ذھني صحت ۽ اوسر ـ عبدالغفار ”ناچيز“ ميمڻ

ذھني صحت پاڪستان ۾ ھڪ سنگين مسئلو ٿيندو پيو وڃي. الاءِ ڇا جي ڪري؟ پر ڏٺو وڃي تہ ھر ٻيو ماڻھو انھيءَ مرض ۾ورتل آھي ۽ عجيب ڳالھ اھا تہ ماڻھو انھيءَ مرض کي بيماري نٿا سمجھن. يا ڪير ھمت ڪري اھا ڳالھ ڪري بہ ڇڏي تہ مون سان ھي مسئلا درپيش آھن. تہ ھن معاشري وارا وري ان کي غلط نظر سان ڏسن ٿا ۽ سمجھن ٿا تہ هيءُ شخص ڪو نفسياتي مريض يا چريو ٿي چڪو آھي. جيڪا سراسر ناجائزي آھي. پوءِ مجبور ٿي اھو ماڻھو ڪنھن سان بہ ذڪر نٿو ڪري سگھي. جيڪا ڳالھ اڳيان ھلي سڀني لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿي. ڇو تہ ھڪ عام شخص ۽ ذھني متاثر شخص جي عمل ۾ وڏو فرق ھوندو آھي. ھن جو جذبو ۽ حواس ڄڻ ھن جي وس ۾ ناھن ھوندا. تنھن ڪري دنيا جي ڪنھن بہ شيءِ کي محسوس ڪرڻ واري سگھ صفا ڪمزور ٿي چڪي ھوندي آھي.

ھڪ ڳالھ ياد رکڻ گھرجي تہ پنھنجي جسم جو سرشتو دل سان گڏ دماغ بہ ھلائي ٿو. جيڪڏھن دماغ صحيح نہ ھوندو تہ جسم ڪڏھن بہ چڱيءَ طرح ڪم نٿو ڪري سگھي. اھا ڳالھ توھان مريض جي رويي مان ئي محسوس ڪري وٺندا. ڇو تہ ھن جي منھن تي اجائي ڪاوڙ ۽ چڙ ھوندي. ھو پنھنجي آس پاس جي ماڻھن مان تنگ ٿي وڃڻ جي ڪري اڪيلائي اختيار ڪندو آھي. جيڪا ڳالھ اڃان وڌيڪ ھن مرض کي وڌڻ ۾ مدد ڏي ٿي. ڇو تہ اڪيلائيءَ ۾ ماڻھوءَ وٽ ڪرڻ لاءِ باقي ڪو عمل نٿو بچي، تنھن ڪري گھڻو سوچڻ ۽ غلط سوچڻ جي عادت پئجي ويندي آھي.

ھن کي لڳندو پيو آھي تہ ھيءَ دنيا ڪجھ بہ ناھي ۽ نہ مان ڪجھ آھيان. ھن ڪائنات جو سڄو سرشتو پاڻھي ھلي رھيو آھي! جيڪڏھن ڪا اھڙي طاقت آھي تہ پوءِ نظر ڇو نٿي اچي؟ ھتي ڪير ڪنھن جو ناھي. شايد تڏھن ئي ماڻھو مون کي اھميت نٿا ڏين ۽ سڀ ڪو مون سان نفرت ڪري ٿو. ۽ پوءِ انھيءَ احساس ڪمتريءَ ۾ رھي ماڻھو نفسياتي مريض ٿي وڃن ٿا. ھاڻ جيستائين ڪو مھربان شخص ھن تائين پھچي تيستائين ھو ويچارو بيزار ٿي نيٺ پنھنجي زندگيءَ جو ڏيئو وسائي ڇڏي ٿو.

پاڻ وٽ ھتي وڏو الميو آھي تہ ٻيا مرض انسان کي پنھنجي غلطين ۽ ڪوتاھين جي ڪري لڳن ٿا پر ھي واحد بيماري آھي، جنھن جو عادي ڪرڻ ۾ ھن معاشري جو برابر جو ھٿ ھوندو آھي. توھان سوچيندا ھوندا تہ اھو ڀلا ڪيئن؟ پوءِ اچو تہ اھو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.

