نثري نظم جو خوبصورت شاعر، نقاد ۽ دانشور خادم بالادي ـ خالد 'ساحل' ڪيريو

سنڌ جي تاريخي شهرن مان مورو شهر علم، ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. هي شهر رڳو واپار يا رهائش جو مرڪز نہ، پر فڪر، شعور ۽ تخليق جو بہ هڪ سرگرم مرڪز رهيو آهي. ھن شھر جي مٽيءَ ڪيترن ئي شاعرن، اديبن ۽ نقادن کي جنم ڏنو آھي، جن سنڌي ادب جي واڌاري ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن شهر ۾ ادبي سنگت ۽ ٻين ادبي تنظيمن جي سرگرمين نوجوان نسل کي ادب ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ انهن جي فڪري تربيت ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آهي. نتيجي طور مورو شهر نہ رڳو تخليقي ادب، پر تنقيدي ادب ۾ بہ اهم مرڪز بڻجي سامهون آيو آھي. اهڙي علمي ۽ ادبي ماحول مان نئين ٽهيءَ جا باصلاحيت شاعر ۽ نقاد سائين خليق ٻگهيو ۽ خادم بالادي بہ اڀريا، جن جديد سنڌي ادب ۾ پنهنجي فڪر، اسلوب ۽ تخليقي صلاحيتن جي ذريعي منفرد سڃاڻپ پيدا ڪئي. خادم بالادي 6 اپريل 1980ع تي موري شھر ۾ استاد بخشل خان بالادي جي گھر ۾ جنم ورتو. تعليم جي حوالي سان ھو ايم اي سنڌي آھي. روزگار جي حوالي سان ھو سوشل سيڪٽر ۾ ملازم آهي. سال 1990ع کان ادب ۾ پير پائيندڙ خادم بالادي ھن وقت تائين جديد سنڌي نثري نظم ۽ تنقيد نگاريءَ ۾ پنهنجو الڳ مقام ٺاهيو آهي. خادم هڪ حساس، علم دوست، شاعر ۽ نقاد آهي. سندس شخصيت ۾ سنجيدگي، مطالعو، سچائي ۽ سماجي ذميواريءَ جو احساس نمايان نظر اچي ٿو. ننڍپڻ کان ئي کيس پڙهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ ڏانهن لاڙو رهيو. ڪتابن سان سندس دلچسپي وقت سان گڏ وڌندي وئي، جنهن سندس فڪري شخصيت جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ادبي ماحول سان وابستگي کيس نوجوانيءَ ۾ ملي، جڏهن هو موري جي ادبي گڏجاڻين ۽ سنڌي ادبي سنگت سان ڳنڍيو. اتي کيس ڪيترن شاعرن ۽ اديبن سان ويجهڙائي حاصل ٿي، جنهن سندس ادبي شعور کي پختو ڪيو. 1990ع واري ڏهاڪي واري دور ۾ مورو شهر ادبي سرگرمين جو اهم مرڪز هو، جتي نوجوان شاعرن ۽ اديبن کي سکڻ ۽ لکڻ جا موقعا ملندا رھيا. ادبي سنگت ۾ شرڪت دوران خادم نہ رڳو شاعري شروع ڪئي، پر تنقيدي سوچ بہ پيدا ڪئي. سندس فڪري سوال ۽ بحث مباحثا ٻين اديبن کي بہ مطالعي ڏانهن مائل ڪندا رھيا.

