آخرڪار پاڪستان ايران ۽ اسرائيل-آمريڪا وچ ۾ سنگين نوعيت جي هلندڙ ڇڪتاڻ روڪرائڻ لاءِ ڌرين ۾ ثالثي وارو ڪردار بخوبي نڀائيندي ايران ۽ آمريڪا کي ڳالهين جي ميز تي آڻي ٻن هفتن لاءِ جنگبندي ڪرائڻ سان گڏوگڏ آبنائي هرمز جو لنگھ کولرائي با آساني مختلف ملڪن جي جهازن جو گذر روان دوان ڪرائي دنيا کي حيران ڪندي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آھن، پاڪستان جي اهڙي ٽياڪڙي واري عمل جي واکاڻ دنيا جا مختلف ملڪ وڏي واڪي ڪري رهيا آھن، پاڪستان جي وزيراعظم محمد شھباز شريف جو ٽوئيٽ ڪيل پيغام دنيا جي پوري پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرڪ ميڊيا سان گڏوگڏ پوري سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل رهيو آھي۔
آرمي چيف فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير ۽ وزيراعظم محمد شھباز شريف وچ اوڀر ڇڪتاڻ جي روڪٿام لاءِ جهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي، يقينن اهو ساراھ جوڳو عمل آهي ۽ ان جو اعتراف پوري دنيا جي اڳواڻن ۽ اختيارين سميت دوست ملڪ توڙي دشمن بہ ڪري رهيا آھن. دنيا لاءِ وڏي کان وڏو مسئلو بڻيل آبنائي هرمز جيڪو مسلسل جنگ دوران بند هجڻ سبب عالمي منڊي ۾ تيل ۽ تيل واري شين جون رقمون جنھن تيزي سان وڌي رهيون هيون ان ۾ هاڻ ڪجھ ٺاپر ضرور ايندي، عالمي منڊي ۾ مهانگائي جي شرح وڌڻ سبب دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ مهانگائي جي شرح بہ تيزي سان وڌڻ لڳي ھئي ۽ ان صورتحال سبب عالمي سطح سان گڏوگڏ ملڪي سطحن تي بہ مسلسل وڏي بيچيني ۽ پريشاني پکڙيل رهي آھي، جنگ دوران ڌرين جو تہ جاني توڙي مالي تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو هو پر ان جنگ سبب وڌندڙ مهانگائي جو بار سڌي يا اڻ سڌي طرح خطي جي عوام تي پئجي رهيو هو. مخصوص وقت لاءِ ڌرين ۾ جنگبندي ۽ آبنائي هرمز جو رستو بحال ٿيڻ سان ڪجھ حالات بهتري طرف تہ ضرور ويندا پر ان مسئلي جو حل عارضي جنگبندي نہ بلڪہ هميشہ لاءِ ان جو ڪو حل ڪڍي ڪو لائحہ عمل جوڙي ايران ۽ آمريڪا کي ٽيبل ٽاڪ ذريعي پنھنجا مسئلا حل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.
ايران خلاف جنگ جي شروعات اسرائيل ۽ آمريڪا ڪندي پوري دنيا لاءِ پريشاني جو باعث بڻجي ايران خلاف بي سبب جنگ جو آغاز ڪري پوري دنيا جو امن ۽ سلامتي خطري ۾ وجھي عالمي امن ۽ سلامتي جي ساک کي وڏو ڇيهو رسايو آهي. پوري عالم کي اها ڳالھ بہ تسليم ڪرڻي پوندي تہ ايران بہ پنهنجي عظيم سپريم ليڊر ۽ اهم اڳواڻن جي شھادتن باوجود پنهنجي جانين جي نذراني ڏيڻ کان نہ ڪيٻائيندي ديده دلير بڻجي وڏي جوش ۽ ولولي سان دشمنن سان ڀرپور مهاڏو اٽڪائيندي آخرڪار پاڻ کي سپر پاور سمجهندڙ آمريڪا کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪندي جنگبندي واري فيصلي تي آڻي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو تہ آمريڪا ايران جهڙي بهادر ۽ غيور قوم سان جنگ جوٽي هڪ وڏي احمقاڻي غلطي ڪئي آھي، مٿان وري آمريڪي عوام پڻ ايران خلاف اسرائيل-آمريڪا جي جارحيت کي رد ڪندي روڊن رستن تي نڪري نو ڪنگز تحريڪ ۽ مسلسل دنيا آڏو تنقيد جو نشانو بڻجڻ ٽرمپ لاءِ تمام گهڻي مشڪلات پيدا ڪري ڇڏي هئي، ان ڪري ٽرمپ وٽ پاڻ بچائڻ لاءِ فلحال جنگبندي ۽ ٽيبل ٽاڪ ذريعي جنگ جي مڪمل خاتمي کانسواءِ ڪو گس ڪونھي رهيو هو.
پاڪستان جو ٽياڪڙي وارو عمل يقينن پوري دنيا لاءِ خوشي جو سبب بڻيو آھي، جو ان عارضي جنگبندي ۽ مستقبل ۾ ڳالهين جي ڪامياب ٿيڻ سان پوري دنيا جو امن ۽ سلامتي واپس بحال ٿيندي ۽ تمام گهڻي ڪشيدگي سبب پيدا ٿيندڙ سنگين حالات بهتري طرف وڃڻ شروع ٿيندا ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي سالميت برقرار رهندي. عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن عيوض آمريڪا ۽ ايران عارضي جنگبندي لاءِ اتفاق تہ ڪري ورتو آھي پر ان جنگ جو حل عارضي نہ پر مستقل حل ٿيڻ تمام گهڻو ضروري آھي، ٻي صورت ۾ ان ڇڪتاڻ سبب وڏي تباھي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي تمام گهڻي خطري پئجي ويندي. ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ شروع ٿيندڙ ڳالهين جو ڪامياب ٿيڻ ئي پوري عالم لاءِ سٺو سنوڻ ثابت ٿيندو ۽ ان جو سهرو يقينن پاڪستان ڏانهن ئي ويندو، جنهن امن جو علمبردار بڻجي وزيراعظم ۽ آرمي چيف تمام ڪاوشن سان هڪ وڏي عالمي جنگ روڪرائڻ لاءِ سفارتي ڪردار ادا ڪندي امن ڪوششون وٺي عالمي استحڪام ڏانهن قدم وڌائڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي پاڪستان جو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪري ڇڏيو آھي۔

