سنڌي
شاعريءَ جي تاريخ ۾ اهڙن ڪيترن ئي
شاعرن جنم ورتو آھي، جن
پنهنجي دور جي فڪري ۽ جمالياتي ضرورتن موجب شاعريءَ جا نوان افق کوليا آھن. جديد
سنڌي شاعريءَ جي اھڙي لڙھي مان ساحر راهو هڪ اهڙو
نالو آهي، جنهن پنهنجي شعري لهجي، علامتي اظهار، وجودي فڪر، ۽ جمالياتي ڪيفيتن سان
هڪ نئون باب کوليو آھي. هن
نہ رڳو روايتي شاعريءَ جي محدود دائرن کي ٽوڙيو آھي،
پر جديديت سان گڏ پنهنجي شعري لهجي ۾ فڪر ۽ حسن جو حسين ميلاپ پيدا ڪيو آهي.
ساحر جي ادبي تربيت ۾ نہ
رڳو سنڌي صوفيانہ شاعريءَ جا رنگ آهن،
پر جديد شاعريءَ جا اثر بہ
چٽا نظر اچن ٿا. سندس مطالعي ۾ نيرنگي، فلسفي ۽
نفسيات جون گهرايون شامل آهن، جنهن جي ڪري سندس شاعري محض جذباتي اظهار نہ
پر فڪري ۽ معنوي کوٽائيءَ جو آئينو بڻيل آهي. ساحر راهو جي اهم شعري مجموعن ۾ ’خواب
کٿوري چنڊ‘ (1996ع)،’سانوري شام‘ (2000ع)، ’نيڻ سجدي ۾‘ (2004ع)، ’خوابن جي
خودڪشين کان پوءِ‘(2007ع) ،’وهي پت جھڙ هي آنکهون ۾‘ (اردو شاعري 2011ع)، ’دل جي ڳلي‘،’
رقص
وجدان‘ ۽ ٻين شعري مجموعن ۾ گھرو موضوعاتي
جهان ۽ جدديت جا ڪيئي انڊلٺي رنگ آهن. ساحر انهن
جديد شاعرن مان ھڪ
آهي، جن پنهنجي فڪر، فن ۽ جمالياتي اظهار سان نئين دور جي ضرورتن موجب شاعريءَ کي
نئون رخ ڏنو آهي. هن غزل کي نہ رڳو
روايتي عشق تائين محدود رکيو آھي، پر ان ۾
فلسفي، نفسيات، نئين تجرباتي لھجي، نين معنوي حسناڪين، علامتي فڪر، ۽ جديد
انساني مسئلن کي بہ شامل ڪيو آهي. سندس نئون
شعري مجموعو "رقص وجدان" نہ رڳو جديد سنڌي شاعريءَ ۾ اهم اضافو آهي، پر
موجوده دور جي فڪري ۽ سماجي پيچيدگين کي بہ چٽي نموني اظهاري ٿو. ھي ڪتاب سمبارا
پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڇپايو ويو آھي. ڪتاب اندر سيد امداد جعفري، ذوالفقار
گاڏهي ۽ جعفر جاني جا رايا جڏھن تہ بئڪ ٽائيٽل پيج تي عزيز گل جو رايو شامل آهي.
ھي ڪتاب 156غزلن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ مھاڳ شامل نہ آهي. ھن نئين شعري مجموعي ۾
اهڙا موضوع مرڪزي حيثيت رکن ٿا، جيڪي جديد انساني وجود جي سوالن سان جڙيل آهن، جن
۾ وجودي اٿل پٿل، محبت جا پيچيده روپ، سماجي ناانصافيون، احتجاج، جدائي، داخلي
ڪيفيتون، رومانوي ۽ تخيل سان سرشار عڪس بنديون آھن.
هي مجموعو مڪمل غزل جي صنف تي آهي. ھن مجموعي ۾ ساحر ٻوليءَ جو سھڻو
استعمال، نون استعارن،
علامتن ۽ فڪري گهرائيءَ سان گڏ هڪ رومانوي ڇهاءُ بہ ڏئي
ٿو. ساحر جي ڪيترن ئي غزلن ۾ علامتون ۽ استعارا گهري معني ڏين ٿا. ھن جي غزلن ۾
سماجي ۽ سياسي ناانصافين خلاف احتجاجي ڇهاءُ واضح طور موجود آهي، جيڪو شاعر جي
سماجي شعور کي ظاهر ڪري ٿو. ساحر جي غزلن جي خصوصيتن مان جديد انسان جي بيچيني،
سوال ۽ بي يقينيءَ جا رنگ، رومانوي
شدت، محبت، جدائي، ياد ۽ قربت جا موضوع شدت سان آيل آهن. غزل ۾ ھو ڪردار کي ذاتي
تجربن ۽ احساسن ذريعي پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ داخلي ٽٽڻ ۽ ڀرڻ جو احساس غالب آهي. هي
شعري مجموعو جديد سنڌي ادب ۾ هڪ اهڙو اضافو آهي، جيڪو نہ صرف پڙهندڙ جي جمالياتي
ذوق کي مطمئن ڪري ٿو، پر سماجي شعور، وجودي
فڪر ۽ تخليقي قوت کي بہ ظاهر ڪري ٿو. پڙهندڙ کي سوچڻ تي پڻ
مجبور ڪري ٿو تہ شاعري صرف حسن ۽ عشق تائين محدود نہ آهي، پر اها زندگيءَ جي وڏن
سوالن جو بہ اظهار آهي. ڪتاب ۾ شامل ھڪ غزل جو
نمونو ھن طرح آھي.
سجوڳ جي
ڪھاڻي، رم جھم حباب خوشبوءِ،
ويٺي اچي آ
ڀر ۾، ھڪ بي حجاب خوشبوءِ.
ڇاڻين ٿيون
اڀيچند، گليون نگر ٺٽي جون،
سرمد سندي
اگھاڙپ، اندر ثواب خوشبوءِ.
روميءَ جي
رقص مان مون، مرشد لطيف! ماڻي،
مخفي ازل
ابد جي، ھڪ لاجواب خوشبوءِ.
زخمي آ بي
خوديءَ ۾، خود ئي ٿيو قلندر،
حيران آ
خدائي، ساگر عقاب خوشبوءِ.
تنبور جي تندن
۾ زخمي ٿي چيچ ڏسڻي،
ٻاڙا نہ سر
مگر ٿيا، ڦھلي گلاب خوشبوءِ.