ھڪ ھمراھ جا ٻہ پٽ آھن ۽ ٻنھي جي طبيعت مختلف آھي. ھڪڙو عادتن ۾ پنھنجي پيءُ تي ويو آھي تہ ٻيو وري پنھنجي ماءُ تي. يا کڻي ائين چئجي تہ ٻئي ڪنھن ھڪ تي ويا آھن. پر ٻنھي جي ڏسڻ جو ۽ سوچڻ جو انداز مختلف آھي. ھڪڙي ٻار جو عمل ٻنھي کي وڻي ٿو ۽ ھڪڙي جو نہ. ھڪڙو ٻار پڙھائيءَ ۾ ھوشيار آھي تہ ٻيو وري ٿورو ڪمزور. تنھنڪري سندس ماءُ پيءُ ھن کي سمجھڻ يا اھميت ڏيڻ بجاءِ نظر انداز ڪرڻ شروع ڪن ٿا. جيڪا ھنن جي وڏي ۾ وڏي غلطي ھوندي آھي. ڇو تہ گھڻي توجہ جي ضرورت ئي ان ٻار کي ھوندي آھي جنھن کان اھو حق کسيو وڃي ٿو.

ھڪڙو ٻار آھي ئي ھوشيار تہ ان کي ٿورو گھٽ وقت ڏئي باقي وقت ان کي ڇو نہ ڏنو وڃي، جيڪو لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ٿورو ھلڪڙو آھي. پر پاڻ ائين ناھيون ڪندا. پنھنجو سڀ ڪجھ ھڪ ٻار کي سمجھي ٻئي ٻار کي ڄڻ پنھنجي ئي ھٿن سان ماري وجھندا آھيون ۽ سڄي برباديءَ جو عمل اتان کان شروع ٿيندو آھي. ڇو تہ جنھن ٻار کي پنھنجي گھر وارا اھميت يا عزت نٿا ڏين ان کي ڪير بہ اھميت نٿو ڏئي. پنھنجي خاندان جي وچ ۾ وھندو تہ اھي ان کي عجيب عجيب مھڻا ڏيندا. پھرين اتان کان باغي ٿيندو. ٻاھر دوستن ۾ ويندو تہ ڪيئن ٿو ٿي سگھي ھو اتي ويھي ڪجھ سٺيون ۽ فلسفي واريون ڳالھيون ڪري. يقينن ساڳيو اھوئي مايوسي ۽ نا اميديءَ جا لڙڪ ھاريندو .! ھن جي وڏي ڀاءُ جون ضرورتون ۽ خواھشون ٻئي پوريون ٿينديون ھجن ۽ ھن کي خالي آسرن تي ھلايو وڃي تہ پوءِ ھو ڇا چوندو يا ڇا سوچيندو. اهڙي سوچ ھن جي مائٽن کي ھجڻ کپي. جيستائين توھان ھن تي اعتماد نہ ڪندا تيستائين ھن ۾ بہ خود اعتمادي پيدا ڪانہ ٿيندي. ھن دور جا دوست بہ تہ مطلب پرست آھن. خالي کيسو ڏسي ھن کان پاسيرو ٿيڻ شروع ڪندا. يا گڏ کڻي ھلڻ باوجود بہ ايتري اھميت ڪونہ ڏيندا جيڪا ڏيڻ کپي. تنھنڪري ھن جي دل ۾ بغاوت جو زھر اڃان وڌي ويندو آھي.

