زندگيءَ جو روح: احساس ۽ زنده دلي ـ حڪيم پريم چاندواڻي


زندگي رڳو ساه کڻڻ، کائڻ پيئڻ يا وقت گذارڻ جو نالو ناهي. جيڪڏهن حياتيءَ کي صرف مادي ضرورتن تائين محدود ڪيو وڃي تہ پوءِ انسان ۽ بيجان پٿر ۾ ڪو فرق نہ رهندو. حقيقت اها آهي تہ زندگي هڪ اهڙي وهڪري جو نالو آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن زنده دلي ۽ احساس شامل ناهي، تہ اها زندگي بي معنيٰ آهي.

احساس: انسانيت جو بنياد:

انسان کي اشرف المخلوقات جو درجو رڳو سندس عقل جي ڪري نہ، پر سندس اندر ۾ موجود احساس جي ڪري مليو آهي. احساس ئي اهو روحاني ڏيئو آهي، جيڪو اونداهين راهن ۾ محبت ۽ همدرديءَ جي روشني ڦهلائي ٿو. جڏهن اسان جي اندر مان ٻئي جو ڏک محسوس ڪرڻ جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي، تڏهن اسان جو وجود هڪ ڀيلو ٺڪر جو ٿانءُ بڻجي وڃي ٿو. ڀيلو ٿانءُ، جيڪو نہ ڪنهن ڪم جو هوندو آهي ۽ نہ ئي ان جي ڪا قيمت هوندي آهي.

زنده دلي ڇا آهي؟!:

زنده دليءَ جو مقصد هر وقت کلڻ يا خوشيون ملهائڻ ناهي، پر ان جو اصل مقصد حالتن جي سامهون نہ جهڪڻ ۽ پنهنجي وجود جي سچائيءَ کي برقرار رکڻ آهي. هڪ زنده دل انسان اهو آهي، جيڪو پنهنجي تڪليفن جي باوجود ٻين جي چهرن تي مرڪ آڻڻ جي ڪوشش ڪري. جنهن جي دل ۾ امنگ، پيار ۽ ٻين لاءِ ڪجهہ ڪرڻ جو جذبو جوان هجي، اهو ئي اصل ۾ زنده آهي.

سماجي زوال ۽ بي حسي:

اڄوڪي دؤر ۾ اسان مادي ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ ايترو تہ اڳتي نڪري ويا آهيون، جو اسان وٽ هڪٻئي لاءِ وقت ناهي رهيو. اسان جا گهر وڏا ٿي ويا آهن، پر دليون سوڙهيون ٿي ويون آهن. جڏهن سماج مان احساس مري ويندو آهي، تڏهن رشتن جي پاڪائي ۽ انسانيت جو احترام بہ ختم ٿي ويندو آهي. اسان کي اهو سوچڻو پوندو تہ ڇا اسان رڳو هڪ هلندڙ ڦرندڙ لاش بڻجي رهجي ويا آهيون يا اسان جي اندر ۾ اڃا بہ احساس جي چڻنگ موجود آهي؟

زندگي هڪ بي بها نعمت آهي، ان کي بي حسيءَ جي نظر ڪرڻ پنهنجو پاڻ سان وڏو ظلم آهي. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا تہ اسان جو وجود سماج لاءِ فائديمند بڻجي، تہ اسان کي پنهنجي اندر ۾ زنده دلي پيدا ڪرڻي پوندي. اسان کي پنهنجي احساسن کي زنده رکڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ احساس کان سواءِ انسان رڳو مٽيءَ جو هڪ بيڪار بت آهي.

اچو تہ اڄ کان پنهنجي زندگيءَ کي نئون رخ ڏيون، جتي رڳو پنهنجي ذات نہ پر ٻين جو درد بہ اسان جي دلين ۾ هجي. ڇاڪاڻ تہ زندگي تہ آهي ئي زنده دليءَ جو نالو.

احساس سواء، انسان ايئن،

دوڪان تي پيل ڊمي جيئن۔


Previous Post Next Post