(ساحر
راهو، رقص وجدان، ص 7)
ساحر جو ھي غزل داخلي وجداني ڪيفيت، تصوف، جماليات ۽ روحانيت جي عميق
احساسن جو عڪس آهي. ساحر هتي لطيف، رومي ۽ سرمد جهڙن فڪر جي وڏن مينارن کي پنهنجي
تخيل ۾ سمايو آھي. فڪري حوالي سان ھن غزل ۾ روميءَ جي رقص ۽ لطيف جي فڪر کي ڳنڍي،
روحاني سُرور کي اظهاريو ويو آهي. ھتي وجد ۽ تصوف جي سرشاري جو تصور ۽ خوشبوءَ کي
ازل ۽ ابد جي علامت بڻايو ويو آهي، جيڪا لافاني حسن جي سُڃاڻپ آهي. ”سرمد سندي اگھاڙپ“
واري مصرع ۾ فڪري بغاوت جو حوالو آهي، جيڪو سماجي رياڪاري خلاف سرمد جي سچائيءَ ۽
بي باڪي کي پيش ڪري ٿو. ”زخمي آ بي
خوديءَ ۾، خود ئي ٿيو قلندر“ مان
ماڻھوءَ جي وجودي ڪيفيت ظاهر ٿئي ٿي، جيڪا بيخوديءَ کان قلندريءَ تائين جو سفر
ڏيکاري ٿي. غزل جي رواني ۽ سرشاري رقص ۽
موسيقيءَ جي فضا پيدا ڪري ٿي. رديف ”خوشبوءِ“ هر شعر ۾ فڪري وحدت ۽ جمالياتي تاثر کي وڌائي
ٿو. قافيا حباب، بي حجاب، ثواب، لاجواب، عقاب، گلاب وغيرہ پنھنجو چٽو مفھوم پيش ڪن ٿا. جڏھن تہ ”رم جھم حباب خوشبوءِ“، ”ساگر
عقاب خوشبوءِ“، ”تنبور جي تندن ۾ زخمي“ اهي سڀ استعارا ۽ علامتون وجداني ۽ جمالياتي
احساس کي اوچائيءَ تي پهچائن ٿيون. غزل ۾ تصوف جي استعارا نگاريءَ ۾ رومي، لطيف،
سرمد، قلندر جهڙن لفظن جو استعمال شاعري کي روحاني فڪر سان جوڙي ٿو. ھر مصرع ۾
لفظن جي موسيقي ۽ آوازن جي هم آهنگي موجود آهي، خاص ڪري ”رم جھم حباب خوشبوءِ“ ۾ صوتياتي حسن نمايان آهي. غزل ۾
فارسي صوفي اصطلاحن جو سينگار بہ آهي، جيئن ازل،
ابد، ثواب، مخفي، عقاب. ان سان گڏ مقامي لفظن ٺٽو، ٻاڙا، تنبور جو استعمال لساني
تنوع پيدا ڪري ٿو. ٺٽي جون گليون، لطيف، تنبور
سنڌي ثقافت ۽ صوفي روايت جا استعارا آهن، جن سان ڌرتيءَ جي روحانيت ۽ موسيقيءَ کي
پيش ڪيو ويو آهي. سرمد
جي اگھاڙپ جو ذڪر هڪ اهڙو سماجي پيغام ڏئي ٿو تہ سچائيءَ لاءِ بي پرواھ هجڻ ضروري
آهي. ھي غزل سماج جي مادي رياڪاريءَ خلاف روحانيت ۽
داخلي سچائيءَ جي ڳولا جو اظهار آهي. ھن غزل ۾ پوسٽ ماڊرن فڪر جي عنصرن رومي، لطيف
۽ سرمد جا حوالا ڏئي متني ڳانڍاپا پيدا ڪيا ويا آهن، جيڪا پوسٽ ماڊرن خاصيت آهي.
ھر شعر هڪ الڳ جمالياتي تصوير آهي، جيڪا گڏجي روحاني ڪائنات ٺاهي ٿي. هي
غزل روحانيت، جماليات، مزاحمت ۽ پوسٽ ماڊرن تخيل جو هڪ حسين ميلاپ آهي، جنهن ۾
روايت ۽ جديديت جو سنگم، سنڌي ثقافت، عالمي صوفي فڪر جو ميلاپ، ۽ داخلي وجداني
ڪيفيتن جو اظهار آهي. سندس ھڪ
ٻيو
غزل
ملاحظہ
فرمايو.
خاموشين جي
خوشبو سان ھو، ڳالھائي ٿو،
مقتل گاھ
جي وحشت سان دل، وندرائي ٿو.
ڇورن ٻارن
جھڙي گدلي، ڪينجھر کي اڄ،
چنڊ ڏسي
تاريخ اک ۾، شرمائي ٿو.
درٻاري ھر
دور جو ڪائنر قاضي ساحر!
منصورن جي
مسلڪ کان ٿي گھٻرائي ٿو.
(ساحر
راهو، رقص وجدان، ص 8)
مٿئين غزل ۾
موسيقيت، رواني، قافين ۽ رديف جو فني حسن آهي.
خاموشين جي خوشبو سان ڳالھائي ٿو، هڪ غير معمولي ۽ جمالياتي استعارو آھي،
جيڪو خاموشي کي خوشبوءَ سان ڳنڍي معنوي ۽ حسي جماليات کي ظاهر ڪري ٿو. ڇورن ٻارن
جھڙي گدلي ڪينجهر کي اڄ، ڪينجهر جهڙي وڏي ڍنڍ جي گدلاڻ کي معصوميت سان ڳنڍي هڪ
تضاد نما تصوير پيدا ڪئي وئي آهي. غزل ۾ جديد استعارا، علامتون ۽ لغوي سادگي سان
گڏ فڪري گهرايون پڻ موجود آهن، جيڪي ساحر راهو جي اسلوب کي جديديت سان جوڙين ٿيون.
