ڪالھ جمعي نماز
دوران، اسلام آباد ۾ ھڪ مسجد اندر ٿيل خودڪش ڌماڪي ملڪ
۾ دھشتگردي جي نئين لھر بابت گڻتي پيدا
ڪئي آهي. ھڪ
مسلم رياست جيڪا قائم ئي اسلام جي نالي تي ٿي، تنهن ۾ اھڙا دهشتگردي جا واقعا، انسانيت، امن
۽ مذهبي رواداري خلاف کليل جنگ جو اعلانِ تسور ڪجن. پوليس
۽ انتظاميا موجب هن حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 31 معصوم، بيگناھ
ماڻهو شهيد ۽ 160 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. جن مان ڪيترن
جي حالت ڳڻتي جوڳي پڻ ٻڌائي وڃي ٿي. مذهبي عقيدت
۽ عبادت ۾ مصروف، اھڙن بي هٿيار ماڻهن کي
نشانو بڻائڻ دهشتگردي جي سڀ کان بزدلاڻي شڪل چئجي
تہ غلط ناهي. هي
ڌماڪو نماز جي دوران مسجد جي اندر ماڻهن جي ڀرسان ٿيو، جنهن سبب نقصان جو دائرو تمام وڏو ٿيو. مسجد
جي جاءِ، جيڪا عبادت سان گڏ مذهبي عقيدت، امن، صبر
۽ اتحاد جي علامت پڻ هوندي آهي. اتي ائين بي رحماڻو رت وهڻ وڏو جهٽڪو آهي. ملڪ
پاڪستان ڪيترن سالن کان سخت دھشتگردي کي منهن ڏيندو آيو آهي. جنهن
۾ ھزارين ماڻهن پنهنجيون جانيون وڃايون آهن. تنهنڪري
سوال اهو ناهي تہ ڪيترا ماڻهو
مارجي ويا، پر اصل سوال اهو آهي تہ ڪجھ وقت جي امن کانپوءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر اسان ڪيترو غير محفوظ ٿي چڪا
آهيون؟
جيتوڻيڪ دھشتگردي
جو ڪو بہ مذهب ناهي ۽ اڪثر اهڙن حملن جو بنيادي مقصد
خوف ڦهلائڻ، سماج ۾ نفرت پيدا ڪرڻ
۽ مختلف مذهبي يا فڪري گروهن وچ ۾ وڇوٽيون وڌائڻ آهي. ڇاڪاڻ
تہ ڪنهن بہ
ملڪ
۾ خاص نشانو بڻائي عبادتگاهن تي حملا ڪرڻ
رڳو اتي رھندڙ ماڻهن کي نقصان رسائڻ ئي نہ
پر
رياست جي رِٽ، قانون جي بالادستي ۽ سماجي
هم آهنگي کي بہ نشانو بڻائڻ
برابر آهي. بزدل دهشتگرد چڱي نموني ڄاڻيندا آهن تہ اهڙن هنڌن تي حملو ڪرڻ سان ماڻهن جا پڻ جذبات
گهرا زخم کائيندا آهن. ملڪي سالميت
۽ ماڻهن جي جانين جي تحفظ جي زميواري وقت جي حڪمرانن جي ئي ھوندي آهي. تنهنڪري
انهن حاڪمن کان ئي سوال آهي تہ آخر ڪيستائين
پنهنجي ئي ملڪ اندر ائين
بيگناھ ماڻهو شھيد ٿيندا رھندا؟ آخر ڪڏهن مڪمل
زميواري سان ملڪ ۾ مستقل امن قائم ڪيو ويندو؟
ملڪي سطح تي
دهشتگرد نيٽ ورڪن جي پاڙ پٽڻ ۽ مڪمل خاتمي لاءِ ڪڏهن سنجيده ٿينداسين؟
حقيقي ۽ اثرائتي
سيڪيورٽي جو خواب ڪڏهن سانڀيا ٿيندو؟
ملڪ اندر اھڙي
قسم جي دھشتگردي جون بزدلاڻا ڪاروايون، پوري
ملڪ پاڪستان لاءِ خطري جي ڳالھ آهن. اھڙين حالتن
۾ ھڪ عام ماڻهو ڇا ڪري؟ ڪيڏانهن وڃي؟
ملڪ ۾ امن سان
گڏ، عقيدتمندي سان عبادت جو قيام، سڀني جو حق آهي. ماضي
مان سبق سکي، رياست کي گھرجي تہ، اھڙي جامع پاليسي ترتيب ڏي، جنهن ۾ رياست، سماج
۽ ملڪ جو ھر فرد گڏجي دهشتگردي خلاف واضح،
مضبوط
۽ گڏيل موقف اختيار ڪرڻ کانسواءِ عملي طور مستقل
امن جي قيام لاءِ گڏجي بيھن
۽ جيڪو پڻ اسان سڀني جو قومي فرض آهي. تہ گڏجي اھڙن بزدلن جون پاڙون پٽجن ۽ ملڪ ۾
امن سان رھي معاشي مضبوطي طرف وڌڻ جي راھ ھموار ڪجي.

