آمريڪي ـ اسرائيلي سامراجي جنگ اثر ۽ نتيجا ـ نثار لغاري

ـ28  فيبروري 2026ع کان ايران تي آمريڪي اسرائيلي سامراجي جنگ مسلط ٿيل آهي هن کي هڪ مهيني کان مٿي عرصو گذرڻ تي آھي، ايراني عوام وڏو جاني، مالي، سماجي معاشي  نقصان برداشت ڪري رهيو آهي.

انساني تاريخ جي پهرين وڏي جنگ آهي. جنھن کي سوشل ميڊيا تي هر هڪ ڏسي رهيو آهي. هڪ ڪمزور ملڪن ڪئين هڪ سپر پاور سان وڙهي رهيو آھي. جنگ ۾  ڪمزور هجڻ باوجود  ڪهڙيون حڪمت عمليون ترڪيبون ڪري رهيو آهي جو دنيا جو فيل مست پاور ڊڄي رهيو آھي بظاهر ٽيڪنالاجي ۾ طاقت ۾ فوجي برطري ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جو ڪو مٽ ناهي پر ان کي هڪ مهيني کان مٿي عرصو جنگ ۾ گهلي سندس طاقت کي  پٽ تي ڪيرائي کيس ريهون ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ وڏي ڳالهہ آهي  .

هن وقت هر هڪ جنگ جي اهم پيچيدہ معاملن بابت هر هڪ واقف آهي. ان جي وڏي تفصيل ۾ نٿا وڃون، ان سان ڪافي اجائي ڊيگهہ ٿيندي آهي پر ايراني عوام  حڪومت جنهن طريقي  وڙهي رهي آهي، ان جديد ٽيڪنالاجي کي ناڪام بڻائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي. جنگ هن وقت آمريڪا جي ڳچي ۾ پئجي چڪي آھي.

آمريڪا اسرائيل جا سڀ اتحادي برطانيا، فرانس، يورپ، جرمني، سعودي عرب، قطر، متحدہ عرب امارات، يمن، اومان سڀ آمريڪا مان هٿ ڪڍي ويا آهن. ايتري قدر جو نيٽو جھڙو اتحاد  بہ هن جنگ کان پري ٿي بيهي رهيو آهي. آمريڪا اسرائيل پنھنجي ساک خراب ڪري اڪيلا ٿي چڪا آهن. لکين ماڻهو جنگ خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ نڪري پيا آهن. 90 لک ماڻهن 29 مارچ 2026ع تي آمريڪي شهرن ۾ وڏا مظاهرا ڪيا آھن، جيڪو هڪ تاريخي رڪارڊ آهي  مطلب عوام جنگ نٿو چاھي.

آمريڪا اسرائيل تاريخي ڪوڙ هنيا تہ عراق، لبيا، شام وٽ ايٽمي هٿيار آهن، جيڪي يورپ ۽ آمريڪا جي زمين تي حملو ڪري سگهن ٿا اهو سڀ ڪوڙ ثابت ٿي چڪو آهي. عراق ۾  انھي ڪوڙي بياني تي 20 لک ماڻهو ماريا ويا، لکين ڪروڙين ماڻهن کي بي گهر ڪيو ويو  ان جو حساب ڪير ڏيندو، فلسطين ۾ 2 لک عام انسان ٻار عورتون عزا ۾ شھيد ڪيون ويون ان جو جواب ڪير ڏيندو ڇا هي سڀ خون رائيگان ويندا.

نائين اليون کان پوءِ دهشتگردي خلاف جنگ شروع ڪئي وئي. ان جو ڇا ٿيو اسلامي جهاد انتها پسندي وڌي يا گهٽ ٿي جواب آهي.

