حمل فقير جي بيتن جو فني ۽ فڪري اڀياس ـ خالد 'ساحل' ڪيريو

ادب جي دنيا ۾ شاعري هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو انسان جي سڀ کان عظيم ”تخليق“ تصور ڪيو وڃي ٿو. شاعري رڳو لفظن جي سٽاءُ جو نالو ناهي، پر شاعري دل جو آواز آهي، سجاڳي جو پيغام آهي، پنهنجي دل جي آواز کي سماجي حالتن کي اظهارڻ ۽ انهن کي لفظن جي مالا ۾ پروڙڻ جو ٻيو نالو ”شاعري“ آهي. شاعر معاشري جو حساس ذهن رکندڙ ڪردار هجي ٿو، تنهنڪري فطرتي طور هو سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهہ ۽ تضادن تي گهرائي سان سوچي ٿو ۽ سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻائي ٿو. شاعر قومن جا سفير هجن ٿا جيڪي پنهنجي قومن جي بقا جي جنگ وڙهن ٿا، پنهنجي تاريخي ورثن ۽ تهذيبن مورچن کي بچائڻ ۾ هڪ شاعر پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي آسودگيون ڏسڻ چاهيندو آهي. شاعر انهن آسودگين جا خواب اڻندا آهن.

شاعري جي تاريخ ته تمام گهڻي پراڻي آهي. سنڌ ۾ شاعري شروع کان پنهنجي سماج جي حالتن جي ترجمان رهي آهي. هڪ شاعر کي پنهنجي ديس جا ڏک، سک، موسمن جا رنگ، نظارا، زندگي ۽ موت جا مامرا، محبت، نفرت، زمين ۽ آسمان جا سڀ موضوع ضرور ڳائڻ گهرجن پر شاعريءَ جي تخليقي پيرايي ۾.

شيڪسپيئر چئي ٿو تہ: ”ڪوبه شاعر ڪڏهن به زور مس سان قلم کڻي تيستائين ڪجهه به لکي نٿو سگهي، جيستائين سندس دل محبت جي ٿڌا ساهه کڻڻ واري مس سان ملي نرم نه ٿي آهي.“

شيخ اياز چيو تہ: ؟اي شاعري! مون اکين جي ساري ننڊ توکي ڏني. مون کان ٻيو ڇا ٿي گهرين؟ يا اي خدا! مون ته فقط شاعري ڪئي آهي. ماڻهن مون کي پيغمبرن واري سزا ڇو ڏني آهي؟

ڇا مون شاعري پنهنجيءَ محنت سان حاصل ڪئي آهي يا خدا کان زڪوات ۾ وتي آهي؟“

شاعريءَ بابت مائيڪ آندري لکي ٿو تہ: ”شاعري درد ۽ پيڙا جي پيٽ ڄائي آهي، هر اهو شخص جيڪو ڀوڳي ٿو ۽ درد سهي ٿو سو شاعر آهي. هن جو هر هڪ لڙڪ هڪ شعر ۽ هر دک هڪ نظم آهي.“

افلاطون جي راءِ آھي تہ ”ھر اهو ماڻهو شاعر ٿي پوندو آهي، جنهن کي عشق جي چوٽ لڳندي آهي.“ ۽ مظھر لغاري لکي ٿو تہ ”شاعري دل جي مزوري آهي جنهن جو ڪوبه اجورو ڪونهي.“

سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنفن مان بيت تمام قديم، نج ۽ انتھائي نرمل صنف آھي. ھن صنف ٺيٺ سنڌي سماج جي زندگيءَ مان جنم ورتو آھي. ان ڪري ھن صنف ۾ سنڌ جي قديم تاريخ، تھذيب ۽ تمدن جا چٽا عڪس پسي سگهجن ٿا. بيت جي ھيئت، مزاج، موسيقيت ۽ آهنگ بہ رسيلو آھي. بيت جنھن جو جمع ابيات آھي، سو دراصل عربي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي معنيَ آهي 'گھر'. گھر جي ٻن تاڪن جيان بيت جا ٻہ تاڪ مصرع آھن. پھرين مصرع اولي ۽ ٻي مصرع ثاني سڏبي آھي." (1)

ھندي ۽ سنڌي شاعريءَ جي 'ماترڪ قانون' موجب عام طور تي بيت (يارنھن - تيرنھن) ۽ (تيرنھن - يارنھن) ماترائن تي لکيو وڃي ٿو. بيت جا ٽي ڇند مرج ۽ مقبول آھن، جنھن ۾ سورٺو ڇند، دوھو ڇند ۽ سنيھو ڇند شامل آھن.

سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ قاضي قاضن، شاھ ڪريم، خواجه محمد زمان، ميون شاھ عنايت، شاھ لطيف، سچل سرمست توڙي حمل فقير لغاري سميت ڪيترن ئي ڪلاسيڪي شاعرن بيت جي انھن صنفن ۾ پنھنجي خيالن ۽ احساسن کي انڊلٺي رنگ ڏنا آھن. بيت جو فني سٽاءُ، لئہ مخصوص لھجو ۽ محدود قالب ھوندو آھي پر ان جو موضوع لا محدود ھوندو آھي. اسين جڏھن حمل فقير جي شاعريءَ جو مطالعو ڪيون ٿا تہ ھڪ اندازي موجب حمل فقير جا 165 بيت ملن ٿا. جن مان سندس ستن سرن ۾ ٽن سٽن وارا 12 بيت، چئن سٽن وارا 36 بيت، پنجن سٽن وارا  15 بيت، ڇھن سٽن وارا 6 بيت، ستن سٽن وارا 5 بيت ۽ يارنھن سٽن وارو ھڪ بيت آھي.

حمل فقير جي ڪلاسيڪل صنفن خاص ڪري بيت، سورٺي، سنيھي ۾ ھيئت، موضوع، فڪر، لطافت، رنگيني، احساس ۽ فني لحاظ کان تجربا به ملن ٿا، جن جو ذڪر ھيٺ ڏجي ٿو.

حمل فقير جا بيت: 

حمل فقير لغاري سنڌي شاعريءَ جي ٽالپرن جي پڇاڙيءَ ۽ انگريزن جي اولائي واري دور جو شاعر آھي. ھي عوامي ۽ سگھڙ شاعر آھي جنھن سگھڙ پائيءَ جي فن کي شاعريءَ جي فن سان ملائي ان ۾ وسعت آندي آهي. ھن شاعريءَ ۾ تازگي ۽ دلڪشي جو رنگ ڀري شاعريءَ ۾ نواڻ آندي آهي.

ھن شاعريءَ ۾ ھر موضوع تي لکيو آهي. ھن جي عبارت ۽ انداز بيان نيارو ۽ خوبصورت آهي. حمل فقير جي شاعري  ڪلاسيڪيت ۽ رومانويت جو سھڻو سنگم آھي، جنھن ۾ سنڌ جا انيڪ رنگ، منظر ۽ لقاء آھن. ھن سنڌي ۽ سرائيڪي زبانن ۾ شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن جهڙوڪ مدحون، معجزا، مناقب، مثنوي، سہ حرفيون، بيت، ڪافيون، غزل، ڏھسناما، معما وغيره تي لکيو آهي.

ڪليات حمل ۾ سرائيڪي شاعر ترنم، موسيقي، لئي، رواني، لفظن جي چونڊ ۽ فطري رنگن سان سرشار آھي، جنھن ۾ انسان جي داخلي توڙي خارجي جذبن، تجربن ۽ حادثن جو اظھار آھي. حمل جي ڪلام ۾ مرشدن جي ثنا خواني، نصيحت جا نقطا، مجاز ۽ حقيقت، عشق جا لاھا چاڙھا ۽ محبوب جا مختلف لقاء بہ آھن. نہ صرف اھيو پر ھن جي ڪلام ۾ تشبيهن، ترڪيبن، قافين، پيشڪش جو دلفريب انداز ۽ لفظن جي چونڊ فنڪاراڻي نموني پيش ڪيل آھي. ھن جي بيتن جا انيڪ موضوع سادي ۽ سلوڻي انداز سان اظھاريل آھن، جنھن ۾ ھن گھرائي ۽ فڪر  سان وسعت پيدا ڪئي آھي. حمل فقير جي بيتن ۾  ڪلاسيڪي رنگ ۾ واقعات نگاري، جذبات نگاري ۽ ناصحانہ انداز بہ آھي. ھو عام انسانن کي سماجي زندگيءَ ۾ انسانيت جو درس ڏئي ٿو. ھن بيتن کي ڊگھو ڪري ان کي ڪاريگريءَ سان پنھنجو پيغام سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. بيت جي صنف کي ھن نرم ۽ نازڪ لفظ، موسيقي ۽ ھڪ نرالو تصورن جو جھان ڏنو آھي. فني لحاظ کان حمل فقير جا بيت مضبوط آھن. سندس مسلسل بيتن ۾ رس چس، رچاء، فڪر ۽ نصيحت جا نڪتا پڻ آھن.

