سنڌو درياه جي ڪنارن تي جنم وٺندڙ تھذيبن، شھرن ۽ بندرن جي
تاريخ سنڌ جي سڃاڻپ جو اهم حوالو آهي. موهن جو دڙو، هڙپا، ڀنڀور، ديبل، رني ڪوٽ، اروڙ،
منصورہ ۽ ٺٽو جهڙا تاريخي ماڳ ان شاندار تهذيبي ورثي جا زندہ مثال آهن، جيڪي سنڌ جي
قدامت، واپار، ثقافت ۽ تمدن جي عروج کي ظاهر ڪن ٿا.
انهن مان ڪيترائي هنڌ وقت جي وهڪري سان گڏ ميسارجي ويا، پر
انھن جون ڪھاڻيون اڄ بہ مٽيءَ ۾ لڪيل آهن. ”سنڊو بندر“ بہ اهڙو ئي سنڌ کان وسري ويل
ھڪ اهم تاريخي ماڳ آهي، جيڪو ڪنھن وقت زندگيءَ سان روان دوان واپار ۽ آمدرفت جو مرڪز
هو.
سجاول ضلعي جي تعلقي جاتي کان لڳ ڀڳ پنج ڪلوميٽر ڏکڻ طرف،
سنڌو درياه جي گونگڙي ڇاڙ تي آباد سنڊو بندر 18 هين صديءَ ۾ آهستي آهستي ترقي ڪري هڪ
اهم دريائي بندر بڻيو ھو. ان وقت درياه جون ڇاڙون مڪمل وهڪري ۾ هيون، جيڪي مختلف علائقن
کي پاڻ ۾ ڳنڍينديون هيون. سنڊو بندر بہ انھن مان هڪ اهم ڳانڍاپو هو، جتان ماڻهو، مال
۽ ٻيو سامان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ٿيندا هئا.
هن بندر جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو تہ هتي
باقاعدہ ڪسٽم آفيس قائم هئي، جيڪا ڪراچي ڪسٽم آفيس سان ڳنڍيل هئي. هن مان ظاهر ٿئي
ٿو تہ سنڊو بندر رڳو هڪ مقامي مرڪز نہ، پر سرڪاري سطح تي تسليم ٿيل واپاري بندرگاه
هو، جتي واپار جي نگراني ۽ ٽيڪسن جي وصولي جو باقاعدہ نظام موجود هو.
نامياري ليکڪ سائين زاهد اسحاق سومرو پنهنجي ڪتاب ”سڙيا مٿي
سچ“ ۾ لکي ٿو تہ ڪراچي ڪمشنر ڪليڪٽوريٽ سان ٿيل لکپڙه موجب سنڊو بندر جو ڪڇ جي بندرن
۽ ٻين ويجهن علائقن سان واپار هلندو هو. هن بندر تي قائم ڪسٽم آفيس ذريعي واپاري مال
تي ٽيڪس وصول ڪيو ويندو هو ۽ واپار کي سرڪاري نگراني هيٺ رکيو ويندو هو.
ساڳئي حوالن موجب، سنڊو بندر مان ٿيندڙ واپار جا انگ اکر
بہ حيران ڪندڙ آهن.
ـ 1912ع ۽ 1913ع ۾ هن بندر تان 424605 (چار لک چوويھ هزار
ڇھ سئو پنج) روپين جو سامان ٻاهر اماڻيو ويو هو.
جڏهن تہ 1870ع ۾ 85361 (پنجاسي هزار ٽي سئو ايڪھٺ) روپين
جو مال درآمد ٿيو۔
ـ 1921ع تائين هي انگ وڌي 465353 (چار لک پنجھٺ هزار ٽي سئو
ٽيونجاھ) روپين تائين پهچي ويو.
ھنن تاريخي حوالن مان اهي انگ اکر واضح ڪن ٿا تہ سنڊو بندر
پنھنجي وقت ۾ هڪ سرگرم ۽ اهم واپاري مرڪز هو.
واپار جو وڏو ذريعو ٻيڙيون هيون، جن ذريعي اناج، خاص طور
ساريون، ۽ ٻيو سامان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويندو هو. لاڙ واري علائقي جي زرعي
پيداوار هتان ٻين علائقن تائين پھچندي هئي، جڏهن تہ ڪڇ ۽ ٻين علائقن کان مزدور بہ هن
بندر ذريعي ايندا هئا، جيڪي فصلن جي لاباري ۾ حصو وٺندا هئا. هن واپاري سرگرمي ۾ هندن
واپارين جو پڻ اهم ڪردار هو، جيڪي پنھنجي ڪاروباري مهارت سان هن بندر کي وڌيڪ فعال
بڻائيندا هئا.