ادبي حلقن ۾ خادم بالادي کي هڪ سنجيده مزاج، بحث مباحثي کي پسند ڪندڙ ۽ دليل سان ڳالهائڻ واري فرد طور سڃاتو ويو. مورو ادبي سنگت ۾ خادم بالادي جو ڪردار پڻ نهايت اهم رهيو آهي. هن نہ صرف هڪ سٺي ڳالهائيندڙ نقاد طور پنهنجي حيثيت مڃرائي، پر هڪ سرگرم ادبي ڪارڪن ۽ عهديدار طور بہ ادبي سرگرمين کي هٿي ڏني. سنگت جي گڏجاڻين ۾ سندس تنقيدي ويهڪون علمي سطح تي انتهائي اثرائتيون رهيون آهن. جڏهن هو ڪنهن لکڻيءَ جو جائزو وٺندو هو تہ ان جي ماهراڻي نموني سان ڇنڊڇاڻ ڪندو هو.

سنگت جي گڏجاڻين ۾ سندس گفتگو، تنقيدي راءِ ۽ علمي دليل ٻڌندڙن کي متاثر ڪندا رهيا آهن. جڏهن هو ڪنهن موضوع تي ڳالهائيندو آهي تہ سندس وسيع مطالعو، تخليقي سگهہ ۽ فڪري پختگي صاف ظاهر ٿيندي آهي.

 خادم جي فڪري تشڪيل ۾ سندس ساٿين ۽ علمي دوستن جو بہ اهم ڪردار رهيو آهي، جن ۾ خليق ٻگهيو، امداد سولنگي، وقار سيال، علي رضا حب ۽ ميڪش سومرو شامل آهن. انهن ساٿين سان علمي بحثن ۽ ادبي ويهڪن خادم جي سوچ کي وڌيڪ پختو ۽ وسيع بڻايو. هن ساختيات، پس ساختيات ۽ جديد تنقيدي نظرين تي پڻ گهري دلچسپي ڏيکاري ۽ انهن تي بحث مباحثن ۾ سرگرم حصو ورتو. خادم جي شخصيت ۾ هڪ دانشور جي حيثيت سان فڪري پختگي موجود آهي، جيڪا سندس لکڻين ۽ تنقيدي راءِ ۾ بہ نظر اچي ٿي. هو ادب کي سماج جي سڌاري جو ذريعو سمجهي ٿو ۽ پنهنجي قلم ذريعي سماجي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سوشلسٽ خيالن کان متاثر ٿيڻ خادم جي فڪري سفر ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿيو. انهن خيالن نہ رڳو هن کي ادب ڏانهن راغب ڪيو، پر کيس سماجي حقيقتن جي شعوري ادراڪ ڏانهن پڻ وٺي آيا. نتيجي طور، هو شاعريءَ کان فلسفي ۽ فلسفي کان مضمون نگاريءَ ڏانهن منتقل ٿيو، جتي هن پنهنجي فڪر کي وڌيڪ منظم ۽ دليلن سان پيش ڪيو.

خادم بالادي بنيادي طور نثري نظم جو شاعر آهي. سندس شاعري جديد سنڌي نثري نظم جي روايت سان جڙيل آهي، جتي ھو پنهنجي احساسن، خيالن ۽ مشاهدي کي آزاد اسلوب ۾ بيان ڪري ٿو. هن پنهنجي نثري نظمن ۾ انساني زندگيءَ جي مختلف پهلوئن، سماجي مسئلن ۽ داخلي احساسن کي موضوع بڻايو آهي. سندس نظمن ۾ فڪري گهرائي، علامتي انداز ۽ سماجي شعور نمايان نظر اچن ٿا. هو روايتي شاعريءَ جي پابندين کان هٽي ڪري آزاد اسلوب اختيار ڪري ٿو، جنهن ۾ لفظن جي سادگي ۽ خيالن جي گهرائي گڏ نظر اچي ٿي. سندس شاعري پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ۽ سماج جي حقيقتن ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي. خادم بالادي جي شاعريءَ جي موضوعن ۾ سماجي ناانصافي، انسانيت ۽ محبت، جديد دور جا مسئلا، شعور ۽ سجاڳي، مزاحمت، جدوجهد، فلسفو، انسان جي اندروني ڀڃ ڊاه وغيرہ جھڙا انيڪ موضوع موجود آھن، جيڪي سندس شاعريءَ کي هڪ فڪري ۽ سماجي حيثيت ڏين ٿا. ھيٺ ڏنل سندس نثري نظم اڌ ۾ داخلي احساس، سماجي شعور ۽ وجودي بيچيني هڪ ٻئي سان ڳنڍيل صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا. چمڙي جي روح، فحاشي جا پوسٽر ٺاهڻ، ڪرب جي سرحد جھڙا گھڻ معنائن وارا استعارا، علامت نگاري، خيال جي رواني، داخلي وحدت ھن نظم جون اهم خوبين ۾ شامل آهن. هي نظم جديد انسان جي داخلي ڪيفيت، سماجي بي حسي، اخلاقي زوال ۽ اظهار جي پابندين جو هڪ گهرو عڪس پيش ڪري ٿو.