ھي غزل فڪري طور تي بغاوت، تاريخي تناظر ۽ سماجي شعور کي گڏ کڻي ٿو. پھرين شعر ۾ ھڪ اهڙي
شخصيت جو ذڪر آهي، جيڪو بنا شور جي، فقط پنهنجي خاموشيءَ جي خوشبوءَ سان اثر وجهي
ٿو. اهو شخص شايد باغي فڪر جو ترجمان آهي، جيڪو مقتل (شهادت جي جاءِ) جي وحشت کي
بہ هڪ حوصلي واري جمال ۾ تبديل ڪري ٿو. ٻئي شعر ۾ ھتي ڪينجهر
جي گدلاڻ جو منظر پيش ڪري تاريخي ۽ سماجي زوال کي علامتي انداز ۾ بيان ڪيو ويو
آهي. ڪينجهر، جيڪا سنڌ جي حسن ۽ حياتيءَ جي علامت آهي، گدلي ٿي وئي آهي. سماج جي
گدلاڻ ۽ زوال جي تصوير آهي. چنڊ، جيڪو سچائي ۽ صفائيءَ جو نشان آهي، اهو بہ هن
گدلاڻ کي ڏسي شرمسار آهي. ٽئين شعر ۾ هتي طاقت جي علامتن، مذهبي منافقن ۽
حڪمرانن جي سامهون درٻاري قاضين جي ڪردار تي تنقيد آھي. اهڙا ماڻهو هر دور ۾ منصور
جهڙن سچ ڳالهائيندڙن کان ڊڄندا رهيا آهن. اها سٽ موجوده ۽ ماضي جي ٻنهي دورن جي
منافقت کي ظاهر ڪري ٿي. غزل ۾ سماج جي منافقت، تاريخي زوال ۽ ظلم خلاف هڪ علامتي
احتجاج آهي. درٻاري ڪردار، منافق مذهبي اڳواڻ، ۽ سچ ڳالهائيندڙ
منصورن جي يادگيريءَ ذريعي سماجي ۽ سياسي بگاڙ تي روشني پيل آھي. اھڙيءَ طرح گدلي
ڪينجهر، درٻاري قاضي ۽ مقتل جون علامتون سماج جي بگاڙ ۽ ظلم جي سڃاڻپ آهن، جڏهن تہ
منصورن جي مسلڪ، خاموشي جي خوشبو ۽ چنڊ جهڙيون علامتون سچ، روشنيءَ ۽ قربانيءَ جا
استعارا آهن. هي غزل جديد فڪر، مزاحمتي شعور سان ڀرپور بغاوتي روح، سماجي شعور ۽ تاريخي
احساسن جو عڪاس آهي. هن غزل ۾ مقتل، منصور، درٻاري قاضي، ڪينجهر، چنڊ جهڙيون
علامتون پڙهندڙ کي نہ فقط تاريخ سان جوڙين ٿيون، پر موجوده سماجي ۽ سياسي بحران
سان پڻ لاڳاپو پيدا ڪن ٿيون. ھي غزل فقط جمالياتي نہ، پر احتجاجي لهجي سان گڏ فڪري
۽ معنوي گهراين سان گڏ مزاحمتي
رجحان جو تسلسل پڻ آهي. ساحر راهو جي شاعريءَ ۾ درٻاري
ملا، قاضي ۽ مذهبي منافق هميشہ تنقيد جو نشانو رهيا آهن. هي غزل بہ منصور جي ذڪر
ذريعي ساڳي فڪري جدوجهد کي جاري رکي ٿو. منصور، مقتل ۽ خاموشيءَ جون علامتون شاعر
جي بغاوتي روح کي ظاهر ڪن ٿيون، جيڪو حق لاءِ قرباني ۽ ظلم خلاف مزاحمت تي يقين
رکي ٿو. ساحر جي خاصيت اها بہ آهي تہ هو احتجاج ۽ بغاوت کي
سڌي ريت نعرا بڻائي نٿو پيش ڪري، پر جمالياتي ۽ علامتي سطح تي ان کي اهڙي انداز ۾
بيان ڪري ٿو، جو شاعريءَ جو حسن بہ قائم رهي ۽ فڪر بہ اثرائتو ٿئي.
ھڪ
ٻئي غزل جا شعر ھن ريت آھن تہ:
سمونڊ نيڻ
ڇوڪري حجاب جي لباس ۾،
ملي تہ
چاندني لٿي وجود جي اماس ۾.
خواب ۾
خريد ڪئي اسان بہ رات بيخودي،
انگور نيڻ
اوتيا خيال جي گلاس ۾.
ڪمال ھو
نگاھ جو يا گفتگو جي ساحري،
دراڙ پئي
ڌيان ۾ لٿاسين ڪيف خاص ۾
(ساحر
راهو، رقص وجدان، ص 18)
ساحر ھن غزل ۾ جماليات جو هڪ مضبوط رويو پيش ڪيو آهي. ھتي سمونڊ جهڙا کوڙ ۽ بي انتها گهرائي رکندڙ ”نيڻ“
کي حجاب جي لباس ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو
حسن جي تقدس، لڪاءُ ۽ روحاني پاڪيزگي جو تصور ڏئي ٿو. حجاب هتي رڳو لباس نہ آهي،
پر سماجي ۽ اخلاقي قدرن جي علامت پڻ آهي. ”خواب
۾ خريد ڪئي اسان بہ رات بيخودي“ ۾ هڪ اهڙو
اظهار آهي، جيڪو انساني خواهشن جي نفسياتي ڪيفيت ڏيکاري ٿو. ھتي خوابن جي بازار
مان رات خريد ڪرڻ جي ڳالھ ڪيل آهي، جيڪا علامتي طور انساني تمنا، حسن ۽ بيخوديءَ
جي دنيا ۾ وڃڻ جي خواهش آهي. غزل ۾ فڪر جي ٻہ رخي تصوير آهي. هڪ طرف روحاني تجلي آهي،
ٻئي طرف حسي لذت جو احساس آھي. ”انگور نيڻ“ ۽ ”خيال
جي گلاس“ ۾ پيل شراب اهڙو استعارو آهي، جيڪو جمالياتي
سرور، وجداني تجربو ۽ عشق جي مستيءَ جو ڪمال ڏيکاري ٿو. آخري مصرع ۾ ساحرسوال
اٿاري ٿو تہ اها ڪيفيت ڪهڙي هئي، جيڪا ڌيان ۾ ڏار
وجهي وئي؟ ڇا اهو نگاھ جو جادو هو يا گفتگو جي ساحري؟ هتي ساحر عشق
جي نفسياتي ڪشش ۽ حسن جي مرڪزي طاقت کي علامتي طرح پيش ڪيو
آهي. سمونڊ نيڻ جي گھرائي، بي پناه وسعت ۽
ڪشش جو استعارو آهي. اهو محبوب جي نگاهن کي هڪ اهڙي دنيا بڻائي ٿو، جنهن ۾ لهرون
بہ آهن ۽ راز بہ آھن. حجاب جي لباس ۾ لڪاءُ
۽ تقدس جو نشان، جيڪو حسن کي پاڪيزگيءَ سان ڳنڍي ٿو اهو
روحاني عشق جي علامت پڻ بڻجي ٿو. چاندني لٿي وجود جي اماس ۾، ”چاندني“
حسن، روشني ۽ جمال جي علامت آهي، جڏهن تہ ”اماس“ اونداهين ۽ گهٽتائيءَ جو نشان آهي. اهو هڪ
تضاد پيدا ڪري ٿو، جيڪو روحاني ۽ جسماني خواهشن جي ٽڪراءَ کي ظاهر ڪري ٿو. انگور
نيڻ اوتيا خيال جي گلاس ۾، انگور ۽ شراب جو استعارو وجد، مستي ۽ عشق جي سرور سان
لاڳاپيل آهي. هتي خيال جي گلاس ۾ اهي نگاهون اوتجي وڃن ٿيون، جنهن سان ذهني ۽
روحاني سرور جي تصوير ٺهي ٿي. دراڙ ڌيان ۾ اهو علامتي اظهار آهي، جيڪو اندروني
توازن ٽٽڻ يا نفسياتي ڪيفيت ۾ تبديليءَ کي ظاهر ڪري ٿو. اهو عشق جي طاقت ۽ حسن جي
جادوءَ جي علامت آهي. ھن غزل ۾ ساحر حسن،
عشق ۽ وجداني احساسن جي علامتن سان هڪ اهڙي تصوير ٺاهي آهي، جتي سمونڊ جهڙي نگاھ،
حجاب جي تقدس ۾ لڪيل حسن، خوابن جي بازار، ۽ خيال جي گلاس ۾ وهندڙ انگور جهڙي نگاھ
انساني روح جي جمالياتي ۽ نفسياتي لاڙن کي واضح ڪري
ٿي. ساحر انهيءَ
عشق کي نہ رڳو حسي معنيٰ ۾ وٺي ٿو، پر ان کي روحاني ڪيفيت سان بہ ڳنڍي ٿو، جنهن ۾
حسن جي پاڪيزگي ۽ بيخوديءَ جي مستي گڏجي هڪ اهڙو منظر ٺاهي ٿي، جيڪو پڙهندڙ کي
وجداني ۽ فڪري طور ڇهي ٿو.