اڳيان ھلي ھن شخص لاءِ دنيا اڃان وڌيڪ تنگ ٿي پوندي آھي. ڇو تہ ھن کي پنھنجي لاءِ ڪٿي بہ ڪا پناھگاھ ناھي ملندي. جوان ٿيڻ کان پوءِ بہ ھن جي سوچ تبديل ناھي ٿيندي. شايد ان ڪري جو ھن کي ڪو اھڙو صحيح ماڻھو ناھي ملندو، جيڪو ھن کي سمجھي سگھي. ھا جيڪڏھن ڪنھن سان جيئڻ مرڻ جا خواب ڏسي ۽ جيڪڏهن ڪا عورت ھن سان ائين ئي سچائيءَ سان وفا ڪري تہ يقينن هن ۾ تبديلي ضرور ايندي. ڇو تہ مرد ڪيترو بہ باغي ڇو نہ ھجي پر ھڪ عورت جي ھٿ ۾ ايتري شفا آھي جو ھوءَ ھن کي نارمل ڪري سگھي ٿي. پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھو کي اھا سھولت بہ ميسر ناھي تہ پوءِ ھن شخص کي خراب ٿيڻ کان ڪير بہ بچائي نٿو سگھي. ڇو تہ نفسياتي مريض ٿيڻ لاءِ عشق ۾ ناڪامي سڀ کان اھم سبب سمجھيو ويندو آھي.

توھان ڪنھن ٻار مان تنگ آھيو تہ ھن کي گھر کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. ھن معاشري جا غلط ماڻھو پاڻھي ان کي خراب ڪري توھان لاءِ ناسور پيدا ڪري ڇڏيندا. توھان کي خبر آھي ھتي جا غلط ماڻھو پاڻ کي خراب تڏھن ڪندا آھن. جڏھن پنھنجي آس پاس ڪو پنھنجو نہ ھجي. ھتي پنھنجي معاشري ۾ جيڪي خراب ماڻھو گھمن ٿا اھي سڀ سٺن ماڻھن جي غلط رويي جي بدولت آھن. ڇو تہ ماضي ڪنھن جو بہ خراب ناھي ھوندو. بس پاڻ انھن کي ڪجھ ڳالھائڻ جو ۽ وري ٻڌڻ جو موقعو ناھيون ڏيندا. تنھن ڪري ئي ھو خراب ٿيندا آھن. چڱا ماڻھو جي ھڪ درجو اڃا وڌيڪ چڱا ٿي پون تہ غلط ماڻھو صحيح ٿي سگھن ٿا. پر ھتي ڪم ئي ابتو آھي, سٺا ماڻھو غلط ماڻھن کي ڏسي عجيب غرور ۾ مبتلا آھن تہ شڪر جي اسان تہ سٺا آھيون. ھو جي خراب آھي تہ ڀلي ھجي. اسان جو هن ۾ ڇا؟ پر ائين نہ ھجڻ گھرجي.

ھاڻ وري پاڻ پنھنجي موضوع تي اچون ٿا، چوڻ جو مطلب اھو تہ ھر انسان کي ٻئي جي نفسيات کي سمجھڻ گھرجي. ھڪ ماڻھو جي طبيعت توھان سان نٿي ملي تہ ان ڳالھ جو مقصد اھو بلڪل بہ ناھي تہ توھان ان کان ڪنارو ڪري نفرت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. لازمي ناھي تہ جنھن سان توھان جو ڪو رشتو ھجي يا سنگت ھجي تہ ان سان توھان جي ذھني ھم آھنگي بہ ھجي. ھتي ھڪٻئي جي نظرين جا دشمن بہ گڏ گھمندا ٿا وڃن پوءِ توھان ڇو نٿا ھلي سگھو.