آمريڪي سامراج سدائين مذھبي انتها پسندي کي سگهارو ڪيو آهي. ان کي ختم ناهي ڪيو  نہ سندس اهو ارادو آهي، اڳ ۾ هن اسامہ بن لادن جو ڀوت ٺاهيو، هاڻ هو وري نوان جنوني مذھبي گروپن جي پيدا ٿيڻ انتهاپسند ٿيڻ جا سڀ امڪان پيدا ڪري رهيو آهي. هاڻ اهل سنت کان پوءِ اهل تشيع جي ريڊيڪل اسلامڪ  لهر هن خطي سميت دنيا ۾ وڌندي جيڪا آمريڪي اسرائيلي مفادن لاءِ خطرناڪ هوندي. اهو ڪم شروع  ٿي چڪو آھي.

افسوس آهي تہ عالمي سطح تي مظلوم قومن جي آزادي، جمهوريت، ترقي پسندي، مارڪسزم، ليننزم، سيڪيولر ازم جي  ڳالهہ ڪندڙ نقلي دانشور، ليکڪ، صحافي، ڪالم نگار، سياسي ڪارڪن، تجزيي نگار آمريڪا جي جارحيت کي قبول ڪري ان جي بربريت کي سپورٽ ڪري رهيا آهن. جيڪو خطرناڪ آهي عملي طرح حڪمت عملي ۾ بہ ڇو تہ ان جي نتيجي ۾  آمريڪي سامراج جي جارحيت کي رد ڪرڻ  وارو  بيانيو جيڪو کاٻي ڌر جو آهي ڪميونسٽ  سوشلسٽ پارٽين فورمن جو ورثو آهي اهو جنوني مذھبي قوتن حوالي ڪري ڇڏي ڏجي پوءِ  انقلابي قوتن تنظيمن وٽ بچي ڇا ٿو. ڀلي آمريڪا تباهي ڪري ڇڏي هي بيوقوفي آهي.

ايران سميت ڪنھن بہ ملڪ ۾  آمريڪي سامراج جي جارحيت ملائيت انتها پسندي کي وڌايو  آهي انتشار کي وڌايو آهي. هن وقت بہ ايران تي آمريڪي اسرائيلي سامراجي جارحيت جو ڪو اخلاقي جواز نہ هو نہ آھي. آمريڪا پنهنجي ساک خراب ڪري چڪو آهي. هاڻ  هو ظاهري طرح  فتحياب ٿي جنگ مان نڪرڻ چاهي ٿو. ايران جي هن وڏي تباھي ڪئي آهي،  پر ان کي شڪست لاءِ مجبور نہ ڪري سگھيو آھي  .

هان هن جنگ کي هن وقت  تائين 33 کان 34 ڏينهن گزري چڪا آھن، پر وڏي بمباري کان پوءِ بہ آمريڪا کي فتح حاصل ڪرڻ جو موقعو ناھي مليو، ايران جي سستن ڊرون اسرائيل، قطر، آمريڪي ايئر بيسن تي افراتفري مچائي ڇڏي آهي. لبرل ڀلي آمريڪا جي جارحيت قبول ڪري ان جي فتح جا گيت ڳائڻ شروع ڪن پر جلد ئي سامراج جي هن باب جو در بند ٿي ويندو ۽  ٿي بہ ويو آھي.

هن سموري صورتحال ۾ روس، چين، اتر ڪوريا خاموش تماشائي ناھن، انهن آمريڪا کي شڪست ڏيڻ لاءِ ايران جي سيٽلائيٽ ٽارگيٽ هٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. اهي آمريڪي سامراج کي هتي دسي ختم ڪرڻ چاهين ٿا. جيڪو علامتي معنيٰ ۾ ٿي ويو. ايرن کي ڪجهہ ڏينهن ۾ فتح ڪرڻ جي  ڀڙڪ بازي ڪندڙ آمريڪي سامراج ان جي ادارن پينٽاگان وائيٽ هائوس ۾ ريهون نڪري ويون آھن.

هي جنگ انهي حوالي سان خاص آهي جو هن ۾ آمريڪي سامراج هاڻ عالمي طاقت حيثيت ڪيرائي ويٺو آهي. سندس طاقت جو مظاهرو ايران ۾ ٿي ويو، ايرن جي عوام وڏي قرباني ڏني 40 سال هنن آمريڪي اسرائيلي سامراجي پابنديون برداشت ڪيون. آمريڪا جي آشيرواد تي صدام حسين جي فوجن جو 10 سال جنگي مقابلو ڪيو هي ڪو مذاق نہ هو .