(اڌ)

چمڙي جي روح م

زندگي ڀوڳڻ جو فن

آئون نٿو ڄاڻان.

آئون تہ بس

ايترو ڄاڻان ٿو.

پکين جي چھنب مان.

وھندڙ رٿ سان.

فحاشي جا پوسٽر ٺاھڻ وارا

ڪڏھن بہ ناھن مرندا.

ان ڪري.

مان پاڻ کي

ڪرب جي سرحد تي اڇلي

تو وٽ موٽي آيو آھيان.

تون پنھنجين'

بليو ڪرڪس وارين

نيرين اکين سان

مونکي ڍڪي ڇڏ.

ڇوتہ

مان پنھنجي سموري شڪست

وسارڻ چاھيان ٿو.

مون پنھنجي ھر لفظ کي

رھزن جي بندوق سمجھي.

ٽئون جي ميئر وٽ.

جمع ڪرائي ڇڏيو آھي.

خادم بالادي جو ٻيو نظم فردِ جرم آھي. نظم ۾ پنهنجي وجود، سماج ۽ روايتن سان ٽڪراءَ کي علامتي ۽ فڪري انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلڻ، اوندھ ۾ تيلي ٻارڻ، مسافرن کان منزل پڇڻ، پنھنجو رت پيئڻ جھڙا خوبصورت استعارا ۽ علامتون آھن. ھي نظم وجوديت ۽ مزاحمتي تصورن سان سرشار آهي. نظم ۾ اظهار علامتي ۽ تجريدي انداز ۾ آھي.

فرد جرم

مان آخري غدار آھيان

مون کي معاف ڪيو وڃي.

مون پاڻيء ۾ پٿر اڇلي

ٺھراءُ جي فطرت کي رد ڏنو.

مون اوندھ ۾ تيلي ٻاري،

تاريخ جي سموري اطمينان کي ننگو ڪيو.

مون مسافرين کان،

منزلن جو ڏس پڇيو تہ،

سفر جو سمورو تقدس

منھنجي ھٿان قتل ٿي ويو.

پنھنجو ئي رت پيئڻ کان پوء

وحشتن جي اوڳرائي ڏئي،

زندھ رھڻ لاءِ،

مون کي جيڪو ڪجھ سيکاريو ويو،

مان اھو نہ ڪري سگھيس

مون کي معاف ڪيو وڃي

مان آخري غدار آھيان.

خادم بالادي جي نثري نظمن ۾ داخلي ڪيفيتن، سماجي شعور ۽ فڪري گهراين جو حسين امتزاج ملي ٿو. هن جي تخليقن ۾ احساس جي نزاڪت سان گڏ فڪر جي پختگي بہ نمايان آهي، جيڪا هن کي جديد سنڌي شاعريءَ جي اهم آواز طور مڃرائي ٿي. نثري نظمن ۾  ھن وٽ سرريئلزم جا عنصر نمايان طور نظر اچن ٿا. سندس تخليقن ۾ ڪڏهن ردِ تشڪيل جا لاڙا ملن ٿا تہ ڪڏهن پوسٽ ماڊرن فڪر جون جهلڪيون پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هن جي لکڻين ۾ روايتي فريم ورڪن کان انحراف ۽ نون فڪري امڪانن جي تلاش نمايان آهي، جيڪا هن کي جديد ادبي رجحانن سان ڳنڍي ٿي.