سجدو ڪري
قضا جو ڪلھ شام مون ڪمايو،
ھڪ ٻار کي
اڪاري رستو ثواب اي دل!
زندان جو
جھروڪو هٻڪار جي ويو آ،
پلٽيو آ
باک رخ تان شايد نقاب اي دل!
ھن جون
اکيون چمڻ جا تڪميل تي نہ پھتا،
منھنجا
خواب ھا يا جر تي حباب اي دل!
ڌرتيءَ جي
دل فريبيء اوڳاڇيو اجل کي،
ماڻھوءَ
جڏھن لتاڙيا ھڙئي حجاب اي دل!
(ساحر
راهو، رقص وجدان، ص 20)
ساحر ھتي فڪري
طور تي زندگي، موت، تقدير، قضا، انساني رشتا ۽ وجودي بيچيني جهڙا موضوع بيان ڪيا آھن. پهرين مصرع ۾ قضا ۽ سجدي جو ذڪر آهي، جيڪو
تقدير آڏو انسان جي بي وسي ۽ عبادت جي تقدس کي علامتي انداز ۾ ظاهر ڪري ٿو. ٻئي مصرع ۾ زندگي جي
معصوميت ۽ نيڪي جي راھ کي دل سان ڳنڍي، انساني قدرن کي هٿي ڏيڻ جو پيغام ڏئي ٿو.
آخري مصرع ۾ ڌرتيءَ جي دل فريبي ۽ اجل جي اوڳاڇي جو ذڪر آهي، جيڪو سماجي اڻ
برابري، انساني لالچ ۽ موت جي بي رحم حقيقت کي اجاگر ڪري ٿو. هي غزل انساني وجود
جي بي معنويت، وقت جي بي رحم وهڪري ۽ روحاني جستجو کي فڪري طور تي تمام گهري نموني
ڇهي ٿو. غزل ۾ ساحر راهو جو اسلوب جديديت سان ڀرپور آهي، جتي روايتي غزل جي
خوبصورتيءَ سان گڏ نون تصوراتي لفظن جي جوڙجڪ ملي ٿي. ”سجدو ڪري قضا“،
”زندان جو جھروڪو“،
”باک رخ تان شايد نقاب“ جهڙن جملن ۾ تصويري قوت ۽ تجريديت موجود آهي.
غزل جي لساني بناوت ۾ معنوي گهراين سان گڏ صوتي
موسيقي بہ آهي، جيئن ”حباب اي دل“، ”نقاب
اي دل“ جهڙن قافين ۾ سُر پيدا ٿئي ٿو. هن غزل ۾
علامتن جي سھڻي استعمال سان گڏ وجوديت جو اثر بہ آهي تہ زندگيءَ
جي بي ثباتي، موت جي حتمي حقيقت، انسان جي
بيچيني ۽ صوفي خيالن جا رنگ بہ موجود آهن. هي غزل
جديد سنڌي غزل جي فڪري، علامتي ۽ لساني حسن جو خوبصورت مثال آهي، جيڪو
انساني وجود، موت، سماجي فريب ۽ روحاني جستجو کي گهري فلسفياتي
۽ جديد پسمنظر ۾ پيش ڪري ٿو.
ھڪ بوند
مان سمندر آئون ٿيو ھان جانان!
تحليل ٿي
تو ۾ پل کن جو گھاريو آ.
آئون ٻڏس
تہ ڇا ٿيو اي عشق باڪمال تو،
تاريخ جي
صفن تي ڪنھن کي تہ تاريو آ.
تنھنجي
نفيس قدمن جيڪي بہ نقش ڇڏيا،
ترتيب سان
مون تن کي دل تي اڀاريو آ.
پھلوء ۾
منھنجي آھي موجود اڄ بہ ساحر،
دل جي
تنبور تي مون جنھن کي تنواريو آ.
(ساحر
راهو، رقص وجدان، ص 21)
هتي ساحر”وجوديت“ ۽ ”عشق
جي فنا“ جي فڪر کي اجاگر ڪري ٿو. هڪ بوند (فرد، انا)
مان سمنڊ (مڪمل وجود) ٿيڻ جو تصور صوفي فڪر ۽ وحدت
الوجود جي علامت آهي. بوند جو سمنڊ ۾ تحليل ٿيڻ اهو ظاهر ڪري ٿو تہ عشق انسان جي
انفراديت کي مٽائي، هڪ ڪل ۾ ضم ڪري ٿو. پل کن جو تجربو بہ عشق جي عارضي مگر شديد
سرور جو استعارو آهي جيڪو عشق کي انقلابي قوت
طور پيش ڪري ٿو. جيڪڏهن عاشق (مان) فنا ٿي وڃي، بہ ڇا ٿيو؟ ڇو تہ عشق تاريخ ۾
پنهنجو نشان ڇڏيندو آهي. هتي فڪر جو محور ”عشق
جي تسلسل“ ۽ ان جو انساني تمدن تي اثر آهي. اهو فڪر
علامتي طور انهن ڪردارن ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جيڪي عشق ۽ جدوجهد ۾ فنا ٿي تاريخ ۾
امر ٿيا.
”تنھنجي نفيس قدمن جيڪي بہ نقش ڇڏيا،
ترتيب سان
مون تن کي دل تي اڀاريو آ.“
هتي عشق کي
جماليات سان ڳنڍيو ويو آهي. محبوب جي نفيس قدمن جا نقش يادگيرين جا نشان آهن، جن
کي شاعر پنهنجي دل تي ترتيب سان اڀاري ٿو. اهو تصور
عشق جي تخليقي قوت ۽ يادگيرين جي آرٽسٽڪ علامت آهي. اهو پڻ ظاهر ڪري ٿو تہ عاشق جو
ڪردار محفوظ ڪرڻ ۽ ياد رکڻ ئي ان جي تخليقي بقا آهي.
