وڌندڙ روڊ حادثا، ذميوار ڪير؟ ـ ظفر ٻگهيو

سنڌ ڌرتيءَ کي اهو اعزاز حاصل آهي تہ ان رڳو ان وٽ زرخير زمين، ڪوئلو، تيل، گئس، ۽ ٻيا معدني وسيلا آهن، پر سنڌ وٽ اچ وڃ جا رستا پڻ موجود آهن، جتان نہ رڳو سونهاري سنڌ پر پنجاب، خيبرپختونخواهہ، بلوچستان، چين، ايران، افغانستان ۽ ٻين ملڪن جي گذر جا رستا پڻ سنڌ مان وڃڻ ٿا، پر افسوس جو سنڌ سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي، ٻيو تہ ٺهيو پر روڊن تان گذرندڙ گاڏين خلاف ڪابہ ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، جنهن ڪري گاڏين جا ڊرائيور تيز رفتاري سان گاڏيون هلائين ٿا، جنهن ڪري روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، جنهن ۾ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿين ٿيون، اهڙو واقعو قاضي احمد لڳ نيشنل ھاءِ وي تي آمري ڪٽ وٽ ڪراچي کان پنجاب ويندڙ تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻہ ڄڻا چيڀاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويا، فوتين جا لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتي شناختي ڪارڊن مان فوتين جي سڃاڻپ ڪونڀو ولد ڏيوشي ۽ سرون داس ولد نهالو ڪولهي ويٺل ننگرپارڪر ٿي آهي، جڏھن تہ ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، پوليس ٽرالر کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. قاضي احمد ۾ قومي شاهراهہ روڊ تي پيش آيل حادثي ۾ 2 قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون، جنهن ڪري 2 گهر اجڙي ويا، فوتين جا وارث، ٻارڙا ۽ مائرون روئي رهيون آهن، ۽ 2 خاندانن تي قيامت ٽٽي پئي آهي. افسوس جي ڳالهہ اها آهي تہ 30 کان 40 ڪلو ميٽرن تي ٽول ٽيڪس جا لکين روپيا اوڳاڙي پيا وڃن، روڊ زبون حالي جو شڪار آهن، گاڏيون تيز هلايون وڃن ٿيون، جنهن ڪري اهڙا حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. سوال اهو آهي تہ آخر هن موت جي ڊوڙ کي روڪڻ وارو ڪير آھي؟

روڊن تي ڊوڙندڙ ڪيترين اي سي ڪوچن، ٽرڪن، ٽرالرن جا ڊرائيور پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا. سندن رفتار ڏسي لڳي ٿو، ڄڻ هو مسافر يا مال بردار نہ پر پنهنجي طاقت ۽ مستي ۽ مڳي جو مظاهرو ڪري رهيا هجن. هارن، بريڪن ۽ ماڻهن جي دانهن ۽ ڪوڪن کي بہ نظرانداز ڪري گاڏيون اڳتي وڌائيندا وڃن ٿا، ڄڻ روڊ سندن ذاتي ملڪيت هجي. ڪجهہ وقت اڳ جو هڪ اکين ڏٺو واقعو بہ ان لاپرواهي جو زندهہ مثال آهي. اڱاري جي ڏينهن مورو ۾ دڙو ڳوٺ وٽ پڙي لڳل هئي، روڊ تي ماڻهن جي رش هئي. ان دوران ڪراچي کان ايندڙ هڪ اي سي ڪوچ تيز رفتاري سان اچي رهي هئي، جڏهن تہ سامهون هڪ زال مڙس موٽر سائيڪل تي ويٺل هئا. ماڻهن بار بار آواز ڏئي ڊرائيور کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو کلندو، لاپرواهي سان گاڏي اڳتي وڌائيندو رهيو. خوش قسمتي سان موٽر سائيڪل تي سوار خاندان وقت سر گاڏي تڪڙي فوٽ پاٿ روڊ کان هيٺ لهي ويا نہ تہ ان ڏينهن بہ شايد ڪنهن گهر ۾ ماتم هجي ها. اصل سوال رڳو ڊرائيورن جو ناهي، سوال انهن ادارن جو بہ آهي، جيڪي قانون لاڳو ڪرائڻ جا ذميوار آهن. جيڪڏهن روڊن تي رفتار جي حدن تي عمل ڪرائڻ لاءِ سخت نگراني هجي ها، جيڪڏهن لاپرواه ڊرائيورن کي سزا ملي ها، تہ شايد اڄ 2  جانيون جدا نہ ٿين ها. بدقسمتي سان اسان وٽ هر حادثي کان پوءِ رڳو افسوس جا لفظ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، ڪجھہ ڏينهن گوڙ مچي ٿو، پوءِ سڀ ڪجهہ وري ساڳيو ٿي وڃي ٿو. روڊن تي وري ساڳي تيز رفتاري، ساڳي لاپرواهي ۽ ساڳيو موت جو ناچ جاري رهي ٿو. اسان سمجھون ٿا تہ جيستائين قانون جي گرفت مضبوط نہ ٿيندي، جيستائين لاپرواه ڊرائيورن کي مثال بڻائي سزا نہ ڏني ويندي، تيستائين هي روڊ ماڻهن ۽ مسافرن لاءِ محفوظ نہ هوندا، نہ تہ هر ڪجهہ ڏينهن کان پوءِ ڪنهن نہ ڪنهن روڊ تي وري ساڳي خبر ٻڌڻ ۾ ايندي: حادثو ٿيو… ۽ ڪجهہ  قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون.“


Previous Post Next Post