ميرپورخاص جي
محمدي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ميڊيڪل جي ٽئين سال جي شاگردياڻي، ڊاڪٽر فهميدہ لغاري، مبينا طور تي استادن جي هراسمينٽ کان تنگ
اچي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. تعليمي ادارن ۾ اهڙا واقعا اسان جي نظام تي
وڏو سواليہ نشان آهن. سچ پچ تہ ميڊيڪل جي ذهين ۽ سدائين پوزيشن حاصل ڪندڙ
شاگردياڻي فهميدہ لغاري جي لاش
ملڻ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ آهي۔ شروعاتي
طور هن واقعي کي خودڪشي قرار ڏنو پيو وڃي، پر بار بار اهڙن واقعن کي خودڪشي جو رنگ
ڏيڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو، تنهنڪري حقيقت کي سامهون آڻڻ نهايت ضروري آهي۔ ڪنهن
يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻيءَ سان هي ڪو پهريون واقعو ڪونهي، هن کان اڳ سنڌ جي ڪيترين ئي يونيورسٽين
۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن پر وقت گذرڻ سان انهن واقعن تي پردو وجهي ماٺ ڪرايو ويو
آهي، جيڪو پڻ هڪ وڏو ظلم آهي ۽ هي بگهڙ وري ڪنهن
ٻي نياڻيءَ جو شڪار ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا۔
فهميدہ لغاري جي وارثن پاران جيڪي سنگين الزام لڳايا
ويا آهن، انهن کي ڪنهن بہ صورت ۾ نظرانداز
نٿو ڪري سگهجي۔ ڇوتہ
فهميدہ لغاري جي خودڪشي صرف هڪ انفرادي واقعو ناهي،
پر اها اداري جي ناڪامي، استادن جي مبينا زيادتي ۽ شاگردن جي ذهني تحفظ ۾ کوٽ جو کليل
ثبوت آهي۔ جيڪڏهن استاد طرفان هراسمينٽ جا الزام سچا ثابت ٿين ٿا تہ اهو نہ صرف اخلاقي ڏوه آهي، پر پاڪستان جي قانون
تحت سنگين فوجداري جرم پڻ آهي، جنهن تي سخت ترين ڪارروائي ٿيڻ لازمي آهي۔ هن
وقت سنڌ اندر تعليمي ادارا صرف ڊگريون
ڏيڻ جا مرڪز آهن۔ جڏهن تہ اھي شعور ۽ ڪردار جي تحفظ جا قلعا هجڻ گهرجن
پر ڪيترن ئي واقعن ٿيڻ بعد بہ انهن ادارن
اندر استاد جي نالي ۾ ويٺل ڪجھ وحشي ڪردار پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي شاگردياڻين
جي عزتن کي داغدار ڪري سندن مستقبل سان کيڏن ٿا.
اهڙن
بدبودار ڪردارن کي استاد چوندي بہ شرم ٿو اچي۔
آخر اهڙن معصوم نياڻين جي خوابن کي چڪناچور ڪندڙن خلاف سرڪار توڙي انتظاميہ صدم ڇو نہ
ٿي
کڻي۔ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نائلا رند کان ويندي چانڊڪا ميڊيڪل
ڪاليج جي نمرتا ڪماريءَ تائين سمورا سور سامهون هوندي بہ اسان وقتي طور غم جو اظهار ڪري ”ساڳيا لاٽون
ساڳيا چگهہ“ واري پاليسيءَ
کي
اکين تي رکي وڌندا رهون ٿا. جنهن جي نتيجي
۾ وري ٻي نياڻي نانگن هٿان ڏنگجي وڃي ٿي۔ ميرپورخاص جي فھميدہ لغاريءَ بہ انهيءَ
ساڳئي
زهريلي نانگ جي ڏنگ جو شڪار بڻجي ويئي ۽ اسان ساڳيا ڳوڙها ڳاڙي نئون تڏو وڇائي ويٺا
آهيون۔ آخر اهڙا المناڪ واقعا ڪيستائين ڏسندا رهنداسين۔ ڪيستائين
شاگردياڻيون اڪيلائپ، دٻاءُ ۽ ناانصافي جو کاڄ بڻجنديون رهنديون۔ سمورن
تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ ڇوڪريون اڄ بہ
غير
محفوظ آهن۔ ڪيترين ئي جڳهن تي ادارن اندر ويٺل بااثر ماڻهن طرفان حراسمينٽ جا واقعا
سامهون اچن ٿا۔ جيڪڏهن اهڙا عمل جاري رهندا تہ
پوءِ
ڪابہ نياڻي يونيورسٽيءَ ۾ وڃڻ پسند نہ
ڪندي
