ڪراچي: تاريخي مالڪن جي واپسي ۽ طاقت جو نئون توازن ـ امن لغاري

ڪراچي رڳو سنڌ جو سڀ کان وڏو شهر ناهي، بلڪه اهو شهر هر دور ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي رخن جو مرڪز رهيو آهي. ڪراچي جون گهٽيون، پاڙا ۽ آباديءَ جي بناوٽ وقت سان گڏ جيڪي تبديليون ڏٺيون آهن، سي دراصل سنڌ جي مجموعي سماجي تاريخ جو زنده دستاويز آهن. ڪراچي کي صرف انگن اکرن سان نه، پر انساني لڏپلاڻ، وسيلن جي ورڇ ۽ طاقت جي سياست جي تناظر ۾ سمجهڻ جي ضرورت آهي.

ورهاڱي کان اڳ ڪراچي سنڌ جو سامونڊي ۽ ثقافتي شهر هو، جتي سنڌي مسلمانن سان گڏ پارسي، هندو ۽ ٻيون برادريون گڏجي رهنديون هيون. واپار، تعليم، ادب ۽ سماجي زندگيءَ ۾ سنڌي سماج جو گهرو ۽ مرڪزي ڪردار هو. پر 1947ع کان پوءِ ڪراچي هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿيو، جتي لڏپلاڻ رڳو انساني حرڪت نه رهي، بلڪه رياستي پاليسين ۽ سياسي فيصلن جو اوزار بڻجي وئي.

ـ 1950ع کان 1980ع تائين ڪراچي ٻاهرين لڏپلاڻ جو سڀ کان وڏو مرڪز بڻيو. ڀارت مان ايندڙ مهاجرن شهر جي آباديءَ جو وڏو حصو بڻجندي، نه رڳو شهر جي ٻولي ۽ ثقافت کي نئين رخ ڏنو، پر سياسي ۽ انتظامي طاقت جا نوان مرڪز به قائم ٿيا. نتيجي طور سنڌي آبادي، جيڪا تاريخي طور هن شهر جي وارث هئي، آهستي آهستي پوئتي  ڌڪجي وئي. نوڪريون، تعليم، واپار ۽ فيصلا ساز ادارا هڪ مخصوص طبقي تائين محدود ٿيندا ويا.

ـ 1980ع ۽ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ افغان جنگن ڪراچي جي سماجي بناوٽ کي هڪ ٻي وڏي تبديليءَ مان گذاريو. پختون آباديءَ جو انگ تيزي سان وڌيو. ٽرانسپورٽ، تعميراتي شعبي ۽ مزدور مارڪيٽ ۾ سندن ڪردار نمايان ٿيو. ڪراچي هڪ گهڻ لساني ۽ گهڻ قومي شهر طور سڃاتو وڃڻ لڳو، پر ساڳئي وقت وسيلن تي مقابلو، لساني ڇڪتاڻ ۽ سياسي عدم استحڪام به وڌندو ويو.

پر 2000ع کان پوءِ ڪراچي هڪ اهڙي تبديلي ڏسڻ لڳو، جيڪا نعريبازي کانسواءِ، خاموشيءَ سان شهر جي رڳن ۾ پکڙجندي رهي. سنڌ جي ٻين ضلعن، ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن مان وڏي تعداد ۾ ماڻهو ڪراچي ڏانهن اچڻ لڳا. هي لڏپلاڻ ڪنهن رومانوي خواب جو نتيجو نه هئي، بلڪه سخت معاشي ۽ سماجي حقيقتن جو مجبورانه انتخاب ۽ قومي مالڪي ھئي. روزگار جي کوٽ، تعليم جا محدود موقعا، صحت جون ناڪافي سهولتون ۽ بنيادي ڍانچي جي ڪمزوري.

هي سنڌي لڏپلاڻ ماضيءَ وانگر عارضي نه هئي. هي ماڻهو رڳو ڪم لاءِ نه، پر مستقل رهائش لاءِ آيا. هنن گهر ورتا، ٻار اسڪولن ۾ داخل ڪرايا، ڪاروبار شروع ڪيا ۽ شهر جي سماجي ۽ سياسي زندگيءَ جو حصو بڻيا. نتيجي طور ڪراچي ۾ نيون سنڌي آباديون وجود ۾ آيون، جتي سنڌي ٻولي، روايتون ۽ ثقافت فطري نموني سان زنده رهيون.