”پھلوء ۾ منھنجي آھي موجود اڄ بہ ساحر،
دل جي
تنبور تي مون جنھن کي تنواريو آ.“
هتي عشق کي
موسيقيءَ سان تشبيھ ڏني وئي آھي. ”دل جي تنبور“
تخليقي شعور ۽ احساسن جو استعارو آهي. جنهن راڳ کي شاعر پاڻ ڇيڙيو هو، اهو اڄ بہ
موجود آهي، يعني عشق جي تخليقي اثرن جي پائيداري. اهو پڻ ساحر جي
پنهنجي وجودي شعور ۽ فن سان لاڳاپي جو اعلان آهي. غزل
صوفيانہ فڪر، عشق جي وحدت، وجودي شعور ۽ جمالياتي احساس سان ڀرپور آهي. شاعر عشق
کي هڪ تخليقي قوت ۽ تاريخي تسلسل طور پيش ڪري ٿو. هتي بوند ۽ سمندر جو استعارو
وحدت الوجود جي فڪر کي ظاهر ڪري ٿو، جڏهن تہ تاريخ، يادگيريون ۽ موسيقي جا استعارا
عشق جي دائمي اثر کي بيان ڪن ٿا. غزل جو فڪر عشق کي صرف ذاتي تجربو نہ پر ڪائناتي،
تاريخي ۽ جمالياتي شعور سان ڳنڍي ٿو.
تنھنجي
چھري جي جيسين تلاوت نہ ٿئي،
دل جي
خواھش آ برپا قيامت نہ ٿئي.
بارشن جي
ھٿان تو اماڻي چٺي،
ڪيئن ممڪن
امانت ۾ خيانت نہ ٿئي.
باوضو آ
بزم دل جي درٻار ۾،
گفتگوءَ جي
آ بھتر غلاظت نہ ٿئي.
غير ممڪن
امڙ جي جبين کي چمان،
روح منهنجي
جي ساحر طھارت نہ ٿئي.
(ساحر
راهو، رقص وجدان، ص 30)
ھن
غزل ۾ ساحر روحاني ۽ جذباتي اُٿل پُٿل جا عڪس چٽيا آھن.ساحرمحبوب جي چهري کي مقدس ڪتاب سان تشبيھ ڏئي
ٿو. تلاوت جو استعارو عبادت ۽ روحانيت جو اظھار آهي. ھن
لاءِ محبوب جو چهرو اهڙو مقدس متن آهي، جنهن جي مشاهدي کانسواءِ دل جي خواهش مڪمل
نٿي ٿئي. اهو فڪر ڏيکاري ٿو تہ عشق کي صرف جسماني نہ پر
روحاني مقام حاصل آهي.
غزل جي ٻئي شعر ۾ تقدير، قدرت ۽ فطرت سان تعلق ڏيکاريل آھي. ”بارشن جي
هٿان“ استعارو قدرتي وصال جو آهي، ۽ ”امانت“
عشق جي پاڪيزگيءَ جي علامت آهي. گفتگوءَ ۾ طهارت، ۽ امڙ جي پيشاني کي چمڻ جهڙا مثال ساحر جي
فڪر ۾ اخلاقي پاڪيزگي ۽ انساني محبت جي اعليٰ قدرن کي نمايان ڪن ٿا. غزل ۾ رومانوي
عنصر تمام گهرو آهي، پر اها رواجي
جسماني رومانيت نہ آهي؛ بلڪہ روحاني ۽
جمالياتي رومانيت آهي. محبوب جي چهري کي قرآن جي تلاوت سان تشبيھ ڏيڻ،
عشق کي تقدس ۽ عبادت جي مقام تي رکڻ جو اظهار آهي. بارشن، چٺي، ۽ امانت جا استعارا
جذبات جي شفافيت ۽ قدرتي ميلان کي وڌيڪ دلڪش بڻائين ٿا. امڙ جي پيشاني کي چمڻ وارو
حوالو رومانيت کي انساني محبت ۽ مامتا جي احساس سان ڳنڍي ٿو، جيڪو غير معمولي ۽
عظيم آهي. چهري جي تلاوت، بارشن جي هٿان، امانت ۽ طهارت جهڙا استعارا فني حسن کي
وڌائين ٿا. بارشن جو ذڪر، گفتگوءَ جي پاڪيزگي، ۽ پيشانيءَ تي چميءَ جهڙا منظر
پڙهندڙ جي ذهن ۾ هڪ تصويري ڪائنات خلقين ٿا. هر مصرع ۾ موسيقيت، نرمي ۽ روحانيت
موجود آهي، جيڪا جمالياتي تسلسل کي برقرار رکي ٿي.
اوڏڪيون
اکيون ھيا سڀ ڳوٺڙا،
خواب ھا
ڪچا گھڙا ڪنڀار جا.
ھاء پستانن
وچان سوني صليب،
ٽياس تي
مصلوب منھنجا نيڻ ھا.
ھوريان تو
چپ چوريا يا کليا،
رحل تي
انجيل جا مقدس صفا.
دل ۾ ويٺي
آ اچي ڌرڻو هڻي،
ھڪ اداسي
شام کان ڇوڙي ڇتا.
(ساحر راهو، رقص وجدان، ص 48)
ھن غزل
۾ ”اوڏڪيون اکيون“،
”خواب هَـا ڪچا گھڙا“، ”پستانن
وچان سوني صليب“ جهڙا تصويري استعارا
شدت ۽ جماليات پيدا ڪن ٿا. هر شعر ۾ داخلي تسلسل ۽ وجودي درد جو محور موجود آهي.
غزل ۾ رومانويت سان گڏ انساني وجود، خواهشن ۽ تڪليفن جي ڇيڙڇاڙ ٿيل آهي. پهرئين
شعر ۾ ڳوٺڙن کي ”اوڏڪين اکين“ سان تشبيھ ڏيڻ،
پٺتي پيل سماج جي معصوميت ۽ اميدن جي عڪاسي آهي.
”خواب ها ڪچا گھڙا ڪنڀار جا“ خوابن جي ٽٽڻ ، زندگيءَ جي نزاڪت ۽ سماجي
معاشي حالتن جو استعارو آهي. ”ٽياس تي
مصلوب منھنجا نيڻ“ محبت يا
خواهش جو ڏک، جنهن کي صليب تي چڙهيل مسيح سان تشبيھ ڏني وئي آهي. غزل ۾ روزمره جا
لفظ ”ڳوٺڙا“،
”ڪچا گھڙا“
روحاني ۽ مذهبي علامتن ۽ ”صليب“، ”انجيل“ سان گڏ رکيا ويا آهن، جيڪو تضاد ۽ ڪشش پيدا
ڪري ٿو. اوڏ
ڪيون اکيون معصوميت ۽ خواهش جو استعارو آهن. ڪچا گھڙا اڻ پوريون اميدون، زندگيءَ
جي نزاڪت ۽ خواهش جو مضبوط هجڻ آھي. 'سوني
صليب' محبت يا جسماني خواهش کي مذهبي قرباني سان تشبيھ ڏيڻ، جيڪو روح ۽ جسم جي
تڪرار کي ظاهر ڪري ٿو. 'رحل تي انجيل جا صفا' پاڪيزگي ۽ خواهش جي وچ ۾ ٽڪراءُ، ۽ 'اداسيءَ
جو ڌرڻو' جديد انسان جي نفسياتي بيچينيءَ جو استعارو آھي. غزل ۾ ساحر جديد
سنڌي سماج جي طبقاتي محرومين ۽ جنسي ممنوعات ڏانهن اشارو ڪري ٿو.