خادم بالادي مضمون نويسيءَ ۾ تنقيدي ۽ فڪري مضمون لکيا آهن، جن ۾ داخلي رنگ بہ آهي تہ معلومات جو خزانو بہ آهي. سندس مضمون ”محبت جو جمالياتي ادراڪ“ نئون نياپو رسالي ۾ 2007ع ۾ ڇپيو. ساڳئي سال ساڳئي رسالي ۾ فلسفي تي مبني هڪ ٻيو مضمون ”وجوديت“ ڇپيو، جنهن ۾ ھن وجوديت، جوهر، ڏهڪاءُ وغيرہ کي نهايت ئي خوبصورت انداز سان بيان ڪيو آهي. سندس ٻين مضمونن ۾ ”انساني صداقتن جو شاعر شيخ اياز“ سنڌ ويلي 2007ع ۾، رضا لانگاھ جي شعري مجموعي ”دعائون ننڊ مان جاڳيون“ تي هڪ تجزياتي مضمون ماهوار ناٽڪ ڪراچي (2014ع) ۾ ڇپيو. ھن پنھنجي فلسفيانہ خيالن کي سلجهيل انداز ۾ مضمون جي اسلوب ۽ بيان ۾ لکيو آهي. لطيف شناسيءَ جي موضوع تي فڪري نوعيت جو مضمون ”ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ دائمي سرگرميءَ جو شعور“ 2012ع ۾ نئون نياپو رسالي ۾ ڇپيو. مضمون ۾ ھن دائمي سرگرمي جي فلسفي کي ڀٽائي جي شاعريءَ مان دريافت ڪيو آھي. ان سان گڏ ھن ڀٽائيءَ جي سر کاھوڙي کي مسلسل جدوجھد جي علامت بڻائي ڀٽائيءَ جي فڪر جي شعوري ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آھي. ساڳئي رسالي ۾ فيبروري 2016ع ۾ سندس ھڪ ٻيو مضمون ”ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ مظلومن جي تدريس“ ڇپيو. خادم جي نظر ۾ ادب ۽ آرٽ مظلومن جي تدريس آھي. مضمون ۾ ھن تعليم جي بينڪاري، سرمائيدارانہ تصور ۽ حقيقي تعليم جي تصور ۾ امتياز ڪندي ادب کي مظلومن جي حقيقي تدريس ڄاڻايو آھي. ساڳئي رسالي ۾ ھڪ ٻيو مضمون ”ڀٽائيءَ جي انقلابي عمرانيات“ 2017ع عوامي آواز سنڊي مئگزين جي جون واري شماري ۾ ڇپيو. ھن مضمون ۾ خادم بالادي عمرانيات جي جديد فڪر کي اڳيان رکي ڀٽائيءَ جي شاعري کي پنھنجي منفرد ڏسڻ جي زاويي کان سائنسي، فڪري ۽ شعوري طرح سان سماج جي متحرڪ تصورن ۽ انھن جي محرڪاتن جو تجزيو ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري معلومات ڏني آھي. جديد نظم جي حوالي سان ھن علي آڪاش جي نظمن جي تجزيي ۾ نظمن جي متن جي ڇنڊ ڇاڻ، ان جي جمالياتي بصيرت، شعري حسناڪين، فن توڙي فڪر جي نشاندهي ڪئي آھي. ان کان علاوہ ھن سرواڻ سنڌي جي نظمن جي جائزي جي حوالي سان ”جديد نظم جو ڊسڪورس“ مضمون ۾ جديد نظم جو فني، فڪري ۽ لسانياتي خوبيون، ھيئت، ڊڪشن ۽ ٻين مختلف پھلوئن کان روشني وڌي آھي. خادم بالادي جي ادبي شخصيت جو هڪ اهم پاسو سندس تنقيد نگاري آهي. هو ادب کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ ان جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ تنقيدي سوچ کي ضروري سمجهي ٿو. سندس تنقيدي لکڻين ۾ دليل، تجزيو ۽ فڪري وضاحت نمايان نظر اچي ٿي. ھو نون شاعرن ۽ اديبن جي لکڻين تي به تنقيدي نظر وجهندو رهيو آهي ۽ ادبي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجا خيال پيش ڪندو رهيو آهي. سندس تنقيد جو انداز تعميري آهي، جنهن ۾ خامين جي نشاندهي سان گڏ سڌاري جا پهلو بہ بيان ڪيا ويندا آهن. تنقيد نگاريءَ ۾ ھو منطقي تجزيي، فڪري وضاحت، ادب جي سماجي حيثيت تي زور ۽ نون لاڙن جي سڃاڻپ تي زور ڏيندو رھيو آھي.