ھئہ ھئہ! ھئہ ھئہ! ھاءِ! جو محبت وئي ملڪ مؤن،

جتي قرب ڪمال ھو، تتي لاء نہ ساءُ،

'حمل' چئي ھن ڳالھ جو، ڪونھي سڌ سماءُ،

ڪو جو وريو واءُ، ماڻھو سڀ مٽجي ويا.

حمل فقير جي بيتن ۾ موضوعاتي گوناگونيت بہ آھي، جنھن ۾ مجازي عشق جو رنگ، اخلاقي ۽ ناصحانہ رنگ موزون نموني سان ھن طرح ڏنو آھي.

مون کي ماءُ مجاز، ڇني تان ڇيتيون ڪيو،

آيل ڪم نہ اڄھي، نڪا نفل نماز،

حمل! حبيبن جي، رمز ڇپايم راز،

الستي آواز، منھنجو چت چريو ڪيو.

حمل فقير بيت جي صنف ۾ طنز، مزاح ۽ ظرافت کي شامل ڪري سماج ۾ ڪڌن عملن ڪندڙن کي وائکو ڪيو آهي. ھن جا مزاح سان ڀريل بيت ھڪ پاسي کلائين بہ ٿا تہ ٻئي پاسي حقيقت ۽ سچائيءَ کان آگاھ بہ ڪن ٿا.

حمل بيت جھڙي بنيادي صنف ۾ تصوف، مجاز، عشق لوڪ داستانن ۽ ناصحانہ نقطن جي پرچار ڪرڻ سان گڏ سماجي شعور، ڌرتيءَ جي درد جي دانھن ۽ لوڪ جي عام مسئلن کي شامل ڪري نہ رڳو موضوعاتي وسعت پيدا ڪئي آھي پر اخلاقي قدرن جي اُپٽار سان گڏ معاشرتي حالتن جي ترجماني بہ ڪئي آھي.

زلف ڏنگا ابرو ڏنگا، گفتار ڏنگي، رفتار ڏنگي،

جنھن جاءِ ھوندا ھي چار ڏنگا، لاچار ھوندي ھر ڪار ڏنگي.

ڪيئن اچي تنھن جاءِ جميعت، شھر سڄو پر شور شرر،

جت يار ڏنگو، اغيار ڏنگو، دھدار ڏنگو، بازار ڏنگي،

ڪير ڪنھن جو فرياد سڻي، ۽ ڪير ڪنھن جو ڪو داد ڪري،

جت سوار ڏنگو، سالار ڏنگو، دستار ڏنگي، تلوار ڏنگي.

ڪيئن اچي ڪم راس تنھين جاءِ، سمجھ سخن ڪر ھوش 'حمل'،

ڪوٽار ڏنگو، ڪمدار ڏنگو، مختيار ڏنگو سرڪار ڏنگي.

اسين جڏھن حمل فقير جي بيتن کي ڏسون ٿا تہ اھو لوڪ ۽ ڪلاسيڪي روايتن جي رنگن جو حسين سنگم نظر اچي ٿو. ھن بيت ۾ فڪري ۽ ڪيفيتي نواڻ، لفظي ڪوملتا، احساساتي رنگيني، فني سونھن، فڪري گھرائي ۽ رومانوي حسناڪيون ڏنيون آھن.

ڳالھيون اٿم ڪي، توسان دلبر دل جون،

چوان چئي نہ سگھان، ساجن منھن تي سي،

ڏسي حال حمل جو، ڪو دوست دلاسو ڏي،

نہ تہ ھاڻي، ھي اڳتي ويندء محب مري ڪري.

يا

ڪانگل چئج قريب کي، نيئي نياپا،

چئجان چڱيان ڪري، ڏيئي ڏوراپا،

سٽيم تو ساجن لئي، سڱ ۽ سياپا،

جيءَ جا جياپا، ھيڪر آءٌ حمل چئي.

يا

ڪانگل چئج قريب کي ساري سنيھو،

ڏيان نياپا نياز سان، ڪانگل ٻيو ڪيھو،

ڏيئي حال حمل جو جانب ريء جيھو،

نہ پيئي نيھو، ڏج سنيھو سڄڻين.