ان ۾ ڪوبہ شڪ نہ
آهي
تہ هي سماج مردن جو آهي ڀلي اسيمبلين مان عورتن
جي حقن لاءِ هزارين بل پاس ٿين پر انهن تي عمل ڪير ڪرائيندو؟
ڇوتہ اهڙن وحشين پٺيان ڪنهن نہ ڪنهن وڏيري سرمائيدار يا سياسي ماڻهوءَ جو هٿ ضرور هوندو۔ اسان وٽ ظلم اهو آهي ظالم
جي لاءِ هزارين ماڻهو اڳيان ايندا آهن پر مظلوم لاءِ ڪوبہ
اڳتي
ناهي ايندو جيئن بدين اندر بيحيائيءَ جو جيڪو واقعو
سامهون آيو ان لاءِ شعوريافتہ جاهل چوندا ٿا تہ زنا ٻن ماڻهن جي وچ جو معاملو آهي انڪري
پاڙي وارن کي ڪوبہ اختيار ڪونهي
تہ انهن کي پڪڙين يا مارموچڙو ڪن۔ جڏهن برائيءَ کي مات ڏيڻي آهي تہ سخت قدم بہ
کڻڻا
پوندا آهن۔ انهن زناخورن جي حمايت يافتہ
همراهن
کان صرف هڪ سوال پڇو تہ جيڪڏهن ڪو توهانجي
ڌيءَ يا ڀيڻ سان توهانجي اڳيان زنا ڪري تہ ان جي سزا ڪهڙي مقرر ڪندو؟ هڪ مسلمان جي
حيثيت سان ڏٺو وڃي تہ اسلام تہ زانيءَ
کي
پٿر هڻي مارڻ جو سخت حڪم ڏنو آهي تہ پوءِ ڇا اهو تشدد آهي۔ جيڪڏهن ڪنهن برائيءَ کي جڙ کان ختم نہ ڪندو تہ
پوءِ اهڙا واقعا عام ٿيندا ۽ ڪنهن بہ عورت جي عزت محفوظ نہ رهندي۔
سنڌ ۾ اهڙن
شرمناڪ واقعن جي راڄوڻي نہ ٿيڻ کپي ڇوتہ بي شناس ۽ بدمعاش شخص راڄوڻي ۽ ڏاڍ وسيلي
آجو ٿي وڃي ٿو ۽ مظلوم مار کائيندو رهي ٿو۔ فهميدہ
لغاري
جو واقعو سڌو قتل آھي، جنھن ۾ قتل
ٿيل شاگردياڻي جي وارثن ملوث عملدارن جا نالا ٻڌائي چُڪا آھن. انھن ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪوتاھي نہ ٿيڻ گهرجي ۽ 15 ڏينهن ڪاروائي مڪمل ڪري مجرم
کي سزاءِ موت ڏني وڃي۔ جيڪڏهن ظالم کي ڪورٽن جي سهاري
هلايو ويو تہ ام رباب چانڊيو
جي ڪيس وانگر وقت جو زيان ڪري ڏاڍي کي وري ڏاڍ ڪرڻ جوموقعو ملي ويندو۔ ان
سان گڏ تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين کي اپيل ٿي ڪجي تہ هو ڏاڍ خلاف خاموشي ٽوڙي انهن وحشي درندن خلاف منظم
آواز اٿارين ۽ پاڻ مارڻ بدران هراسمينٽ ڪندڙن کي ذلت جو طوق گلي ۾ وجهي معاشري کي برائين
کان پاڪ ڪن۔
عورت فطري طور
ميڻ وانگر نرم بہ آهي تہ جبل کان وڌيڪ مضبوط ۽ سخت بہ آهي تہ
پوءِ هو پنهنجي طاقت کي استعمال ڇو نہ ٿيون ڪن۔ والدين پنهنجي نياڻين تي اعتماد
ڪري اعليٰ تعليم لاءِ اڳتي موڪلين
ٿا تہ انهن نياڻين جي ذميواري بہ
آهي
تہ والدين سان هر ڳالهہ شيئر ڪن۔ اڄ تڏي تي ويهي ڳوڙها ڳاڙي اهو
وچن پيا ڪيو تہ اسان آخري حد
تائين ان وحشي درندي خلاف جنگ وڙهنداسين۔ جيڪڏهن اها جنگ فهميدہ سان گڏ ڏسندس زندگيءَ ۾ وڙهو هان تہ
شايد
فهميدہ سان گڏ هزارين ٻين نياڻين جو مستقبل بہ محفوظ ٿي پوي هان۔ فهميدہ لغاريءَ
جو
قتل صرف هڪ شاگردياڻي جو معاملو ناهي، پر سنڌ جي هر نياڻيءَ جي عزت، تحفظ ۽ مستقبل
جو سوال آهي۔ جيڪڏهن هن ڪيس کي دٻائڻ يا نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي وئي تہ اها رياست جي ناڪامي سمجهي ويندي، ۽ اهڙي
لاپرواهي مستقبل ۾ وڌيڪ زندگيون تباه ڪري سگهي ٿي۔ هاڻي وقت اچي ويو آهي تہ نياڻين جي عزتن جي حفاظت لاءِ اڳتي وک وڌايون ۽ اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين
اندر استاد جي روپ ۾ وحشي درندن خلاف محاذ قائم ڪريون ۽ انهن کان نجات حاصل ڪري تعليمي
ادارن کي دهشت ۽ وحشت کان پاڪ ڪريون۔