توھان جي آس پاس اھڙا ڪئين ماڻھو ھوندا، جيڪي توھان سان ڳالھائڻ چاھيندا ھوندا. ھنن جي دل جون ڳالھيون ٻڌو تہ جيئن ھنن جو وزن گھٽ ٿئي. ڇو تہ ھيءُ دور اھڙو پيو ھلي جتي ماڻھو ھر ڪا ڳالھ ھر ڪنھن سان نٿو ڪري سگھي. اھڙيءَ حالت ۾ جيڪڏھن توھان ڪنھن جي مايوسي ۽ نا اميديءَ کي گھٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا تہ ڄڻ توھان اڌ انسانيت بچائي. ڇو تہ ڪنھن کي دل جي تسلي ڏيڻ سان ان جو ذھني توازن پاڻھي صحيح ٿي ويندو آھي. ۽ جيڪڏھن دماغ سلامت ھجي تہ سڀ ڪجھ بلڪل ٺيڪ پيو لڳندو آھي. اھا ڳالھ سڀني کان پھرين پنھنجي مائٽن کي سوچڻ گھرجي. جيڪڏھن اھي نٿا سوچين تہ پوءِ اھو ڀاءُ سوچي جنھن جي ڪري سندس ننڍي ڀاءَ کي اھميت نٿي ملي. اڃا بہ جيڪڏھن ڪير رھي ٿو، تہ پوءِ ھن معاشري جو ھر باشعور ماڻھو سوچي. جنھن جي ڪري ھڪ ماڻھو غلط رستي تي وڃي ٿو. يقينن ڪنھن کي تہ سوچڻو پوندو! ڪوشش ڪيو ھر انسان جي ھر ننڍي وڏي عمل کي ساراھيو وڃي. ننڍو ھجي يا وڏو پنھنجو ھجي يا پرايو, سچ چوان تہ شاباس جي مار بيحد ڀلي آھي. ڪو خراب ٿي سڀاڻي سڀني لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري ڀلو ناھي تہ ھو ھينئر ئي چڱو ھجي ۽ سڀن لاءِ فائدي مند ھجي. ٻار کي چماٽ ھڻڻ کان ڀلو آھي تہ اھو ساڳيو ھٿ ھن جي مٿي ”دماغ“ تي ڦيرائي ڇڏيو. مونکي پڪ آھي تہ اهو عمل بيحد ڪارائتو ثابت ٿيندو. ھي سڀ ڳالھيون تہ ٿي ويون ايندڙ نسل جي بچاءَ لاءِ، پر ھيئر ھن مرض سان جيڪي منھن ڏئي رھيا آھن انھن لاءِ پاڻ وٽ ڪھڙو عملي قدم آھي؟ اچو تہ ان تي بہ غور ويچار ڪيون ٿاـ

سڀ کان پھرين تہ پاڻ کي اھو ڏسڻو پوندو تہ پنھنجي آس پاس ڪير آھي. جيڪو ماٺيڻو ۽ اڪيلائي پسند آھي. يا معاشري ۾ ھلندڙ گھمندڙ تہ آھي، پر ھن جي طبيعت ۾ بيحد تنگي آھي. ھاڻ پنھنجو فرض آھي تہ پھرين ان کي توجھ ڏيون ڪھڙي بہ طريقي سان ان سان رابطي ۾ رھون. ڪوشش ڪيون تہ پھرين ان کي ھن ماحول ۾ واپس آڻيون. ۽ پوءِ پنھنجي مھربان روين سان ھن جون ڳالھيون ٻڌي، ھن کي صحيح ۽ مثبت سوچڻ تي آمادہ ڪريون تہ جيئن ھو مايوسي ۽ نااميديءَ واري ڪيفيت مان ٻاھر نڪري اچي. ھن کي پاڻ سان گڏ وھاري ڪچھري ڪيون تہ جيئن خبر پوي تہ آخر ھو ڇا ٿو چاھي؟ ۽ پوءِ ھن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريون تہ ھيءَ دنيا جيتري ٻين لاءِ آھي، اوتري ئي هن لاءِ بہ. ھتي جيڪو بہ ھمت ۽ حوصلي سان ڪم وٺندو اھو ھن دنيا جو حقدار ھوندو. ھيءَ ڪائنات ايتري ئي وسيع آھي جيتري پنھنجي سوچ. جنھن انسان جا سڀ عضوا سلامت آھن اھو اھا دعويٰ ڪڏھن بہ نہ ڪري تہ مون کان ڪجھ نٿو ٿي سگھي. اھي ڳالھيون سمجھائڻ سان گڏوگڏ ان مريض جي کاڌ خوراڪ جو بيحد خيال رکيو وڃي. ڇو تہ سٺو کائڻ سان ۽ سٺو پائڻ سان بہ ماڻھو جي اندر ۾ خوشيءَ جو ھڪ چڱو احساس پيدا ٿيندو آھي.

