ننڊ جا نيڻ ـ راجا ساگر

اسان جي زندگيءَ ۾ هر ڏينھن هڪ اهڙو لمحو ايندو آھي، جڏهن دنيا جو شور گهٽجي ڌيمو ٿي ويندو آهي ۽ جسم خاموشي اختيار ڪري وٺندو آھي، پر تڏهن بہ اسان جو دماغ پنهنجو سڀ کان وڌيڪ باھمت ايڊوينچر شروع ڪري ڇڏيندو آهي. اِھا حالت؛ جنهن کي ننڊ سڏيو وڃي ٿو، سا سوچ ۽ سمجھ کان وانجھيل نہ ھوندي آهي، پر اھا تہ ذھن جي حقيقي اندروني مرڪز جي آزاد ٿيڻ جي حالت آهي. اِها وجود جي سڪون ڀريو ساھ کڻڻ واري گھڙِي، ايئن آھي، جيئن اسان جو وجود ڪشش ثقل کان آزاد ٿيو ھجي. ۽ پنھنجي حواسن جي سرحدن کي ٽوڙي مروڙي ڪٿي ڏور هڪ سفر شروع ڪرڻ لاءِ تيار ھجي.

انھيءَ خاموش سفر ۾، شعور پئمائشن جي ظلم ۽ ستم کان آزاد ٿي ويندو آهي. ان لمحي گھڙيال ٽڪ ٽڪ ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندو آھي، ۽ عڪسَ پگھرجي پوندا آھن. اسين اھڙن بيشمار، تارن سان ڀريل وڇوٽين کي پار ڪندا ھلون ٿا ۽ لازوال مڪانن جو دورو ڪريون ٿا، جيڪي انساني تصور جي خلاف ورزي ڪن ٿيون. ڪائناتون اھڙيون جن جي ڪا بہ شروعات ۽ ڪا بہ اڳڪٿيءَ لائق آخري حد ناهي. خود جو جوهر، گوشت ۽ هڏن جي قيد کان آزاد بڻجي، هڪ ابدي حقيقت کي ڇُھندو آهي. اُتي، جتي ڪو بہ 'اڳُ' ۽ ڪا بہ 'پُٺ' ناهي، ۽ جتي هر ھنڌ ساڳي ئي وقت سڀ منزلون موجود آهن، اھڙي لامڪان ۾ روحُ پنهنجي مڪمل آزادي تلاش ڪري وٺي ٿو؛ خلائي وقت جي پابندين کان هڪ عميق ۽ مسلسل آزادي.

هي تخيّـل جي خالي اڏام ناهي. اِهو سفر وجود جي سرچشمي ۾ هڪ ڳولا مِثل آهي. هڪ زيارت آھي، جيڪا ڏاھپ جا اڪيچار موتي ميڙڻ لاءِ ڪئي وڃي آهي. ۽ جڏهن اکيون آخرڪار صبح جي روشنيءَ تي پنھنجا دوارَ کولينديون آهن، تہ اُهي خالي هٿ نہ موٽنديون آهن، بلڪ انھيءَ مسافريءَ جو تجربو پاڻ سان گڏ ڳُوڙھي بصيرت، ادراڪ ۽ هڪ طاقتور، خام توانائي واپس آڻيندو آهي ۽ آڻيندو آھي پاڻ سان گڏ تخليق جي سنگيت کي ترتيب ڏيڻ لاءِ گهربل آواز.

هِن اُونھي، وجودي جستجوءَ دوران حاصل ڪيل قوتَ اهڙي آهي جيڪا واقعي ئي ٻاهرين دنيا کي روشن ڪري ٿي. خاموشي جي سيني ۾ حاصل ڪيل وضاحتون اهي آھن جيڪي اسان کي ڏينھن جي گوڙ گهمسان کي وڌيڪ عقل، فھم ۽ حَسين نموني سان منهن ڏيڻ جي قابل بڻائن ٿيون. تنھنڪري، اسان جي آرام جا سڀ کان گھرا لمحا زندگيءَ مان ڪو وقفو نہ آهن؛ اهي ھڪڙا اھڙا بي انتھا ضروري ذريعا آهن، جتان جاڳندڙ دنيا ۾ حقيقي چمڪ ۽ خوشيءَ جا آبشار وهندا آهن. اسين دراصل، اسان جي پنھنجي شاندار ننڊ ۾، شعور جي عميق ساگر مان حاصل ڪيل 'قسمت' آهيون.

اسين جاڳ جا ڀاڳ آھيون پرين!

اسين ننـڊ جا نيڻ آھيون پرين!“

نوٽ: شيخ اياز جي آزاد نظم تان ورتل خيالَ.


Previous Post Next Post