هديہ محبت ـ ڪھاڻي ـ برڪت چانڊيو


مان جڏهن بہ ان لائبريري واري روڊ تان گذرندو ھيس، تڏهن لائبريري جي گيٽ ڀرسان فٽ پاٿ تي ويٺل پراڻن ڪتابن جو وڪرو ڪندڙ لڇمڻ وٽ ضرور ويندو هيس۔ لڇمڻ جي ان پراڻن ڪتابن واري فٽ پاٿ تي، جتي عام نظر رڳو ڌوڙ ۽ پراڻن پنن کي ڏسندي هئي، پر منهنجي لاءِ اتي ڄڻ علم جا خزانا پکڙيل ھوندا ھيا!

ويچاري لڇمڻ جي زندگي بہ ڄڻ انهن ڪتابن وانگر ئي هئي، سادي، پراڻي، پر اندر ۾ بي حد قيمتي۔ هن جا ڪيترائي ڇوڪرا هئا، جيڪي شهر جي گهٽين ۾ ريڙهيون هلائي لوهي ۽ پراڻي سامان سان گڏ، پراڻا ڪتاب بہ تور جي حساب سان وٺي ايندا هئا۔ پوءِ لڇمڻ انهن ڪتابن کي وڏي محبت سان ڇنڊي، صاف ڪري، فٽ پاٿ تي اهڙي نموني سجائي رکي ڇڏيندو هو، ڄڻ ڪنھن باغبان پنهنجي گلن کي سينگاري رکيو هجي۔ اهي ڪتاب پوءِ ھو اڌ قيمت تي فروخت ڪندو ھو.

اڄ ڪافي عرصي کان پوءِ منهنجو لڇمڻ وٽ اچڻ ٿيو هو۔ فٽ پاٿ اڳي کان وڌيڪ ڀريل لڳي رهيو هو، پر اڪثر اھڙا ڪتاب نظر پئي آيا، جيڪي منھنجا اڳ ۾ ئي پڙھيل ھيا۔ لڇمڻ بہ ڪنهن اڻڄاتل اداسي سان ھڪ خريدار سان ماڻهن جي ڪتابن سان عدم دلچسپي جو ذڪر ڪري رهيو هو۔

اچانڪ منهنجي نظر هڪ ننڍڙي سائيز جي ”شاه جو رسالو“ تي وڃي بيٺي۔ دل ۾ خيال آيو تہ مون وٽ تہ اڳ ئي ان جا ٻہ نسخا موجود آهن، پوءِ بہ نہ ڄاڻ ڇو، مان ان کي هٿ ۾ کڻي ورتو۔ شايد اهو رڳو وقت گذارڻ لاءِ هو… يا شايد قسمت مون کي ڪنهن وسريل ڪهاڻي سان ٻيهر ملائڻ وڃي رھي ھئي!

جڏهن مون ڪتاب جو پهريون صفحو کوليو، تہ ڄڻ منهنجا هٿ منجمد ٿي ويا۔ ڇو تہ اتي مونکي پنهنجا ھٿ اکر نظر آيا، جنهن ۾ لکيل ھيو

”هن پراڻي نم جي وڻ کي پنهنجي محبت جو عيني گواه بڻائي، دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خاص ماڻهوءَ کي دل جي گهرائين سان هديہ محبت.“

هڪ پل ۾ وقت ڄڻ پوئتي موٽي ويو۔ يادگيرين جا در کلي پيا، ۽ مان وري ڏھ ٻارنھن سال پوئتي انهن ڏينهن ۾ پهچي ويس، جڏهن اسان ڪاليج جي اسٽڊي ٽوئر تي ”موئن جي دڙي“ ويا هئاسين ۽ ان ڏينهن، سڀني کان پري، اسان ٻئي هڪ پراڻي نم جي وڻ هيٺان رکيل بينچ تي ويٺا هئاسين۔ وڻ جي ڇانوَ ۾، هوا جي نرم سرگوشين سان گڏ، مون ان کي پنهنجي دل جي ساري سچائي سان اھي ھٿ اکر لکي اهو رسالو پيش ڪيو هو۔

اهو  ماڻهو، جيڪو هميشہ ساٿ نڀائڻ جون ڳالهيون ڪندو هو، جيڪو منهنجي محبت کي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ قيمتي شيءَ سمجهندو هو! جنهن کي مون تصور ۾ آڻي پنهنجا سوين غزل لکيا ھيا، اھو شخص جيتري تيزي سان منهنجي زندگيءَ ۾ آيو ھو، پوءِ اوتري ئي تيزيءَ سان مون کي اڪيلو ڇڏي هليو ويو ھو۔

هاڻي، جڏهن مان فٽ پاٿ تي اهو ئي رسالو پنهنجي هٿن ۾ جهليو بيٺو هوس جيڪو مون ان  کي هديہ محبت ڪري ڏنو ھو تہ مونکي ائين لڳو ڄڻ ھي هڪ ڪتاب نہ، پر منهنجي محبت، منهنجا خواب، منهنجي معصوميت، منهنجو ڪنهن تي يقين ۽ ڀروسو سڀ ڪجهہ ان فٽ پاٿ تي بي يارو مددگار پيا هجن!

گهڻو پاڻ کي روڪڻ باوجود، ٻہ ڳوڙها بي اختيار اکين مان نڪري، ان کليل صفحي تي ڪري پيا، جتي لطيف سرڪار جا لفظ لکيل هئا تہ

”اتي ئي آهن جتي اوهان ڇڏيون،

اکيون عبداللطيف چئي، ماڳ نہ مٽائين؛

جي ٻي هنڌ واجهائين، تہ ڪڍي ڪانگن کي ڏيان.“

انهن لفظن ۾ ڄڻ لطيف سرڪار منهنجي دل جي ترجماني ڪري رھيو ھو، مان ڪتاب کي واپس ان جي جڳهہ تي موٽائي رکيو، اکين ۾ آيل پاڻي کي ھٿ سان اگھي واپس پنهنجي بائڪ  تي ويھي ان کي اسٽارٽ  ڪيو ۽ رستي ۾ سوچيندو رھيس تہ ڇا واقعي اگر اسان جي جذبن ۾ خلوص ۽ سچائي برقرار آھي تہ پراڻا ماڳ، پراڻا ڪتاب، ۽ پراڻيون محبتون ناھن وسرنديون۔



Previous Post Next Post