پراڻي دور جي
هڪ ڪهاڻي مشهور آهي تہ هڪ شخص کي ست
پٽ ھئا، انهن جي پاڻ ۾ ايتري تہ ٻڌي هئي جو ڪو بہ انهن جي ٻڌي کي ٽوڙي نہ پيو سگهي ۽ هو سڀ هڪ ٻئي جي چوڻ ۾ هوندا
هئا. ڳوٺ جي ماڻهن، مٽن مائٽن ۽ سنگت ساٿين وڏي ڪوشش
۽ وڏي جدوجهد ڪئي تہ هنن جي طاقت
ختم ڪئي وڃي، نيٺ اهي پنهنجي
مقصد ۾ ڪامياب ويا. انهن کي هڪ
ٻئي جي خلاف ڀڙڪائڻ شروع ڪيو ۽ انهن جي وچ ۾ اختلافي واريون ڳالهيون شئير ڪيون ويون، آخر انهن جي ٻڌي، طاقت ۽ اتحاد کي ٽوڙيو
ويو. جڏهن هو هڪ ٻئي جي خلاف ڳالهائڻ لڳا ۽ هڪ ٻئي تي منهن خراب ڪرڻ لڳا تہ ان سڄي معاملي جي خبر انهن جي پيءَ کي پئي، انهن جي پاڻَ ۾
هڪ گڏجاڻي رکرائي. گڏجاڻي ۾ سڀ شريڪ ٿيا،
گڏجاڻي ۾ سڀ کان پهرينَ هڪ ڪاٺين جو ڍير رکيو ويو، ڪاٺين جي ڍير مان ست ڪاٺيون کڻي
الڳ الڳ ڪري رکيون ويون وري انهن کي هڪ رسي ۾ ٻڌو ويو، پيءَ وڏو ذهين ۽ چالاڪ هيو، ڪاٺين کي هڪ رسي
۾ ٻڌي هڪ هڪ پٽ کي تربيوار سڏ ڪري چيو تہ
هن
ڍير کي ڀڃي ڏيکار، سڀن زور ڏنا، وسان ڪين نہ
گهٽايو
آخر سڀ نہ ڀڃي سگهيا. پيءَ چيو توهان ست ڀائر آهيو جيڪڏهن توهان پاڻ
۾ متحد ٿيندو تہ توهان جو مثال
هن ڪاٺين جيان آهي. جيڪڏهن متحد نہ ٿيندئو تہ ان هڪ هڪ ڪاٺي جيان الڳ الڳ ٿي وکري ويندئو. جڏهن توهان جو اتحاد ڪمزور ٿي ويو تہ ٻاهريون ماڻهو توهان تي پنهنجي انا پنهنجي
مفاد خاطر توهان ۾ نفرتون ڦهلائي پنهنجا مفاد حاصل ڪندو. پنهنجي پيءَ
جي
نصيحت، مثال ۽ اکين ڏٺي سمجهاڻي ڏسي سڀن ڀائرن پنهنجون رنجشون ختم ڪري پاڻ ۾ گڏجي رهڻ
۽ متحد رهڻ جو واعدو ڪيو.
ماضيءَ ۾ مرحوم سرائي محمد عثمان چنجڻي، مرحوم پنهل خان
چنجڻي، مرحوم سرائي غلام رسول چنجڻي سميت کوڙ سارا اهڙا نالا هئا. جيڪي پاڻ ۾َ متحد ھوندا هئا ۽ متحد رهڻ سان
گڏ پنهنجي برادري ۽ ٻين ڳوٺن جي ماڻهن کي ساڻ کڻي محبتون بہ ونڊيندا هئا ۽ ڳوٺاڻن کي بنيادي حق بہ وٺي ڏيندا هئا، ڳوٺ جان محمد چنجڻي، ڳوٺ ميانداد چنجڻي، ڳوٺ پنهل خان چنجڻي سميت ڳوٺ الهڏتو ڪانڌڙي
جا ماڻهو سندن عزت ڪندا هئا. 1989-90ع واري سال ۾
قاضي اختر کي ووٽ ڏئي ڳوٺاڻن جي لاءِ
پنج
بنيادي سهولتون ورتيون. جن ۾ بجلي، واٽر سپلآء، روڊ، اسپتال ۽ اسڪول شامل ھئا. قاضي
اختر جي حڪم موجب ڪم شروع ٿي ويا ۽ جلدي مڪمل
بہ ٿي ويا .کٽڻ هارائڻ زندگي جو حصو آهي سال
گذرندا ويا ۽ اهي سڀ سهولتون ناڪارہ ٿيڻ لڳيون.
بجلي جو نظام
2018 کان ختم ٿي چڪو آهي، واٽر سپلاءِ
بہ ناڪارہ ٿي
وئي، اسڪول جون ديوارون ۽ بلڊنگون ڪمزور ٿي ويون، بنيادي سهولتون نہ هجڻ ڪري هتان جو عوام ڪيترو پريشان آهي
۽ ڪيترين ئي تڪليفن مان گذري رهيو آهي،
اهو
هتان جو عوام پيو ڄاڻي، منهنجي چوڻ جو مقصد اهيو آهي تہ جيڪڏهن ڳوٺ جان محمد چنجڻي، ڳوٺ ميانداد
چنجڻي، ڳوٺ پنهل خان چنجڻي سميت ڳوٺ الهڏتو ڪانڌڙو جو عوام ۽ ڳوٺن جا سربراه، ليڊر، وڏيرا پاڻ ۾ هڪ صلاح هجن
۽ متحد ٿين تہ يقينن ڳوٺن جا بنيادي مسئلا
بہ حل ٿي سگهن ٿا. ڇو تہ پاڻ ۾ طاقت بہ رکندا، پاڻ ۾ طاقت رکڻ سان ڪا بہ طاقتور پارٽي توهان کي ڪمزور نٿي ڪري سگهي
۽ نہ ئي توهان کي جهڪائي ٿي سگهي، شرط اهيو آهي
تہ توهان جو پاڻ ۾ اتحاد هجي توهان ۽ پنهنجي
راڄ ڀاڳ جا ڏک سک ۾ ساٿي بڻجي وڃو، ڇو تہ هن وقت پاڻ ۾ متحد رهڻ جي سخت ضرورت آهي.