'ڪليات حمل' ۾ انوکيون ترڪيبون ۽ تشبيهون حمل فقير جھڙو تخليقڪار ئي تخليق ڪري سگھي ٿو. ھو لفظن جي گھڙت ۽ استعمال ڪرڻ جو بہ ڄاڻو آھي. ھن جي ٻولي عام ۽ عوامي آھي، جيڪا ٻڌندڙ تي جلد اثر ڇڏي ٿي. ھن جي تصورن ۾ اھڙو ڪوبہ دقيق پڻو نہ آھي جنھن سان قاري ان جي ڳوڙھائي ۽ دانشمندي سمجھي نہ سگھي. ھن لوڪ انداز ۾ احساسن ۽ جذبن کي فني قدرت سان خوبصورت نموني ھن طرح پيش ڪيو آهي.

حمل چئي ھن ڳالھ جو، ويھي ڪيم ويچار،

تہ دل لڳي دوستيءَ جو ڇا ملھ آھي مقدار؟

تان اندر مان عقل چيو، نڪتو ھي نروار،

جي وڃي لڳي تہ لک ھزار، ٽٽي تہ ٽڪو ئي نہ لھي.

حمل جي بيتن ۾ مزاحمتي تصور، انساني جذبا، ڪيفيتون ۽ قومي فڪر بہ آھي. ھو سسئي ۽ مارئي جي واتان بہ پنھنجي ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن سان ٺاھ نہ ڪرڻ، وقت جي ظالم جابر قوتن سان بغاوت ڪرڻ، قيد ڪاٽڻ، وطن سان محبت جھڙن احساسن جا تصور ھن طرح بيان ڪري ٿو.

آڏا ڏونگر ڏاکڙا، بيحد برباري،

بگھڙ، باندر، ڀولڙا، چؤڪس چوڌاري،

وندر ۾ واڪا ڪري، ور لئہ ويچاري،

تنھن ضعيف جي زاري، ٻڌي ھوت حمل چئي.

يا

حب حمل وطن جي، اندر روح رھي،

ساکي رب صحي، دليون ويڙ نہ وسري.

يا

عمر اباڻي پار ڏي، لاک رتيون لويون،

ستي ويٺي ساريان، لاکيون جي لويون،

سڀيئي پيارن پاڻ ۾، لوڻ لسي لويون،

لويون، ھاڻي ھت حمل چئي.

حمل فقير جي بيتن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ ھن وٽ بيت ۾ روايتي رنگ ۽ رواجي موضوع آھن، جن ۾ ھن زندگيءَ جي احساسن ۽ معاشري جي مسئلن ۽ سماجي روين کي نروار ڪيو آهي. ھن بيتن ۾ ڪلاسيڪي انداز ۾ اساسي ڪردارن ۽ ڪٿائن تي پڻ پنھنجي منفرد انداز سان 'سر' سرجيا آھن. ڪليات حمل ۾ ھن مختلف سرن جھڙوڪ سر سھڻي، سر مارئي، سر سسئي، سر مومل، سر سارنگ، سر ڪانگل ۽ سر بردو جي قصن ۽ داستانن کي دھرائي سنڌي شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪي رنگ ڀريا آھن. ھن سرائيڪي شاعري جي ھڪ صنف ٻٽن ڏوھيڙن واري صنف کي رائج ڪيو. ھن چئن ھم قافين وارن مصراعن واري بيت جو سرائيڪي شاعري ۾ بہ استعمال ڪيو آھي، جنھن۾ فطري تشبيهن، استعارن، محاورن، اھڃاڻن، صنعت تجنيس ۽ تز قافين جو سھڻو استعمال ڪيو آهي.

ٻانڀڻ عشق ٻروچ جي، باھ وڌي ڀرڙي،

پاڻ سڀ پٽي وڌا پٻ کڙيون کرڙي،

رائي تپي روہ جي، پير وڌس پرڙي،

سيني ڀر سرڙي، 'حمل'! وڃي پئي ھوت ڏي.

يا

آڏا ڏونگر ڏاکڙا، ڇپون ۽ ڇوڏا،

اڃ سڃ سخت سمير جي، ٻيو لڪن جا لوڏا،

گورن سندي گس تي، گٺائين گوڏا،

اتي سڏ اوڏا، ٻڌس ھوت حمل چئي.

سر سارنگ جي ھن بيت ۾ تجنيس حرفي جو سھڻو استعمال ھن طرح آھي.