ڳوٺڙن کي اوڏڪين اکين سان تشبيھ ڏيڻ، معصوم ماڻهن جي خواهشن ۽ سندن بيچينيءَ کي
ظاهر ڪري ٿو. عورت جي جسماني علامتن ۽ مذهبي حوالن جي ميلاپ، سماج جي منافقانہ
اخلاقيات تي طنز آهي. ”ڌرڻو“ سماجي احتجاج ۽ بيچينيءَ جي علامت آهي، جيڪو
جديد سنڌي معاشري ۾ وڌندڙ مايوسي ۽ جدوجهد کي ڏيکاري ٿو. ساحر راهو هن غزل ۾
روايتي رومانويت کان هٽي جديد انسان جي بيچيني، خواهشن ۽ اداسيءَ کي علامتي انداز
۾ پيش ڪيو آهي. ”اوڏڪيون اکيون“، ”ڪچا
گھڙا“ جهڙا منظر فطرت جي معصوميت ۽ خوابن جي پوري نہ
ٿيڻ کي ظاهر ڪن ٿا، جڏهن تہ ”پستانن
وچان سوني صليب“ جهڙا تصويري جملا
جنسي خواهش ۽ مذهبي تقدس جي ٽڪراءَ کي اُجاگر ڪن ٿا. هي ٽڪراءُ جديد انسان جي
روحاني ۽ جسماني تڪليفن جو علامتي اظهار آهي. شاعر تشبيهن ۽ استعارن ۾ غيرمعمولي
جرات ڏيکاري آهي، جيڪا جديد سنڌي شاعريءَ جي علامتي لاڙي سان مطابقت رکي ٿي. هي غزل سماج جي منافقانہ اخلاقيات ۽
خواهش جي دٻاءَ تي طنزيہ ۽ علامتي احتجاج آهي.
آڱريون
اُڀريون مگر، بازار ۾ بيٺو رھيو،
ھڪ قلندر
وقت جي، دربار ۾ بيٺو رهيو.
زھر جا سڀ
ذائقا، معني وڃائي فوت ٿيا،
حق ھو
سقراط سو، سنسار ۾ بيٺو رهيو.
ھتي قلندر
يا صاحبِ فڪر شخص جي علامت پيش ڪري ٿو جيڪو سماجي دٻاءَ، تجارتي قدرن ۽ ماديت جي
ميڙ ۾ بہ پنهنجو سر بلند رکي ٿو.”آڱريون اُڀريون“ صوفيانہ يا
مزاحمتي اشارو آهي. يعني هو آسمان ڏانهن يا حق ڏانهن اشارو ڪندڙ آهي، مطلب تہ
سندس فڪر روحانيت سان ڳنڍيل آهي، پر هو دنياوي بازار ۾ بيٺل آهي، جتي هر شيءِ خريد
۽ وڪري جي نظر سان ڏٺي وڃي ٿي.
ھتي"وقت
جو قلندر" ان شخص کي چيو ويو آهي جيڪو دنياوي وقتي قدرن کان آزاد آهي، پر اهو
رڳو خانقاهي زندگي گذارڻ بدران طاقت جي دربار ۾ بيٺو آهي. يعني هو ظالم حڪمرانن يا
سماجي طاقتورن جي آڏو بہ پنهنجي حق
جي ڳالهہ ڪري ٿو. اهو مزاحمت، اصولي موقف ۽ بي خوف شخصيت جو اظهار
آهي، جيڪو وقت جي ظلم يا نظام جي آڏو نٿو جهڪي. ”زهر
جا سڀ ذائقا، معني وڃائي فوت ٿيا“ هي مصرع علامتي ۽ فلسفي آهي. زهر جا ذائقا يعني
دنيا جون تڪليفون، عذاب، ظلم يا سزا جا سڀ اثر بي معني
ٿي ويا آهن، ڇو تہ اهو فرد پنهنجي فڪر ۾
ايترو مضبوط آهي جو خوف يا تڪليفون بہ ان تي
اثرانداز نٿيون ٿين. اهو مزاحمتي قوت ۽ فڪري عظمت جو اظهار آهي، جتي
جسماني اذيت يا خوف سندس فڪر کي ختم نٿو ڪري.”حق هو سقراط سو، سنسار ۾ بيٺو رهيو“ هي سڀ
کان اهم مصرع آهي. سقراط حق، سوال، سچ ۽ فڪر جي علامت آهي، جيڪو
پنهنجي اصولن کان پوئتي نہ هٽيو، زهر
جو پيالو پيتائين پر غلط ڳالھ
کي قبول نہ ڪيائين. ساحر
ھتي
اهو مثال ڏئي ٿو تہ اهڙي شخصيت حق جي راھ
۾ قرباني ڏئي ٿي پر جھڪي نٿي، ۽ اهو ئي حقيقي فڪر ۽ اخلاقي قوت جو معيار آهي. هي شعر مزاحمت، اصول پسندي ۽ فڪري آزادي جو پيغام ڏئي ٿو. اهو ٻڌائي ٿو تہ وقت جا
قلندر يا حقيقي فڪر وارا ماڻهو بازار ۽ دربار ٻنهي ۾ پنهنجي سچائي تي قائم رهن ٿا. شعرن ۾ چونڊيل ۽ معنوي لحاظ کان گهرا لفظ استعمال ڪيل
آهن. مثلاً بازار،
دربار، زهر، ذائقا، سقراط. اهي لفظ
پنهنجي پويان تاريخي، سماجي ۽ فڪري حوالا کڻي اچن ٿا.
ھاءِ ھي
ڇا قاضي ماپڻ چاھين ٿو،
دل جي تون
ايراضي ماپڻ چاھين ٿو.
زاھد
پنھنجي ڏاھپ جي تون مسند سان،
آذر جي
پروازي ماپڻ چاھين ٿو.
سوڙھي
جھولي ڦھلائي تون سجدي ۾،
واحد جي
فياضي ماپڻ چاھين ٿو.
تخت جي
انڌي ھاٿي تي تون لانگ رکي،
منصورن جي
بازي ماپڻ چاھين ٿو.
چار لڪيرون
ليڪي ڪوري ڪاغذ تي،
مستقبل ۽
ماضي ماپڻ چاھين ٿو.
(رقص
وجدان، ساحر راھو، ص 65)
ھن غزل ۾
ساحر راهو فڪري سطح تي طاقت، عقيدت، ۽ فڪري آزاديءَ جي وچ ۾ موجود تڪرار ۽ تضاد کي
علامتي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. غزل جو مرڪزي موضوع انساني آزاديءَ جي ماپ ۽ ان تي
ڪنٽرول ڪرڻ جي خواهش تي تنقيد آهي.
