لفظن، رنگن ۽ وجود جو سفر ـ جبار ملاح

نصير ملاح جي شاعري تي پيپر(

سنڌ جي ادبي ۽ فڪري تاريخ ۾ ڪي ماڻهو اهڙا جنم وٺن ٿا، جيڪي رڳو شاعر، رڳو فنڪار يا رڳو استاد نه هوندا آهن، پر هڪ سوال، هڪ احتجاج ۽ هڪ سجاڳ ضمير بڻجي سامهون ايندا آهن. محترم نصير ملاح اهڙو ئي تخليقي وجود آهي جيڪو لفظن سان به تصوير ٺاهي ٿو، رنگن سان به خيال چٽي ٿو  ۽ خاموشيءَ سان به ڳالهائي ٿو. سندس شاعري ۽ پينٽنگ هڪ ٻئي کان جدا نه آهن؛ اهي ٻئي ساڳئي روح جا ٻه اظهار آهن.

نصير ملاح سنڌ جو سچو عاشق آهي. سندس عشق نعري بازيءَ تائين محدود ناهي، پر شعور، درد ۽ ذميواريءَ سان جڙيل آهي. هو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو عاشق آهي، ۽ اهو عشق سندس شاعريءَ جي هر سٽ مان ٽپڪندي نظر اچي ٿو. لطيف سائين وٽ انسان، محبت، محنت، آزادي ۽ سچ بنيادي قدر آهن، ۽ اهي ئي قدر نصير ملاح جي شاعريءَ ۾ نئين لهجي سان زنده نظر اچن ٿا.

سندس هي شعر حسن کي رڳو جماليات نه، پر هڪ داخلي ڪيفيت بڻائي ٿو, جيڪو سندس هنن سٽن ۾ ڏسي سگهجي ٿو۔

اوھان جو ڇا مرڪڻ گلابي گلابي،

اسين ٿي وڃون ٿا شرابي شرابي.

پڙھي ڇا پڙھي ڪو حياتي آ ھڪڙي،

حسن جون ادائون ڪتابي ڪتابي.

هتي حسن، شعور کي لوڏيندڙ طاقت بڻجي ٿو. زندگيءَ جي ناپائيداريءَ جو احساس، عشق جي بيخوديءَ سان ملي، انسان کي پاڻ کان اڳتي کڻي وڃي ٿو. اهو ئي احساس اردو جي عظيم شاعر مير تقي مير وٽ به ملي ٿو، جتي عشق انسان جي سڄي هستي بدلائي ڇڏي ٿو. نصير ملاح به عشق کي رڳو جذبن تائين محدود نٿو رکي، پر ان کي فڪر سان جوڙي ٿو.

نصير ملاح جو نظم ٽانڊاڻا سندس فڪري شاعريءَ جو مرڪزي نقطو آهي. هن نظم ۾ شاعر انسان کي ذميواريءَ جي مرڪز تي آڻي بيهاري ٿو:

آدم ٽياڪڙي ڪري

خدا ۽ شيطان

۾ ٺاھ ڪرائي

ڌرتيء تي

امن ۽ محبت

قائم ڪرائي ڇڏيندو.

هتي امن ۽ محبت ڪنهن آسماني معجزي جو نتيجو ناهن، پر انساني عمل سان جڙيل آهن. اهو ئي فڪر علامه اقبال جي خودي سان ملي ٿو، جتي انسان کي پنهنجي تقدير جو معمار بڻايو ويو آهي. نصير ملاح وٽ به انسان تقدير جو شڪار نه، پر تقدير کي بدلائڻ وارو ڪردار آهي.

نظم ۾ طاقت ۽ ظلم تي به سخت تنقيد ملي ٿي:

ڪوتائون

قويء کي

ايئين کائينديون آھن

جيئن وڇونء کي ٻچا.

هيءَ سٽ طاقت جي خود تباهيءَ جو استعارو آهي. ظلم آخرڪار پاڻ کي ئي کائي ٿو. اهو ئي فڪر غالب جي وجودي شاعريءَ ۾ به ملي ٿو، جتي هو سچ ۽ ظلم جي ٽڪراءَ کي بي رحم نموني ظاهر ڪري ٿو.

سنڌي قوم کي اجتماعي شعور جو درس ڏيندي نصير ملاح چوي ٿو:

سنڌي قوم ماڪوڙن

کان سکي.

ته سڌري وڃي.

هي نظم، اتحاد، نظم ۽ گڏيل جدوجهد جو پيغام آهي. اقبال به قومن جي اٿڻ جو راز فردن جي سجاڳيءَ ۾ ڏسي ٿو. نصير ملاح به فرد کي اجتماع سان ڳنڍي، تبديليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو.

پورهيت بابت سندس سٽون دل کي جهوري ڇڏين ٿيون:

ھن سماج ۾ پورھيت ۽

گڏھ جي حالت ساڳي آھي

سڄو ڏينھن ڪم

پوء به بک تي.

هي پورهيت جو درد، شاهه لطيف کان وٺي جديد شاعريءَ تائين سنڌي ادب جو مرڪزي موضوع رهيو آهي. نصير ملاح ان درد کي جديد لهجي سان نروار ڪري ٿو.

نصير ملاح جي شاعريءَ ۾ صوفيانه ۽ وجودي رنگ به گهرو آهي:

ازل کان رولاڪ ٻئي

ڪائنات ۽ مان

پيون ۽ پياريون پيا

ڏات ۽ مان

ٻاڪاري ٻئي

سمھي پئون ٿا

رات ۽ مان.

هتي شاعر پاڻ کي ڪائنات سان همسفر سمجهي ٿو. اهو ئي سفر لطيف وٽ پاڻ سڃاڻڻ ۽ غالب وٽ هئڻ ۽ نه هئڻ جي سوال ۾ ملي ٿو.

نصير ملاح اردو شاعريءَ ۾ به ساڳي فڪري بيباڪي سان سامهون اچي ٿو. جاگي راج ۽ سامراج جهڙن استعارن ذريعي هو ذهني غلامي، ٻولي ۽ شعور جي وچ ۾ پيدا ڪيل وڇوٽيءَ تي وار ڪري ٿو. هو زبانن کي دماغن سان ملائڻ، مرده سماج کي جاڳائڻ ۽ ايندڙ نسلن کي بچائڻ جو سڏ ڏئي ٿو. اهو جديد انقلابي شعور آهي، جيڪو اقبال جي فڪر سان هم آواز نظر اچي ٿو.

نظم مدهوش ۾ نصير ملاح انسان کي اختيار ڏئي ٿو:

هو چاهي ته پاڻ کي ساڙي ڇڏي،

چاهي ته روشني بڻجي وڃي،

چاهي ته ڪائنات بڻجي پکڙجي وڃي،

۽ چاهي ته نانھ ۾ سمائجي وڃي.

اهو ئي وجودي سوال غالب جي هن خيال سان ملي ٿو ته “هئڻ” ئي انسان لاءِ سڀ کان وڏو عذاب ۽ سڀ کان وڏي سچائي آهي.

نظم لا… الا… ته مڪمل صوفيانه فڪر آهي، جتي بندو ۽ خدا هڪ ٻئي کان جدا ناهن. هتي خود شناسي، معرفت ۽ وحدت الوجود جو تصور جديد لهجي سان سامهون اچي ٿو. اهو فڪر لطيف، مير ۽ غالب جي روايت جو تسلسل آهي.

نصير ملاح ڪائنات، وقت، خلا، ڪهڪشائن ۽ آخرڪار اڇاڻ تائين پهچي، وجود جي آخري سوال سان ٽڪر کائي ٿو. اهو رڳو شاعري ناهي، پر فڪري سفر آهي, جيڪو نصير ملاح پنهنجي چاندي جهڙن اجرن زلفن تائين جاري رکي مزا ماڻيا آهن۔

پاڻ استادي پيشي سان وابسته رهيو آهي، تنهنڪري سندس شاعريءَ ۾ ذميواري، تربيت ۽ شعوري سچ نمايان آهي. هو رڳو لفظن جو شاعر ناهي، پر سوچ جو معلم آهي. من جو محرم هجڻ جو مطلب ئي اهو آهي ته هو دل سان ڳالهائيندڙ، سچ سان بيهندڙ انسان آهي.

نصير ملاح جديد سنڌي شاعري ۽ اردو ادب جو اهو تخليقي ضمير آهي، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي انسان دوست فڪر، مير تقي مير جي داخلي سچائي، غالب جي وجودي سوالن ۽ علامه اقبال جي انقلابي شعور کي نئين زماني جي زبان ڏئي ٿو. سندس شاعري ۽ مصوري ٻئي اسان کي اهو سيکارين ٿيون ته ادب رڳو اظهار ناهي، پر ذميواري آهي انسان لاءِ، سماج لاءِ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ نصير ملاح کي پڙهڻ، ڏسڻ ۽ سمجهڻ دراصل پاڻ کي پڙهڻ، ڏسڻ ۽ سمجهڻ آهي. ۽ جيڪا قوم پاڻ کي سمجهي وٺي، سا ئي پنهنجو مستقبل پاڻ لکي سگهي ٿي.


Previous Post Next Post