سندس تنقيدي ڪم سنڌي ادب ۾ فڪري بحث مباحثي کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو آهي. تنقيد جي ميدان ۾ ھن پنهنجي منطقي استدلال، غير جانبدار رويي ۽ علمي گهرائيءَ وسيلي هڪ منفرد سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي. سندس تنقيدي انداز ۾ جذباتيت بدران دليل، تجزيو ۽ متن جي گهري پڙهت کي اهميت حاصل آهي. جڏهن هو ڪنهن ادبي تخليق تي ڳالهائيندو آهي تہ ان جي فني ۽ فڪري پاسن کي اهڙي مهارت سان کوليندو آهي، جو ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ ٻنهي لاءِ نيون معنائون جنم وٺن ٿيون. خادم بالادي جديد تنقيد جي ميدان ۾ بہ سرگرم رهيو آهي. هن موجوده دور ۾ تنقيد جي بحران تي بحث ڪندي ڪڏهن ڪڏهن ڊيٿ آف ڪرٽڪ  (Death of Critic) جهڙا اصطلاح استعمال ڪيا آهن، جن ذريعي هو ادبي تنقيد جي نون رجحانن ۽ نظرين تي بحث ڇيڙيندو رهيو آهي. سندس تنقيدي لکڻين ۾ جديد فڪر، نظرياتي شعور ۽ سماجي مسئلن جي عڪاسي ملي ٿي. هو ادب کي رڳو جمالياتي اظهار نہ، پر سماجي تبديليءَ جو ذريعو سمجهي ٿو. خادم بالادي جا ڪجھ رسالن ۽ اخبارن ۾ تنقيدي نوعيت جا مضمون ڇپيا آهن. سندس اڀياس وسيع آهي، جنھن ڪري ھن وٽ تنقيد ڪرڻ جي ھر لحاظ کان لياقت آھي. ھن جديد تنقيد ۽ مابعد جديديت جي مختلف پھلوئن تي تنقيدي نقطہ نگاھن کان سنڌي ادب جي ڪيترن ئي شعري مجموعن تي تنقيدي مضمون لکيا آھن انھن ۾ ايس نسيم ميمڻ جو ڪتاب  ”چنڊ سنڌوءَ ۾“ 2012ع، محبتي ملاح جو ڪتاب ”تنھنجي خوشبو آئي ھوا مان“ 2012ع، نجم سرھيي جو ڪتاب ”اڃايل خواب“ 2012ع، امين چانڊيي جو ڪتاب ”عڪس ۾ رقص“ 2014ع، رضا لانگاھ جو  ڪتاب”دعائون ننڊ مان جاڳيون“ 2014ع، خالد 'ساحل'  ڪيريي جو ڪتاب ”سمنڊ جو رقص“ 2015ع، فدا ملڪ جو ڪتاب”احساسن جو پنڌ“ 2015 کان علاوہ منتظر سومرو، امداد سولنگي، مصطفي آڪاش، جميل سومري، بلوچ صحبت ۽ چندر ڪيسواڻي جا شعري مجموعا شامل آھن. ھن ٿيوريءَ جي نقطہ نظر سان سنڌي شاعري جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آھي. ھن پنھنجي شاعراڻا تجزيي ۾ متن کي اکيلي تخليق جي نون پيدا ٿيندڙ انڪشافات تي لکيو آھي. مابعد جديديت جي ادب جي حوالي سان سندس مضمون ”صورتحال جو ڊسڪورس“ 2020ع ۾ ”پنھنجي“ اخبار ۾ ڇپيو، جنھن ۾ ھن گلوبلائيزيشن، ڊي سينٽرلائيزيشن ۽ مارڪيٽ ايڪانامي تحت دنيا جي نئين تشريح سان ڪنزيومر سوسائٽي جي وجود ۾ ادب تي ڳالھايو آھي. ھي مضمون سندس ڳوڙهي اڀياس جو نتيجو آهي.01 اپريل 2020ع عوامي آواز سنڊي مئگزين ۾ سندس ٻيو مضمون ”ڊيٿ آف ڪرٽڪ“ جي نالي سان ڇپيو. ھي مضمون ساختياتي نقاد، رولان بارٿ جي ھڪ مضمون ”ڊيٿ آف آٿر“ جي تسلسل ۾ لکيو آھي، جنھن ۾ ھن جو خيال آھي تہ نقاد ادب ۽ لکڻي اندر معنيٰ جي مرڪزيت کي نڪتو بڻائي تنقيد جا تصور پيدا ڪري ٿو، جڏھن تہ مابعد جديد ادب جي تصور ۾ معنيٰ کي ڪابہ مرڪزيت ناھي، ان ڪري نقاد پاڻ بہ معنيٰ جي مرڪزيت سان جديديت جي دور پوري ٿيڻ سان پنھنجو اختيار وڃائي ويٺو آھي. ھي وقت ادب جي نئين تفھيم ۽ تصور جو آھي، ان ڪري پڙھندڙ ئي وڏو نقاد آھي. خادم جو ھڪ ٻيو تنقيدي مضمون ”انساني تاريخ ۽ تنقيدي شعور“ 20 فيبروري 2022ع ۾ ڪاوش دنيا ۾ ڇپيو. خادم بالادي جو تنقيد نگاري ۾ نثري اظهار وڻندڙ ۽ جديد شعور ليئا پائيندي محسوس ٿئي ٿو. جدليات، فلسفي ۽ ترقي پسند ادب ڏانھن ھميشہ سندس قدم وڌيل رھيا آھن. خادم جي تنقيد جو الڳ رستو، جديد ۽ منفرد اسلوب، فيلسوفاڻو ۽ ناقداڻو نوع من ۾ پيھي ويندڙ آھي. ھن جي تنقيد داخلي توڙي خارجي لحاظ کان اڻ ڌري، تجزياتي ۽ سندس پرک اڀياس ايمانداريءَ جو مثال آھي. خادم بالادي تخليق جي ماحول ۽ نفسياتي تجزيي تي پنھنجي مطالعي جي مدد سان انھيءَ جي سڀني خوبين ۽ خامين کي صاف ڪري ھڪ خوبصورت تصوير وانگر اڀاري ظاھر ڪري ٿو. تنقيد ڪرڻ وقت ھو تخليق جو جائزو جمالياتي نڪتہ نظر کان وٺڻ سان گڏ تخليق جي جمالياتي خصوصيتن تي بہ بحث ڪري ٿو.