هند ٿي منڊل وڄيا، آڙنگ ڪيو اَسمان،

وري ويس وسڻ جا، سارنگ ڪيا سامان،

آيو اُتر پار ڏونھ، ڳوڙ ڪري گهمسن،

هو جي ورهين جا ويران، سي مولا ملڪ وسايا.

تاج جويو پنھنجي ڪتاب ”باھيون بيراڳين جون“ ۾ لکي ٿو تہ: ”حمل فقير جي شاعريءَ جي فني خوبي آھي اھڃاڻن جو استعمال. حمل فقير روايتي اھڃاڻن کي ورجائي سنڌي شاعريءَ ۾ نواڻ آندي آهي. ائين لڳي ٿو ڄڻ حمل فقير جي انھن اھڃاڻن جديد سنڌي شاعريءَ کي اھڃاڻ ڪاريءَ طرف متوجه ڪيو آهي.“ (2)

حمل فقير جي بيتن ۾ اھڃاڻ ڪاريءَ جو رنگ ھن طرح ملي ٿو تہ:

پائيندڙ کي پاء يڪون ڏهاڙي ڀرسان،

ڇوڙ ٻڌين ڪين ڪي، نينھن جوڌوء، ڌڪاء،

توکي ننڊن نھوڙيو، غفلت گيرب گاء.

حمل فقير سير سفر جو بہ شوق رکندڙ ھو. ھن سنڌ جي مختلف علائقن جو بہ سير ڪري اتان جي لوڪ رس ۽ رنگ کي پنھنجي شاعراڻي آرٽ سان چٽيو آھي. ھيٺين بيتن ۾ ھن نج ٻھراڙيءَ جو ماحول، منظر ۽ رومانس جا عڪس ڏنا آھن جن ۾ احساساتي تاثر ۽ فطري حسن آھي.

ياراني يارن مان، ويئي ڙي ويئي،

گڏيل ھئي گمان ۾، سا پڌر ٿي پيئي،

ڪوڙي لوت لباس جي لائن ٿا ليئي،

ڪم پئي، ڪاغذ جان، اکڙي اڳيئي،

محبت لڏي ملڪ مان، ڏک ويئي ڏيئي،

دوست ڦري دشمن ٿيا، جانب ھا جيئي،

سڄڻ مٺا ساھ کان، سامھان ٿيا سيئي،

سڪ صحبت ساء مٺو، ٽڙي ويا ٽيئي،

حمل ھيءَ نيئي، ڪنھن کي سور سڻايان.

حمل فقير جي بيتن ۾ اشارن، ڪناين، تشبيهن، تلميحن ترڪيبن ۽ ٻين صنعتن ۾ جمالياتي حسن، لفظي سر ساز، موسيقي ۽ آلاپ آھي.

سرتيون سڀيئي، وچون واٽ وري ويون،

حمل ھلي ھيڪلي، سسئي سر ڏيئي،

کڻي پير پنھل جو، پٺي تن پيئي،

وڃڻ کي ويئي، موٽي موٽي ڪين ڪي.

مجموعي طرح حمل فقير جي بيتن ۾ ساراھ، واقعاتي ترجماني، مجازي عشق، ڌرتيءَ سان الفت، ھمت، داخلي توڙي خارجي درد، جدوجھد، جاکوڙ، طنز ، مزاح، ظرافت، رومانوي ۽ جمالياتي تصور، سياسي، سماجي، معاشرتي حالتن جي عڪاسي، ريتون رسمون، عام انساني ڪيفيتون ۽ ٻي انيڪ  موضوعاتي گوناگونيت ملي ٿي. فني ڪاريگريءَ جي لحاظ کان ھن جا بيت مضبوط ۽ تز قافين، ٻوليءَ جي رس چس، سواد، قدرتي ترنم، پيشڪش، موسيقي، تجنيس حرفي، تشبيهن، ترڪيبن، اھڃاڻن، تمثيلن، مشاھدي جي قوت، موزون لفظن جي چونڊ، تقليد ۽ ٻيو ڪيترو ئي فني جھان ملي ٿو. حمل جي بيتن جو فلسفو مقصد ۽ مفھوم جي حوالي سان گھرو ۽ آفاقي آھي.

حوالا:

1.عباسي ظفر، سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2007ع، ص 113

2.عباسي ظفر، سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2007ع، ص

3.جويو تاج ”باھيون بيراڳين جون“ ص 57



Previous Post Next Post