ساڳئي وقت ٻين صوبن مان ڪراچي ڏانهن ايندڙ وهڪرو گهٽجڻ لڳو. خاص طور پنجاب مان ايندڙ لڏپلاڻ ۾ نمايان گهٽتائي آئي. پنجاب جي نئين نسل لاءِ ڪراچي هاڻي معاشي اميدن جو آخري مرڪز نه رهيو. عالمي دنيا ۾ کليل سرحدون، پرڏيهي روزگار، ۽ يورپ ڏانهن ڊنڪي ذريعي وڃڻ جو رجحان نوجوانن کي ملڪ کان ٻاهر ڌڪي رهيو آهي. نتيجي طور ڪراچي ۾ آباديءَ جو توازن آهستي آهستي سنڌين جي حق ۾ وڌڻ لڳو.

هي تبديلي صرف سماجي نه، پر گهري سياسي نوعيت جي به آهي. جتي آبادي وڌي ٿي، اتي نمائندگي، پاليسي ۽ وسيلن تي حق پاڻمرادو پيدا ٿيندو آهي. ايندڙ سالن ۾ ڪراچي جي سياسي نمائندگي نئون رخ اختيار ڪندي نظر ايندي، جتي سنڌي آباديءَ جو وڌندڙ انگ شهر جي ترقياتي ترجيحن ۽ وسيلن جي ورڇ تي اثرانداز ٿيندو.

اهو سمجهڻ ضروري آهي ته هي تبديلي ڪنهن جي خلاف ناهي. دنيا جي هر وڏي شهر ۾ آباديءَ جو توازن وقت سان گڏ بدلجندو رهيو آهي. لنڊن، نيويارڪ، دبئي ۽ ممبئي ان جا مثال آهن. ڪراچي ۾ ٿيندڙ تبديلي به ساڳئي فطري ۽ عالمي عمل جو حصو آهي. مسئلو تڏهن پيدا ٿئي ٿو، جڏهن سماجي حقيقتن کي قبول ڪرڻ بدران انهن کان خوفزده ٿي ردعمل ڏيکاريو وڃي.

ڪراچي سنڌين جو شهر آهي. تاريخي، جغرافيائي ۽ ثقافتي لحاظ کان. سنڌين جي واپسي ڪنهن جي حقن تي ڌاڙو ناهي، بلڪه پنهنجي جاءِ ٻيهر حاصل ڪرڻ جو فطري عمل آهي. اها واپسي خاموش آهي، پر گهري، مستقل ۽ اثرائتي آهي.

حسن درس جي لفظن ۾:

ڪراچي تون اسان جو سج آهين،

۽ اسان سورج مُکي آهيون

اڄ جڏهن ڪراچي جي بازارن ۾ سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي، آفيسن ۾ سنڌي نالا نظر اچن ٿا، ۽ ثقافتي ميلن ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي فخر سان پاتي وڃي ٿي، ته اهو شهر جي فطري ارتقا جو ثبوت آهي. اها ڪا زبردستي ثقافت نه، پر وقت جي وهڪري سان واپس ايندڙ سڃاڻپ آهي.

پارسين جو مثال اسان آڏو آهي. هڪ زماني ۾ ڪراچي جي معاشي ۽ سماجي زندگيءَ جو اهم حصو هئا، اڄ سندن آبادي انتهائي گهٽجي وئي آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته نه ڪا برادري هميشه اڪثريت ۾ رهي ٿي، نه ڪا هميشه اقليت ۾. شهر بدلجندا آهن، ۽ وقت به.

ايندڙ ويهه سالن ۾ ڪراچي وڌيڪ پنهنجي تاريخي مالڪن، سنڌين جو ٿيندو—نه نفرت سان، نه نعريبازي سان، پر فطري عمل سان. ان تبديلي کي روڪڻ ممڪن ناهي. ان کي سمجهڻ، قبول ڪرڻ ۽ سڀني شهرين لاءِ منصفاڻيون پاليسيون ٺاهڻ ئي دانشمندي آهي.

ھاڻي سنڌي پنھنجي ٽوپي ٽول پلازه وٽ لاھي نہ پر ڪراچي ۾ اچي ڪراچي ۾ وٺي پائيندا.


Previous Post Next Post