جنگ ۾ فقط هٿيار ٽيڪنالاجي ناهي وڙھند، حوصلا، ٽيڪنيڪ، حڪمت عملي، جاگرافي  جنون، نظريو سڀ وڙهندا آھن. ايران جي عوام اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. انڪري ٽرمپ ڪجهہ وقت 28 فيبروري کان اڳ چيو هو تہ ايران اسان جي  فوجي طاقت کان آخر ڇو نٿو ڊڄي  مطلب هن لاءِ بہ هي حيرت ۾ وجهندڙ هو.

آمريڪي سامراج جنگ مان نڪرڻ چاهي ٿو پر ايران ۽ سندس گوريلا فورس پاسدارن انقلاب  خاتم الانبيا ڪمانڊ هنن سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ چاهي ٿي.

ايراني عوام هن وقت بغاوت نہ ڪري آمريڪي اسرائيلي سامراجي جارحيت ۽  پلان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. آمريڪا کي ايراني 6 هزار سالا تهذيب تمدن مزاحمت جو اندازو نہ هو هنن غلطي ڪئي. آمريڪا هن جنگ مان ڪهڙي بہ ريت نڪري هو ناڪام ٿي ويو آهي. هو هاڻي سپر پاور ناهي رهيو سندس شڪست جو آغاز ايران مان ٿي چڪو آھي.

لبرل ۽ نام نهاد ليفٽ لاءِ هڪ پيغام آهي تہ عالمي سطح تي مظلوم طبقن قومن جي آزادي جمهوريت ترقي پسندي سامراج دشمني کي وري پڙهو ڪوڙيون خبرون نہ ڪريو. سامراج جي فتح مظلوم طبقن جي شڪست آهي فرض ڪريو هن جنگ ۾ آمريڪا فاتح ٿئي ٿو پوءِ هو ايران تي دنگ ڪندو پوءِ تہ هو سموري دنيا جي عوام انسانذات ملڪن کي مڪمل غلام بڻائيندو. جيڪو هن وقت بہ ڪيو ويٺو آهي. لبرل نام نهاد ليفٽ وارا جدليات پر هن ٽين انٽر نيشنل ڪميونسٽ جو ٿيس سس پڙهن. نہ تہ اهي تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ اڇلايس ويندا. باقي رهيو سوال مذھبي انتهاپسندي جو اها آمريڪا سامراج جي پيداوار آهي. آمريڪي اسرائيلي سامراج ختم هي اسلامي نظرياتي نام نهاد جنگ دهشتگردي ختم هنن کي فنڊن ئي آمريڪا ڪنڊو هو ۽ اهي هيلري ڪلنٽن جو تازو بيان پڙهي ڏسو.

اسين شاندار دور ۾ آهيون، دنيا جي خطرناڪ ۽ تبديل ٿيندڙ دور ۾ آهيون، اسين دنيا کي اميد آهي تہ نئين سر تعمير ٿيندي ڏسنداسين، سامراجي نظام ڊهندو نظر اچي پيو.

تاريخ نم وري هيڻن هٿان ڏاڍن جي شڪست جا داستان لائيو ڏسي رهيا آهيون هي ڪمال جو دور آهي،  جنگ آمريڪا 15 يا 20 ڏينهن هلائي ويو تہ وڏي ڳالهہ ھوندي، هي ٽين عالمي جنگ آهي جنھن ۾ گهٽا پلئير آھن. روس، چين، اتر ڪوريا تہ ظاهر آمريڪا مخالف ڪئمپ ۾ آھن  پر ٻيا بہ ڪيترائي ملڪ عوام آمريڪا جي بدترين شڪست جا منتظر آهن.

هڪ نئين اميد واري دنيا تشڪيل ٿئي پئي هڪ نسبتن بهتر دنيا اسان ان ۾ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪريون تہ نئين سامراجي توسيع پسندي کان آزاد  دنيا جنگ جدل کان آزاد دنيا ناممڪن آهن.

 


Previous Post Next Post