال 2023ع جي رپورٽ موجب 1.8 ملين ٽن ساليانو انب پيدا ڪري ٿو. سنڌ ۾ سنڌڙي انب وڏي تعداد ۾ ميرپورخاص، سانگھڙ،
ٽنڊوالھيار، ٽنڊوڄام،
ٽنڊو
آدم ۾ پوکيو وڃي ٿو. انب جون ٻيون بہ
ڪافي
جنسون سنڌ ۾ پوکيون وڃن ٿيون، جن ۾ الماس,
لنگڙو، چارچاند، سرولي، گھوٻو، وائيٽ چونسو، ليٽ چونسو، عظيم چونسون، لاھوتي چونسو،
دسيري، انور رتول، فجري، بيگم پلي، صالح ڀائي وغيرہ موجود آھن.
سنڌ جو سنڌڙي
انب پوري دنيا ۾ مشھور آھي. سنڌ ۾ پيدا
ٿيندڙ سنڌڙي انب تي سنڌڙي نالو ميرپورخاص ضلعي جي علائقي سنڌڙي تان پيل آھي. ان جنس جي دريافت کي 119 سال ٿي ويا آھن، سنڌ ۾ اھا جنس 1905 کان پوکي وڃي ٿي. جڏھن تہ
ڀارت
جي شھر مدراس مان اھي انبن جون 4 چڪيون تحفي طور مليون ھيون، سنڌڙي انب جنهن کي دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ آھي
سنڌڙي انب کي انڊيا ۾ الفونسو ۽ ويسٽ انڊيز ۾ جولي انب چيو ويندو آھي.
مارڪيٽ ۾ ديسي
انبن کان وڌيڪ اگھ ۾ وڪامجي ٿو.
سنڌ ۾
147875 ايڪڙ تي انبن جا باغ موجود آھن. جنھن ۾ ميرپورخاص ۾ 33075 ايڪڙ، ٽنڊوالھيار ۾ 21740 ايڪڙ، حيدرآباد ۾ 18330 ايڪڙ، امرڪوٽ ۾ 18315 ايڪڙ، مٽياري ۾ 10275 ايڪڙ، خيرپور ۾ 10922 ايڪڙ، نوابشاھ ۾ 7755 ايڪڙ، نوشھروفيروز ۾ 6607 ايڪڙ، بدين ۾ 3112 ايڪڙ، ٽنڊومحمدخان
۾ 1950 ايڪڙ، ٺٽو ۾ 1632 ايڪڙ، ٿرپارڪر ۾ 505 ايڪڙ