ھتي
شاعر مذهبي ۽ عدالتي نظام جي اُن رجحان تي تنقيد ڪري ٿو، جتي اندروني جذبات ۽
ايمان کي قانوني دائري ۾ ماپڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ”دل
جي ايراضي“ علامتي طور انساني احساس، محبت ۽ آزاديءَ جو
استعارو آهي، جنهن کي ڪا بہ قوت ماپي نٿي سگهي. ھتي زاھد مذهبي پيشوا ۽ آذر جي
پروازي فڪري بغاوت ۽ تخليق جي علامت آهي (آذر بت تراش جو پيءُ، پر شاعر لاءِ فڪر
جو استعارو) شاعر ٻڌائي ٿو تہ مذهب جي ظاهري ڏاھپ سان تخليق ۽ فڪر جي وسعت کي ماپڻ
ناممڪن آهي.”سوڙھي جھولي ڦھلائي تون سجدي ۾، واحد جي
فياضي ماپڻ چاھين ٿو.“ ھيءَ سٽ
صوفيانہ فڪر سان ڀريل آهي. شاعر ظاهر پرست عبادتن جي بي معنيٰ ماپ تي سوال کڻي ٿو.
”واحد جي فياضي“
يعني خدا جي رحمت ۽ بخشش کي ڪنهن انسان جي سجدي سان ماپڻ بي سود آهي.”تخت
جي انڌي ھاٿي تي تون لانگ رکي، منصورن جي بازي ماپڻ چاھين ٿو.“ هتي تخت جو انڌو هاٿي طاقت جي علامت آهي، جڏهن
تہ منصور (حلاج) قرباني، سچ ۽ روحاني بغاوت جي علامت آهي. شاعر ٻڌائي ٿو تہ طاقت
جا اوزار ڪڏهن بہ منصورن جي فڪري عظمت
کي ماپي نٿا سگهن. ”چار لڪيرون
ليڪي ڪوري ڪاغذ تي، مستقبل ۽ ماضي ماپڻ چاھين ٿو.“
هتي شاعر تقدير نويسي ۽ انساني تقدير تي ڪنٽرول ڪرڻ جي خواهش تي طنز ڪري ٿو.
انساني تاريخ ۽ مستقبل جي بي پناھ وسعت کي ڪاغذ جي لڪيرن ۾ قيد ڪرڻ، انساني
آزاديءَ جي خلاف عمل آهي. غزل جو فڪر انساني آزادي، فڪري وسعت، ۽ مذهبي ۽ سياسي
طاقت جي تنقيد تي ٻڌل آهي. ساحر ڪڙيون
علامتون ۽ استعارا قاضي، زاهد، آذر، منصور، تخت جو انڌو هاٿي، چار لڪيرون ۽ فڪر ۾
جديديت سان گڏ صوفيانہ روح کي بہ گڏ رکي ٿو. ھواھو
پيغام ڏئي ٿو تہ محبت، فڪر، ۽ روحاني آزادي کي ڪا بہ طاقت
ماپي نٿي سگهي. هي غزل جديد فڪري مزاحمت ۽ علامتي شاعريءَ جو
مثال آهي، جيڪو سماجي، مذهبي ۽ سياسي طاقت
تي سخت تنقيد ڪري ٿو ۽ انسان جي آزاديءَ کي مرڪز بڻائي ٿو.
مرڪ ۾
پنھنجي اندر جي ڪرڀ کي،
پل سميٽي
گل ھيائين پوءِ بس.
دل نشين
نعرن ۾ ويڙھي قوم کي،
ھڪ انڌو
سورج ڏنائين پوءِ بس.
پوپٽن جو
پور ٿي آئون ويس،
وار تڙڪي
تي ڇنڊيائين پوءِ بس.
(وجدان
رقص، ساحر راهو، ص 70)
هي غزل
پنهنجي مختصر پر گهري اظهار سان فڪر، رومانويت ۽ جمالياتي حسن کي گڏ ڪري ٿو. غزل ۾ ساحر پنهنجي
داخلي ڪيفيتن ۽ خارجي سماجي حالتن کي گڏائي پيش ڪيو آهي.
پهرين مصرع ۾ ”مرڪ ۾ پنھنجي اندر جي
ڪرڀ کي“ ھو تضاد (مرڪ
۽ ڪرڀ) استعمال ڪري ٿو. اها علامتي صورت انساني سماج جي نفسياتي ڪيفيت کي
ڏيکاري ٿي، جتي ماڻهو درد لڪائڻ لاءِ خوشيءَ جو چهرو آڻيندو آهي. اهو فلسفو جديد
انساني وجود جي الميي سان لاڳاپيل آهي. ٻئي شعر ۾ ھو
اجتماعي شعور ۽ قومي مزاحمت جو استعارو پيش ڪري ٿو، پر ان سان گڏ هڪ مايوسي يا طنز
بہ آهي. ”هڪ
انڌو سورج“ يعني اهڙي اڳواڻي يا منزل، جنهن ۾ روشني جي
جاءِ تي اونداھ آهي. اها جديد سنڌي شاعري ۾ قومپرست تحريڪن جي سچائي ۽ واعدن تي
تنقيد پڻ ٿي سگهي ٿي. ٽئين شعر ۾ ھو پنهنجي
انا، خواهشن ۽ حسن جي تجربي کي بيان ڪري ٿو، جتي محبت ۽ قربت جي جذبي کي هڪ بصري
تصوير ذريعي پيش ڪري ٿو. پهرين ۽ ٽئين شعر ۾ داخلي احساسن ۽
حسن جو رومانوي اظهار آهي. ”گل هيائين“، ”پوپٽن
جو پور“ ۽ ”وار
تڙڪي تي ڇنڊيائين“ جهڙا منظر
محبت جي قرب ۽ لمحن جي خوبصورتي ڏيکارين ٿا. ھي
غزل فڪر ۾ انسان جي داخلي جدوجهد ۽ قوم سان جڙيل خوابن جي ناڪامي کي ڏيکاري ٿو،
جڏهن تہ رومانوي ۽ جمالياتي سطح تي محبت، قربت ۽ فطرتي حسن کي علامتي رنگن سان پيش
ڪري ٿو.
انجيل
جھڙيون اکيون توريت جھڙا چپڙا،
سانوڻ جي
شام ناسي ترڪش خواب رستا.
ويڻيءَ ۾
ويڙھي گجرا ماٿي تي تلڪ لائي،
ڪجري گجرا
ڪيا تو پرڪش خواب رستا.
ايمان ۾ وجھن
ٿا مومن جي ڏار ساحر،
ڇورين جا
سينا ڇلڪي بارش خواب رستا.
