تعليم ئي ترقي جو ضامن ـ امداد ”عاجز“ نصيراڻي

تعليم پرائڻ کان سواءِ ڪا بہ قوم ترقي نہ ٿي ڪري سگهي، اهو پاڻ هر هنڌ ٻڌو ۽ پڙھيو آھي، هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ ڇا اسين واقعي اهڙي تعليم پرائي رهيا آھيون، جنھن سان ترقي پنھنجي يقيني هجي ٿي؟ تعليم ڪنھن بہ قوم لاءِ بنيادي جزو هوندو آھي، جنھن جي حاصلات سان ئي اها قوم انفرادي توڙي اجتمائي طور سماج ۾ ترقي ۽ هڪ خاص شناخت حاصل ڪري سگهي ٿي. ڇا اسين واقعي ان بنيادي جزي کي مضبوطي سان پڪڙي سندس پيڇو ڪري رهيا آھيون؟ يقينن اهي سوال هر ماڻهو جي ذهنن تي طاري هوندا ۽ انھن جا جواب ڏيڻ کان پهريان ضرور پنھنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسندا تہ اسان جو بحيثيت هڪ قوم جي پنھنجي سماج ۾ تعليم کي وٺي ڪهڙو اهم ڪردار رهيو آھي، اسين جيڪي پنھنجي ٻچن جي مستقبل لاءِ حيران ۽ پريشان رهيا آھيون تہ ڇا اسين سچ ۾ انھن جي مستقبل کي وٺي ايترو سنجيدگيءَ سان فڪرمند آھيون، جيترو ٻيون قومون ۽ دنيا جا پٺتي پيل ملڪ تعليم جي ميدان ۾ سنجيدہ آھن ۽ اهي تمام تيزي سان تعليم جي ميدان ۾ پاڻ مڃائي پاڻ ملهائي رهيا آھن. اسان جي سامهون ڪيترائي اهڙا ملڪ مثال جي طور تي موجود آھن، جن مان ڪن ملڪن خواندگي شرح تمام گهٽ هوندي انھن صرف ۽ صرف پنھنجي تعليمي نظام کي مضبوط بڻائي پنھنجي ايندڙ نسلن کي تعليم طرف متوجھ ڪري دنيا ۾ ترقي پنھنجي يقيني بڻائي آھي تہ ڪي اڃا تعليم کي پنھنجي ملڪن ۾ هٿي ڏياري ترقي طرف گامزن آھن.

تعليم ڪنھن بہ قوم جي ترقي جو بنياد هجي ٿي، ڇا اسين ڪڏھن سوچيو آھي تہ تعليم جي ميدان ۾ اسين ڇو سست روا جو شڪار رهيا آھيون. اقتصادي رپورٽ 2024-25 موجب پاڪستان جي خواندگي شرح مجموعي طور 60 سيڪڙو رهي آهي، جنھن ۾ ڇوڪرن جو ڪاٿو 68 سيڪڙو جڏهن تہ ڇوڪرين جا انگ اکر 52 سيڪڙو ٻڌايا ويا آھن. ان کان علاوہ صوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ خواندگي شرح پنجاب جي يعني 66 سيڪڙو، ٻئي نمبر تي سنڌ جي خواندگي شرح 57 سيڪڙو ۽ خيبر پختونخواھ جي 51 سيڪڙو جڏهن تہ بلوچستان جي مڙني صوبن کان گهٽ 42 سيڪڙو خواندگي شرح رهي آھي. مڙني انگن اکرن کي ڏسندي اها شرح پوئين ڏهاڪن کان يقينن ڪجھ بهتر رهي آھي پر پاڻ کي اڃا وڌيڪ عملي طور قدم کڻڻ جي ضرورت آھي.

ان کان علاوہ 5 کان 16 سالن جي ٻارن جو اسڪول کان ٻاهر هجڻ جا انگ اکر بہ يونيسيف جي رپورٽن ذريعي پڌرا ڪيا ويا آھن، جنھن مطابق پاڪستان جي ٻارن جي ملڪي آبادي مان 35 سيڪڙو 5 کان 16 سالن جا ٻار تعليم کان وانجھيل يعني اسڪولن کان ٻاهر آھن ۽ صوبن موجب پنجاب جا 9 ڏهائي 6 کان 9 ڏهائي 7 ملين (27 سيڪڙو آبادي)، سنڌ مان 7 ڏهائي 4 کان 7 ڏهائي 8 ملين (44 سيڪڙو آبادي)، خيبرپختونخواھ مان 4 ڏهائي 5 کان 4 ڏهائي 9 ملين (34 سيڙو آبادي) ۽ بلوچستان مان 3 ڏهائي 9 کان 3 ڏهائي 5 ملين ( 69 سيڪڙو آبادي) ٻار اسڪولن کان وانجھيل ۽ علم جي روشني کان پري آھن.