دانشور جي حيثيت ۾ خادم وٽ علمي سفر ۾ فلسفي، تاريخ، سماجيات ۽ ادب جو گڏيل مطالعو آهي. خاص طور تي ھن ترقي پسند فڪر، سائنسي سوچ ۽ جدلياتي ماديت جي اثر هيٺ سندس ذهني تشڪيل ٿي آهي. ڊاڪٽر سليمان سولنگي جي علمي ۽ فڪري سرپرستيءَ هيٺ هن جيڪا تربيت حاصل ڪئي، ان سندس فڪر کي نوان رخ ڏنا. هن مارڪسزم، سوشلزم، وجوديت ۽ ٻين فلسفيانہ نظرين جو سنجيدگيءَ سان مطالعو ڪيو، جنهن جو اثر سندس لکڻين ۽ تنقيدي روين ۾ چٽو نظر اچي ٿو.

خادم  مسلسل مطالعي وسيلي پنهنجي علمي سرمايي ۾ واڌاري ڪرڻ سان گڏ فلسفي، سائنس، سماجيات، سياست، عالمي ادب ۽ اردو ادب تي پڻ لکندو رهيو آهي.

جديد دور ۾ هو سماجي ميڊيا، خاص طور تي فيس بُڪ تي بہ فعال رهيو آهي، جتي مختلف تخليقڪارن جي تخليقن تي تنقيدي بحث مباحثا ڪندو رهيو آهي. فيس بڪ تي ھو سرگرم ليکڪ طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس لکڻين ۾ سماجي تبصرا، ادبي خيال، سياسي شعور، فڪري سوال وغيره ھوندا آھن جيڪي عام ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ بحث مباحثي کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون.خادم مختلف سماجي معاملن ۾ آواز اٿاريندو رهيو آهي ۽ عوامي مسئلن بابت پنهنجو موقف پيش ڪندو رهيو آهي. ھن سياسي، سماجي تنظيمن جي پليٽ فارم تان عوامي تڪليفن بابت اڳواڻن سان گڏ احتجاجي مظاھرن ڪرڻ سان گڏ بيان بہ جاري ڪيا آھن. خادم نہ صرف نرم دل، محبت ڪندڙ ۽ دوستن سان وفادار انسان آھي، پر ساڳئي وقت حق جي ڳالهہ ڪرڻ ۾ بيباڪ پڻ آهي. سندس مزاج ۾ محبت ۽ مزاحمت ٻنهي جا رنگ موجود آهن. ڪڏهن سنجيدہ فڪر ڪندڙ لڳندو آهي تہ ڪڏهن معصوم ٻار وانگر سادگي ۽ خوش مزاجيءَ جو اظهار ڪندو آهي. هو اڪثر چوندو آهي: جيڪڏهن محبتون ڏيڻ سان منهنجو ڪوبه خرچ نٿو ٿئي تہ پوءِ نفرتون ڇو ورهايون؟

خادم بالادي پنهنجي ماءُ سان بيحد محبت ڪندڙ انسان رهيو آهي. سندس شخصيت ۾ ماءُ جي تربيت ۽ دعائن جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. ماءُ جي وفات باوجود سندس يادون ۽ محبت سندس روين ۾ زنده محسوس ٿينديون آهن. هو دوستن سان گهڻو وقت گذارڻ، گفتگو ڪرڻ ۽ کل ڀوڳ ذريعي زندگيءَ جي تڪليفن کي هلڪو ڪرڻ جو قائل آهي. سندس چوڻ مطابق: رليڪس ڪرڻ وارو مسيحا هوندو آهي. هن پنهنجي تخليقن ذريعي نہ رڳو ادب کي نوان موضوع ڏنا آهن، پر سماجي شعور کي بہ بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس فڪري جرئت، انسان دوست سوچ ۽ تخليقي سگهہ کيس پنهنجي دور جي اهم اديبن جي صف ۾ بيهاري ٿي. مستقبل ۾ بہ اميد آهي تہ سندس لکڻيون سنڌي ادب جي واڌ ويجهہ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.


Previous Post Next Post