(وجدان
رقص، ساحر راھو، ص 78)
ھن غزل
۾ فڪر جو مرڪز حسن، عشق ۽ ايمان جي علامتن تي مبني آهي. ھتي ساحر روايتي مذهبي استعارن انجيل،
توريت، ايمان، مومن کي حسن ۽ عشق جي
علامتن سان گڏائي هڪ فڪري تڪرار پيدا ڪري ٿو.”انجيل جھڙيون اکيون توريت جھڙا چپڙا“ مقدس ڪتابن جي علامت سان حسن جو تشبيهي اظهار،
جيڪو ظاهر ڪري ٿو تہ عورت جي حسن ۾ الوهيت
جو رنگ آهي.”ايمان ۾ وجھن ٿا مومن جي ڏار“ سٽ ۾ ساحر روحاني ۽ جسماني حسن جي سنگم کي پيش ڪري ٿو. اهو ٻڌائي ٿو
تہ عشق ۽ ايمان جون حدون
ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي سان ملي وڃن ٿيون، ۽ حسن جو جلوو مومن جي ايمان کي بہ
ڇيڙي سگهي ٿو. فڪري طور تي ھي
غزل حسن کي صرف جسماني نہ پر روحاني
۽ مقدس حيثيت ۾ پيش ڪري ٿو. غزل ۾ عورت جي سونهن، ان جي سجاوٽ، ۽ موسمي فضا
(سانوڻ جي شام، ويڻي، گجرا، ڪجري) سان ڳنڍيل تمام نرم ۽ دلڪش تصويرون آهن.”ويڻيءَ
۾ ويڙھي گجرا ماٿي تي تلڪ لائي“ سٽ ۾
منظر رومانوي تاثر کي وڌائي ٿو، ڇو تہ هتي عورت
جي سينگار جا جزا ۽ حرڪتون هڪ محبت ڀري لذت پيدا ڪن ٿيون .”ڇورين جا سينا ڇلڪي بارش خواب رستا“ سٽ ۾ عورت جي
جسماني جمال کي نرم، رومانوي ۽ موسمي علامتن (بارش، خواب) ذريعي پيش ڪيو ويو آھي، جيڪو غزل کي حسن جي رومانوي حسن سان مالا مال ڪري ٿو. غزل ۾ جماليات لاءِ ساحر ڪيترائي
حسي ۽ بصري پيرايا استعمال ڪيا آهن جن ۾
ناسي، ڪجري، ۽ بارش جا رنگ حسن جي قدرتي تصوير ٺاهي رهيا آھن. مذهبي ۽ رومانوي استعارن جهڙوڪ انجيل، توريت، ايمان، مومن جھڙيون علامتون غزل کي فڪري ۽
جمالياتي اوچائين
تي آڻين ٿيون. اکين کي انجيل سان، چپن کي توريت سان تشبيھن
۾ نہ صرف روحاني پر خوبصورت تشبيهي حسن آهي. هي غزل حسن
۽ عشق جي رومانوي شدت کي مذهبي ۽ فطري استعارن ۾ سموئي ٿو. فڪر جي سطح تي ايمان ۽
حسن جي ٽڪراءَ کي، رومانوي سطح تي عورت جي حسن جي سينگار ۽ ماحول جي رنگيني کي، ۽
جمالياتي سطح تي رنگ، موسيقي ۽ بصري تصويرن جي ذريعي مڪمل اظهار ڏئي ٿو.
مجموعي طور
تي ڪتاب ”رقص وجدان“ جي مطالعي مان معلوم
ٿئي ٿو تہ جديد
سنڌي شاعريءَ جي آسمان تي ساحر راهو هڪ روشن ستاري
جيان اُڀريو آھي، جنهن پنهنجي فڪري اُونچائين، جمالياتي نزاڪتن ۽ علامتي اظهار سان
جديد سنڌي شاعريءَ کي نئين معنيٰ ۽ نئون وهڪرو ڏنو آھي. جديد سنڌي شاعري ۾ ساحر روايتي دائري
کي ٽوڙي فڪر، فن ۽ احساسن ۾ نوان تجربا ڪيا آھن. ھن جي شاعريءَ ۾ وجوديت،
رومانويت، تصوف، علامت نگاري ۽ سماجي شعور هڪٻئي سان ملي ڪري فني حسن جو اهڙو سنگم
پيدا ڪن ٿا، جيڪو جديديت ۽ ماڊرن فڪر جي ڇاپ سان گڏ سنڌي شاعريءَ جي پنهنجي مٽيءَ
جي خوشبو رکي ٿو. ”رقصِ وجدان“ مجموعي ۾ ساحر راھو جي اندر جي بيچيني، انساني تقدير بابت سوال، عشق جا روحاني
رنگ، ۽ سماجي ناانصافين خلاف احتجاج سڀ هڪ ئي لهجي ۾ موجود آهن. غزلن ۾ ڪڏهن داخلي
وجودي ڪيفيتن جو اظھار ملي ٿو، تہ ڪڏهن ازلي
حسن ۽ محبت جي سدا بهار موضوعن کي نئين فڪري ڇهاءَ جو جھان ملي ٿو. ساحر جي شاعريءَ ۾ نہ رڳو
حسن پرستي، پر انساني وجود جي بيقراري، فڪري بغاوت ۽ حقيقي آزاديءَ جي تلاش بہ
نمايان آهي. ھن مجموعي ۾ ساحر فن ۾
علامتن ۽ استعارن جي نزاڪت، لفظن جي موسيقي ۽ فڪر ۽ جديد
جماليات ڏني آهي. روايتي فارم سان نون تجربن کي گڏ ڪندي هڪ اهڙي روش قائم ڪئي آھي،
جيڪا نہ صرف سنڌي ادب کي عالمي فڪر سان ڳنڍي ٿي، پر
پنهنجي ڌرتيءَ جي فڪر ۽ احساسن کي بہ
نئين معنويت سان اُجاگر ڪري ٿي. هي مجموعو
نہ رڳو جديد سنڌي غزل جي جمالياتي حسن جو عڪس
آهي، پر ان ۾ علامتي ۽ فڪري گهراين سان گڏ جديد انسان جي وجودي سوالن، سماجي
ناانصافين، ۽ روحاني جستجوءَ جا رنگ بہ نمايان
آهن. هن مجموعي ۾ سنڌي ثقافتي حوالن سان گڏ عالمي فڪر جا اثر بہ
شامل آهن، جيڪي ساحر جي وسيع مطالعي
۽ تخليقي شعور جا ثبوت آهن. هي مجموعو
جديد سنڌي شاعريءَ جي تسلسل ۾ هڪ اهڙو اهم اضافو آهي، جيڪو فني ڪمال، فڪري کوٽائي
۽ جمالياتي سرشاري سان پڙهندڙ کي نہ فقط محفوظ
ڪري ٿو، پر فڪر لاءِ نوان در کولڻ تي مجبور ڪري ٿو. ساحر راهو ھن مجموعي ۾ نہ
فقط پنهنجي ذاتي ڪيفيتن کي پيش ڪيو آهي، پر مجموعي انساني تجربن کي بہ
لفظن جي صورت ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي.