بدقسمتي چئجي يا اتفاق، اسان جي ملڪ جي تعليم جيڪا پهريان ئي اهڙي رولڙي جو شڪار رهي آھي، اتي وري ڪڏھن ٻوڏ جي صورت ۾ تہ ڪڏهن وري ڪورونا وائرس جي لپيٽ ۾ اچي تہ ڪڏھن ملڪي يا عالمي سطح تي پيش ايندڙ واقعن سبب متاثر اسان جي هميشہ تعليم ئي ٿي آھي. هڪ تہ اسان جي ملڪ جي ٻارن جي وڏي آبادي اسڪولن کان ٻاهر آھي ٻيو وري جيڪي تعليم پرائي رهيا آھن تہ انھن جي تعليم مٿي ذڪر ڪيل مختلف سببن جي ڪري بري طرح سان متاثر ٿي رهي آھي. افسوس سان حڪمرانن طرفان بجاءِ ڪنھن متبادل حل ڪڍڻ جي اسان جي تعليمي ادارن کي مڪمل طور تي بند ڪرڻ ئي مسئلي جو حل سمجهيو وڃي ٿو، جنھن سبب اسان جي تعليم کي وڏو ڇيهو رسيو آھي. خاص ڪري اسان جي سنڌ جتي 74 کان 78 لک ٻار يعني صوبي جي 44 سيڪڙو ٻارن جي آبادي اڳ ۾ ئي اسڪول کان ٻاهر آھي تہ اتي وري اڃا اسڪولن جو مختلف وقتن تي گهڻي عرصي تائين بند رھڻ، اسڪولن جو انفرا اسٽرڪچر گهڻي ڀاڱي زبون حالي جو شڪار ۽ پٺتي پيل يا ڏورانھين علائقن ۾ اسڪولن جي غيرفعالي پڙھندڙ ٻارن جي تعليم کي وڌيڪ نقصان پھچائي رهي آھي، جنھن طرف اسان جي حڪمرانن کي سوچڻ ۽ جوڳا اپاءَ وٺڻ گهرجن.

ڏکڻ آفريڪا جي اڳواڻ نيلسن منڊيلا چيو آھي تہ ”تعليم تمام وڏو طاقتور هٿيار آھي، جنھن سان توهان دنيا کي تبديل ڪري سگهو ٿا“. يعني قومون رڳو وسيلن تي ڀاڙي ڪڏھن بہ مستقل بنيادن تي ترقي ۽ تبديلي نہ ٿيون ماڻي سگهن، مطلب تہ ترقي ۽ تبديلي جو دارو مدار ۽ بنياد صرف تعليم ئي آھي پر افسوس اسان جي ملڪ جي مجموعي طور تي ٻارڙن جي 35 سيڪڙو آبادي اسڪولن کان ٻاهر آھي. جنھن مان ظاهر ٿي رهيو آھي تہ تعليم اسان لاءِ ڪيتري ضروري آھي. سرڪار تہ ٺهيو پر ڇا اسڪولن کان ٻاهر ٻارڙن جي والدين ڪڏهن سوچيو آھي تہ اهي پنھنجي ٻارڙن کي ڪھڙي دلدل ڏانھن ڌڪي رهيا آھن. ڇا انھن ٻارن جو ڪو حق ڪونھي تہ اهي بہ ٻين ٻارن وانگر پڙھي لکي شعور ۽ ترقي حاصل ڪن. تعليم حاصل ڪرڻ سان رڳو هڪ فرد نہ پر سندس پيڙھيون سڌري وڃن ٿيون. ان لاءِ حڪمرانن، سياسي سماجي ساڃاھ وندن، والدين ۽ لاڳاپيل اختيارين کي ان ڳالھ تي يقيني سوچڻو پوندو ۽ پنھنجي صرف ڳالهين کي عملي جامو پھرائڻو پوندو تہ جئين اسان جو آئيندو نسل بهتر ٿي سگهي.

سنڌ حڪومت جو ساراھ جوڳو قدم جنھن يونيسيف سان پنجن سالن جو معاهدو جوڙي هڪ روڊ ميپ تيار ڪري ورتو آھي، جنھن سان اها اميد رکي سگهجي ٿي تہ اسان جي اسڪولن کان ٻاهر تعليم کان وانجھيل ٻار اسڪولن ۾ ايندا پر ان لاءِ بہ حڪومت کي سگهارا ۽ منفرد قدم کڻڻا پوندا، پٺتي پيل علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ٻارڙن کي اهو ماحول ميسر ڪري ڏيڻو پوندو، جنھن سان انھن جي تعليم جو نظام بھتر نموني هلي سگهي ۽ رڳو حڪومت جي ذميواري نہ سمجھندي والدين، لاڳاپيل علائقي واسين، لاڳاپيل اختيارين ۽ سول سوسائٽي کي بہ اھم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو تہ هو پنھنجي ادارن جي باقاعدہ مالڪي ۽ سار سنڀال لھي مڪمل طور تي نظرثاني سان ئي اهو سڀ ڪجھ ممڪن ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوہ اسان جي معاشري ۾ موجود والدين کي ان ڳالھ طرف بہ يقينن سوچڻو پوندو تہ اڪثر اسڪولن کان ٻاهر ٻار ننڍپڻ کان ئي ڪنھن ڪم ڪار يا محنت مزدوري ۾ لڳايا وڃن ٿا تہ اتي انھن والدين کي اهو فرق بہ ختم ڪرڻ گهرجي ۽ پنھنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ پھنجي اهم ذميواري سمجهي پنھنجي معاشي حالتن کي پاڻ منھن ڏئي معصوم ٻارن جي زندگي سنوارين. جيئن ارسطو چيو آھي تہ ”تعليم جون پاڙون تمام ڪوڙيون آھن پر ان جو ڦل تمام مٺو آھي“ تہ ان ڪري اهي والدين جيڪي چند ٽڪن جي خاطر پنھنجي ٻارڙن کي تعليم کان پري رکي کانئن ڪمارائي رهيا آھن، تن کي ان طرف ضرور سوچڻ گهرجي تہ توھان جو اڄ جو صحيح يا غلط فيصلو توهان جي ٻار جو سڀاڻي سنواري يا بگاڙي سگهي ٿو. ٻار پڙھائڻ يا سندن اخراجات برداشت ڪرڻ ڏکيو آھي پر انھن ٻارن جون نظرون ۽ مستقبل توهان جي هٿن ۾ آھي.


Previous Post Next Post