جيڪي ڳالھيون مون بيان ڪيون آھن، انھن کان وڌيڪ بہ ھڪ وڏو مسئلو ھتي جي عوام سان درپيش آھي ۽ اھو آھي ھن ملڪ جو خراب نظام. جتي انصاف نالي ڪا بہ شيءَ ناھي رھي. امير وڌندو پيو وڃي ۽ غريب اڃان کٽندو پيو وڃي. مھانگائي بيروزگاري ۽ رشوت جو راڄ آھي. ھر اداري ۾ ڪرسين تي ويٺل آفيسر عوام جا اھنج گھٽائڻ بجاءِ وڌائڻ جا مڪمل ماھر آھن. عجيب حالت آھي. ھتي ھر انسان ٻئي انسان جو رت پيئڻ لاءِ تيار ويٺو آهي. ھاڻ اھڙي حالت ۾ ڪنھن جو ذھني سڪون ڪيئن ٿو برقرار رھي سگھي!

گذريل ٻن ٽن سالن کان ملڪ جا جيڪي حالات آھن. نٿو لڳي تہ ھتي رھڻ ھاڻ ڪو آسان ھجي، پر افسوس تہ ماڻھو ھتان ڀڄي بہ نٿا سگھن. جيڪي ڀڄڻ تي اچن ٿا اھي عوام جو رت چوسيو مال ٺاھيو ڀڄيو وڃن. باقي جيڪي رھن پيا انھن جو نالو ورلڊ گنيز بڪ رڪارڊ ۾ شامل ڪري انعام طور بس ايتري رقم ڏني وڃي جو ٻہ ويلا مانيءَ جا سڪون سان کائي سگھن. پاڪستان جي مسڪين عوام جيڪا زندگي گذاري پئي، سا بيحد خطرناڪ زندگي آھي. آئون وڏي دعويٰ سان چئي سگھان ٿو تہ ڪھڙي بہ ملڪ جو ماڻھو اسان جھڙي زندگي گذاري نٿو سگھي. ڇو تہ ھتي اسان جو سڀ ڪجھ داءَ تي لڳل ھوندو آھي. مال، عزت، ڪاميابي، ڪاروبار، خوشي، ٻار ٻچا ۽ وڏي ۾ وڏي ڳالھ تہ اسان جو پنھنجو ذھني سڪون بہ. ھاڻ ٻڌايو اھڙي حالت ۾ ڪير ھلي سگھندو؟ ھتي ذھني سڪون رڳو مالدار ماڻھن جو سلامت آھي. ڇو تہ انھن جون ضرورتن سان گڏ خواھشون بہ پوريون ٿيو وڃن. رھي ڳالھ عوام جي تہ سو ويچارو ڪيترو احتياط ڪري ڪنھن کان بچي ڪنھن کان بچندو. ڪٿان نہ ڪٿان ڪو ڌڪ ڪو صدمو رسيو وڃي جيڪو سڄي زندگيءَ لاءِ ذھني تندرست رھڻ ناھي ڏيندو.

ھڪ ڳالھ ياد رکڻ گھرجي تہ ماڻھو ھن جھان ۾ آيو آھي، تہ پوءِ ھر قدم تي پريشانيون اينديون.  پر ھر حال ۾ مڙس ماڻھو ٿي ثابت قدم رھڻو آھي. مايوسيءَ کان بچڻو آھي. ڇو تہ خدا بہ ڪلام پاڪ ۾ مومنن کي اھو دلاسو ڏئي ٿو تہ غمگين يا مايوس نہ ٿيو ڇو تہ آئون صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آھيان.

 


Previous Post Next Post