يونيورسٽين ۾ حراسمينٽ: نياڻين جي تعليم خطري ۾ ـ آڪاش ڪورائي

تعليم هر مهذب سماج جي ترقي جو بنيادي ستون آهي، ۽ نياڻين جي تعليم ڪنهن بہ قوم جي روشن مستقبل جي ضمانت هوندي آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ اڄ اسان جي معاشري ۾ اهڙا مسئلا جنم وٺي رهيا آهن، جيڪي نياڻين جي تعليم لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويا آهن. يونيورسٽيون، جيڪي علم ۽ شعور جا مرڪز سمجهيا وڃن ٿا، اتي ئي حراسمينٽ جا وڌندڙ واقعا سنجيدہ سوال اٿارين ٿا.

يونيورسٽين ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي نياڻين کي ذهني ۽ جذباتي اذيت جو شڪار بڻايو وڃي ٿو. اوباش شاگرد نياڻين کان زبردستي نمبر وٺڻ، سوشل ميڊيا تي رابطو ڪرڻ يا دوستي لاءِ دٻاءُ وجهڻ جهڙا عمل ڪن ٿا. اهڙي قسم جي رويي سان تعليمي ماحول خراب ٿي وڃي ٿو ۽ نياڻين ۾ خوف ۽ بيچيني پيدا ٿئي ٿي.

سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهہ اها آهي تہ ڪجهہ استاد بہ پنهنجي حيثيت جو غلط فائدو وٺندي، نياڻين کي پاس ڪرڻ يا وڌيڪ نمبر ڏيڻ جي لالچ ۾ حراسان ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن وڊيوز، ڪال رڪارڊنگ يا چيٽ جا اسڪرين شاٽ استعمال ڪري بليڪ ميل ڪرڻ جا واقعا بہ سامهون اچن ٿا، جيڪي انتهائي شرمناڪ آهن.

مختلف رپورٽن موجب، لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو نياڻيون يونيورسٽين ۾ حراسمينٽ جو شڪار ٿين ٿيون، جڏهن تہ 45 سيڪڙو نياڻيون اهڙين واقعن بابت رپورٽ داخل ئي نٿا ڪرائڻ ۽ حراسمينٽ سبب تعليم اڌ ۾ ڇڏڻ تي مجبور ٿين ٿيون. اهڙي صورتحال نہ صرف تعليمي نظام لاءِ نقصانڪار آهي، پر سڄي سماج لاءِ بہ خطرناڪ آهي.

والدين وڏي اميد سان پنهنجي نياڻين کي تعليم لاءِ يونيورسٽين ڏانهن موڪلين ٿا. پر جڏهن اهڙا واقعا سامهون اچن ٿا تہ سندن اعتماد لوڏي وڃي ٿو. ڪجهہ والدين تہ پنهنجي نياڻين کي وڌيڪ تعليم کان روڪي ڇڏين ٿا، جيڪو مسئلي جو حل ناهي، پر ان کي وڌيڪ وڌائي ٿو.

هاڻي وقت اچي ويو آهي تہ اسان هن مسئلي کي سنجيدگي سان وٺون. يونيورسٽين کي گهرجي تہ حراسمينٽ خلاف واضح ۽ سخت پاليسيون لاڳو ڪن، شڪايتن لاءِ فعال ڪميٽيون قائم ڪن ۽ هر شڪايت تي فوري ۽ شفاف ڪارروائي ڪن. ڏوهارين کي سخت سزا ڏئي مثال قائم ڪرڻ گهرجي تہ جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا روڪي سگهجن.

ان سان گڏ، نياڻين کي بہ همٿ ڏني وڃي تہ اهي اهڙين حالتن ۾ خاموش نہ رهن، پر پنهنجي حق لاءِ آواز اٿارين. والدين کي گهرجي تہ پنهنجي نياڻين تي ڀروسو ڪن ۽ هر قدم تي سندن ساٿ ڏين.

آخر ۾، جيڪڏهن اسان هڪ محفوظ ۽ ترقي يافتہ سماج چاهيون ٿا تہ اسان کي پنهنجين نياڻين لاءِ محفوظ تعليمي ماحول فراهم ڪرڻو پوندو. ڇو تہ جڏهن نياڻيون محفوظ هونديون، تڏهن ئي تعليم ۽ ترقي جو سفر جاري رهي سگهندو.


Previous Post Next Post