اسلامي جمهوريہ ايران مٿان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي
وزيراعظم نيتن ياهو جن جي گڏيل جنگجو خوني پاليسين سان ايران مٿان ڪيل جارحيت کي
مھينو ٿيڻ وارو آھي، جنھن دوران ھنن ايراني مکيہ قيادت کي بہ پنھنجي انساني وحشياڻا ڪارواين سان نشانو بڻائيندي
شھيد ڪري ڇڏڻ کانپوءِ ٽرمپ جي خوفناڪ جاري رھندڙ ڏوھن ۾ اضافو ٿي ويو آھي، جنھن ۾ رھبر معظم علي خامنائي جھڙي ديندار اڳواڻ بہ ماھ مبارڪ دوران روزي جي حالت ۾ سندس معصوم عزيزن سميت
بيدرديءَ سان شھيد ڪرايا ويا آھن..!!!
وحشي صدر ٽرمپ جي جنگي سوچ دنيا کي عجيب ٿرٿلي جو
شڪار ڪرڻ سبب ھاڻ آھستي آھستي دنيا جي انسان دوست عوام کي محسوس ٿيڻ لڳي آھي تہ ”ٽرمپ ۽ ياھو اتحاد“ سبب دنيا ۾ خونريزي جو عالم وڌي رھيو آھي. دنيا کي
امن، خوشحالي ۽ ترقي بجاءِ جنگين، قبضن، حملن، ھٿيارن ۽ تيل جي خريد وڪرو طرف
ڪيو پيو وڃي، جنھن
جو سڌو سنئون اثر انسانن، زراعت، جانورن، ٻوٽن، درياھن، ماحوليات، معدنيات، آبھوا
تي پوڻ لڳو آھي. خاص ڪري پوئتي پيل ملڪن جي عوام کي ھن جنگ سبب سخت تڪليفن ۽ مالي
مونجهارن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. ٽرمپ جي جنگي پاليسين خلاف ھاڻ مختلف ملڪن خصوصاً
آمريڪي عوام جو پتلا۽ بينر کڻي ڳائي وڄائي پرجوش مظاھرن ذريعي آواز بلند ٿيڻ ڪري
کيس جنگ بجاءِ امن
قائم ڪرڻ لاءِ زور
ڏنو پيو وڃي ڇو جو بي مقصد جنگيون ڪنھن بہ حالت ۾ انسان ذات لاءِ سخت نقصانڪار ثابت ٿيون آھن.
ھن صورتحال ۾ اڄ جڏھن ايران مٿان آمريڪي ۽
اسرائيلي حملا ٿيڻ سبب ھڪ قسم جي بيچيني افراتفري ۽ جنگي حملن جو خوف طاري ٿي چڪو
آھي، جنھن
جا اثر معاشي حالتن تي بہ پوڻ جي ڪري عوام جنگ خلاف پنھنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ لاءِ ميدان تي اچي چڪا آھن، جنھن سان ٽرمپ جون وايون بتال ٿيڻ سان وڌيڪ چريو ٿيندو
يا ٿي چڪو آھي. دنيا جي انھن ملڪن ۾ آمريڪا جي ڪيترين رياستن، اٽلي، اسپين، فرانس،
نيدرلينڊ، آسٽريليا، ھندوستان، پاڪستان ۽ خود اسرائيلي عوام سان گڏ ٻين ملڪن ۾ بہ جنگ کان بيزار ٿيندي ھڪدم جنگ بند ڪرڻ جو زوردار مطالبو
ڪيو پيو وڃي. ڇو جو
دنيا چاھي ٿي تہ پوري عالم ۾ جنگين بجاءِ امن ھجي. ان حوالي سان صدر ٽرمپ تي ايران خلاف جنگ بند ڪرڻ لاءِ سخت دٻاءُ پئجي رھيو آھي. اھڙين حالتن ۾ پاڪستان ۾ مصر، سعودي عرب ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس 29 اپريل تي اسلام آباد
۾ سڏايو ويو آھي ڏسجي تہ جنگ بند ڪرائڻ لاءِ ڪھڙا فيصلا صادر ڪيا وڃن ٿا.
اھو بہ رب سائين جي عظمت ڀريو ڪرم توڙي معجزو سمجھيو وڃي ٿو
تہ خود
آمريڪي عوام پاڻ بہ پنھنجي ملڪي صدر جي جنگجو پاليسين خلاف کيس صدارتي منصب تان ھٽائڻ جا
مطالبا ڪندي رستن تي نڪري آيا آھن. تنھن ڪري اميد ڪجي ٿي تہ دنيا جو امن برباد ڪندڙ ٽرمپ ھاڻ جلد پنھنجي صدارت
جي عھدي تان ھٽايو ويندو يا کيس عوامي ردعمل کي ڏسندي استعيفيٰ ڏيڻي پئجي ويندي. جيئن دنيا جي مظلوم عوام جا ٻيھر امن خوشحالي ۽ ترقي جا خواب ساڀيان ٿيندي ڏسي سگھجن.
اھڙي حالتن ۾ صدر ٽرمپ ۽ ياھو کي جنگين جي تباھ
ڪارين جي سزا اوس ملڻ گھرجي، جن جي فسادي پاليسين جي ڪري امن، ترقي، خوشحالي،
تعليم، کاڌ خوراڪ، واپار، سياحت، ماحوليات ۽ معاشيات جي ڏس ۾ حالتون بدتر ٿيڻ
لڳيون آھن.
ھن صورتحال ۾ گڏيل قومن جي اداري، مسلمان ملڪن جي
تنظيم، انساني حقن واري ادارن ۽ عرب ملڪن جي تنظيم کي ايران سان جنگي جارحيت خلاف
دنيا جي عوامي احتجاج کي مد نظر رکندي جنگ بند ڪرائڻ سميت ايران مٿان جنگ مڙھيندڙ
ٽرمپ ۽ نيتن ياھو جھڙن وحشين حڪمرانن خلاف جنگي ڏوھن جو ڪيس داخل ڪرڻ جي قرارداد
آڻي کين گرفتار ڪرايو وڃي.

