درياهن جو تحفظ، صاف پاڻي ۽ اسان جي ذميواري ـ احمد حسن پنهور

ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو وجود پاڻيءَ کان سواءِ ناممڪن آهي. قديم تهذيبن کان وٺي اڄوڪي جديد دور تائين، انسانن هميشہ درياهن جي ڪنارن تي پنهنجا گهر اڏيا آهن. پر اڄ اسان جنهن دور مان گذري رهيا آهيون، اتي اسان جا درياه ۽ پاڻي جا ذخيرا شديد خطرن جو شڪار آهن. سنڌو درياءُ، جيڪو سنڌ جي معيشت ۽ زندگيءَ جي رڳ آهي، اڄ گدلاڻ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب پنهنجو وجود بچائڻ جي جنگ وڙهي رهيو آهي.

صاف پاڻي زندگيءَ جي ضرورت:

صاف پاڻي صرف پيئڻ لاءِ ئي ضروري ناهي، پر هي انساني صحت، زراعت ۽ صنعتن جو بنياد آهي. جڏهن اسان پاڻي کي گندو ڪريون ٿا تہ اسان نہ صرف پنهنجي صحت سان کيڏون ٿا پر ايندڙ نسلن جو مستقبل بہ داءُ تي لڳايون ٿا. گندو پاڻي هيپاٽائيٽس، ٽائفائيڊ ۽ پيٽ جي بيمارين جو مکيہ سبب آهي.

اسان جا درياه هن وقت هيٺين خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن:

صنعتي گندگي، ڪارخانن جو زهريلو پاڻي، سڌو سنئون درياهن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.

شهرن جي گٽرن جو پاڻي ۽ پلاسٽڪ جو ڪچرو درياهن جي ساه کي ٻوساٽي رهيو آهي، زرعي زمينن مان وهندڙ ڪيميائي ڀاڻ ۽ جيت مار دوائون پاڻيءَ کي زهريلو بڻائي رهيون آهن.

موسياتي تبديلي:

گليشيئرز جو تيزي سان پگهرجڻ ۽ برساتن جي نظام ۾ تبديلي درياهن جي وهڪري کي متاثر ڪري رهي آهي.

ماحولياتي آگاهي وقت جي ضرورت آهي:

ماحولياتي آگاهي جو مقصد صرف اهو ناهي تہ اسان کي خبر هجي تہ ماحول خراب آهي، پر ان جو مقصد پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻڻ آهي. عوام کي اها ڄاڻ ڏيڻ ضروري آهي تہ پاڻي جو زيان گناه ۽ نقصانڪار عمل آهي.

پلاسٽڪ جي ٿيلهين جو استعمال درياهن ۽ سمنڊن جي جيوت لاءِ موت جو پروانو آهي. وڻڪاري ذريعي ئي اسان پاڻيءَ جي چڪر (Water Cycle) کي برقرار رکي سگهون ٿا.

اسان کي درياهن جي تحفظ لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ عوام تي بہ وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي تہ درياهن ۽ واهن ۾ ڪچرو اڇلائڻ بند ڪيو وڃي. ڪارخانن تي سخت پابندي لڳائي وڃي تہ هو پاڻي کي صاف (Filter) ڪرڻ کان سواءِ درياهن ۾ نہ ڇڏين.

درياه رڳو پاڻي جا وهڪرا ناهن، پر اهي هڪ جيئري ساه واري نظام (Ecosystem) جي حيثيت رکن ٿا. جيڪڏهن اڄ اسان پنهنجن درياهن جي حفاظت نہ ڪئي، تہ سڀاڻي اسان جا هٿ تہ هوندا پر انهن ۾ صاف پاڻي جو هڪ ڍڪ بہ نہ هوندو.

سنڌو درياءُ جنهن کي قديم زماني کان پورهالي ۽ سرتين جو سينگار چيو ويو آهي، اڄ انساني مداخلت ۽ ماحولياتي تبديلين سبب انتهائي نازڪ موڙ تي بيٺو آهي. ان جي تحفظ لاءِ اسان کي هيٺيان قدم کڻڻ لازمي آه:

 ماحولياتي وهڪرو (Environmental Flow) برقرار رکڻ درياءَ جي جيوت، مڇين جي افزائش ۽ ٻيلاٽين (Riverine Forests) کي زندہ رکڻ لاءِ ضروري آهي تہ درياءَ ۾ سڄو سال مخصوص مقدار ۾ پاڻي جو وهڪرو جاري رهي. ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سمنڊ تائين پاڻي نہ وڃڻ سبب نہ صرف درياءُ خشڪ ٿي ويو آهي، پر سمنڊ اڳتي وڌي لکن ايڪڙ زمين کي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌو درياءَ جو تحفظ سمنڊ جي گهيري کي روڪڻ سان جڙيل آهي.

دريائي ٻيلن (Katcha Area) جو بچاءُ، سنڌو درياءَ جا ڪچا وارا ٻيلا قدرتي طور پاڻي کي صاف ڪن ٿا ۽ ٻوڏ جي خطرن کي گهٽائين ٿا. بدقسمتي سان انهن ٻيلن جي ڪٽائي ڪري اتي قبضا ڪيا ويا آهن. درياءَ جي تحفظ جو مطلب آهي تہ ان جي پيٽ (Riverbed) کي قبضن کان پاڪ ڪري ٻيهر وڻڪاري ڪئي وڃي.

سنڌو درياءَ کي قانوني شخصيت جو درجو ڏيڻ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن (جهڙوڪ: نيوزيلينڊ ۽ ايڪواڊور) ۾ درياهن کي انسانن وانگر قانوني حق ڏنا ويا آهن. جيڪڏهن سنڌو درياءَ کي بہ هڪ جيئري وجود طور تسليم ڪيو وڃي، تہ ان کي نقصان پهچائيندڙ خلاف قانوني ڪارروائي وڌيڪ اثرائتي ٿي سگهندي.

سنڌو درياءَ جو تحفظ صرف پاڻي جو مسئلو ناهي، پر هي سنڌ جي وجود ۽ بقا جو مسئلو آهي. جيڪڏهن درياءُ زندہ رهندو تہ اسان جي تهذيب زنده رهندي.


Previous Post Next Post