سنڊو بندر صرف واپار تائين محدود نہ هو۔ هتي هڪ منظم سماجي
ڍانچو موجود هو، جنهن ۾ تعليم ۽ مذهب کي بہ اهميت حاصل هئي. هتي هڪ اسڪول جا آثار ملن
ٿا، (سائين زاهد اسحاق سومري موجب جنهن جو
آخري استاد سنڌ جي ناليواري محقق عزيز جعفراڻي ۽ اڳوڻي سيڪريٽري ثقافت کاتي شمس جعفراڻي
جو والد صاحب سائين محمد جمن جعفراڻي ھيو) ۽
مسجد جا آثار پڻ موجود آهن، جيڪي ٻڌائين ٿا تہ هتي مذهبي زندگي بہ جاري هئي،
پر جيئن تہ تاريخ ۾ ڪيترائي شھر ۽ بندر پنهنجي عروج کان پوءِ زوال جو شڪار ٿيا آهن،
سنڊو بندر بہ ان الميي کان بچي نہ سگهيو.
سنڊو بندر جي زوال جو بنيادي سبب سنڌو درياه جي وهڪري ۾ تبديلي
هئي. انگريز دور ۾ جڏهن درياه تي بند ٻڌڻ شروع ڪيا ويا، خاص طور جڏهن سنڌو درياه جي
ساڄي ڪپ کي سمنڊ تائين بند ڪيو ويو، تڏهن درياه جون قدرتي ڇاڙون سڪڻ لڳيون۔ بعد ۾ وڌيڪ
بندن جي تعمير سان هي عمل تيز ٿي ويو، ۽ نيٺ 20 هين صدي جي وچ تائين تقريباً سڀئي ڇاڙون
سڪي ويون.
گونگڙي ڇاڙ، جنهن تي سنڊو بندر آباد هو، بہ پاڻي جي کوٽ سبب
سڪي وئي. نتيجي طور بندر پاڻيءَ کان ڪٽجي ويو، ٻيڙين جي آمدرفت بند ٿي وئي، ۽ واپار
مڪمل طور ختم ٿي ويو. جڏهن واپار ختم ٿيو تہ روزگار جا ذريعا بہ ختم ٿي ويا، جنھن ڪري
ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا ۽ ٻيو سبب ھن بندر تي سڀ کان وڏا واپاري ھندو ھئا،
جيڪي ورهاڱي کانپوءِ ھتان لڏي ويا.
سنڊو بندر جي زوال جو اثر ويجهي علائقي، خاص طور جاتي شهر
تي بہ پيو۔ لاڙ ۾ هڪ مشهور چوڻي آهي: ”سنڊو ڦٽو، جاتي وٺي“ يعني جڏهن سنڊو بندر تباهہ
ٿيو تہ جاتي شهر وڌيڪ ترقي ڪرڻ لڳو، هي چوڻي ان سماجي ۽ معاشي تبديليءَ جي عڪاسي ڪري
ٿي، جيڪا هڪ هنڌ جي زوال ۽ ٻئي جي عروج سان جڙيل آهي.
اڄ سنڊو بندر جا باقي بچيل آثار (مسجد، ڪسٽم آفيس، اسڪول
۽ اٽي جي چڪي) هن جي شاندار ماضي جا خاموش شاهد بڻيل آهن. اهي نشان صرف عمارتون ناهن،
پر هڪ دور جي واپار، تهذيب ۽ سماجي زندگيءَ جون جيئريون يادگرون آهن.
افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ هن اهم تاريخي ماڳ جي تحفظ لاءِ
حڪومت طرفان ڪو بہ سنجيدہ قدم نہ کنيو ويو آهي، ان جي ابتڙ، مقامي سطح تي زمينن تي
قبضا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جيڪي هن تاريخي ماڳ لاءِ هڪ نئون ۽ سنگين خطرو بڻجي چڪا
آهن. ڪڏهن هن بندر جي ايراضي تقريبن 5 ڪلوميٽرن تائين ڦهليل هئي، پر هاڻي اها گهٽجي
اڌ ايڪڙ بہ مشڪل سان بچي آهي. ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ سندو بندر سميت سنڌ جي ٻين تاريخي
ماڳن مڪانن، بندن، قديمي آثارن، تھذيبي حوالن جي وارثي ۽ مالڪي ڪري تن کي محفوظ ڪيو
وڃي، جيئن سنڌ جو ايندڙ نسل پنھنجي تاريخي، تھذيبي ورثي سان جُڙي سگهي.



