تعلقو حيدرآباد
سنڌ جو تاريخي ثقافتي ۽ مزاحمتي پرڳڻو آھي،
هتي
ئي انگريزن مياڻي جي ميدان ۾ جرنيل جان محمد ٽالپر شهيد هوشو شيدي سميت هارين فرزندان
وطن کي شهيد ڪري سنڌ کي فتح ڪيو ويو.
دٻي
۽ مياڻي جو معرڪو هتي ٿيو. ميرن جي مسجد مياڻي
۾ انگريزن جو يادگار هتي مياڻي ٻيلي لڳ واڻڪي وسي يوسي هٽڙي ۾ آھي. ميرن جي هن وقت بہ اهم پوزيشن هوندي جرنيل جان محمد ٽالپر جو ڪو يادگار
نہ آهي ۽ نہ
ئي
هن علائقي کي ڪو تاريخي يادگار جو درجو مليو آھي.
هي تعلقو هن
وقت ٻارنهن کان وڌيڪ يونين ڪائونسلن تي مشتمل آھي.
ھن
تعلقي ۾ ٻہ اهم آئل فيلڊون آھن. جن مان اربين رپيا حاصل ٿين ٿا پر تعلقي
حيدر آباد تي هڪ رپيو بہ خرچ ناهي ڪيو
ويو. مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا بند آھن.
ٽنڊو ڄام، ٽنڊو حيدر، مسو ڀرڳڙي،
کٽياڻ
اسٽيشن، واڻڪي وسي،
هوشو
شيدي جي يادگار وارو شهر ناريجاڻي، وفا مولا بخش
قمبراڻي جو شهر ڀينڊو، شريف جتي عبدالواحد
آريسر صاحب مدرسي ۾ قرآن شريف پڙھيو،
موسي
کٽياڻ صوفي فقير محمد فقير کٽياڻ جو ڳوٺ بہ
هتي
آھي، مشهور شاعر ادل سومرو اصل ۾ هتان جو آھي.
هن تعلقي ۾
زرعي يونيورسٽي سنڌ ٽنڊو ڄام هوندي بہ
تعلقي
کي ڪو فائدو نہ مليو آهي. يونيورسٽي هتي علائقي جي ماڻھن ۾ جديد پوکي
جو شعور ڏيڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام ٿي آھي.
اهو
وڏو سوال آھي جيڪو غور طلب آھي، زرعي يونيورسٽي
۾ بہ مقامي ماڻهو ملازم نہ آهن.
تعلقي
جي ماڻھن لاءِ هنري سکيا توڙي
روزگار جو ڪو بہ بندوبست نہ آهي.
هن تعلقي ۾
هڪ بہ وڏي ڏھ بسترن واري گائني وارڊ واري
ڪا اسپتال نہ
آھي، ڪا هڪ لائبريري نہ آھي،
ڪو
هڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ، هڪ پبلڪ پارڪ
نہ آھي.
ڪو
هڪ ڪارخانو نہ آھي.
هتي جي پرائمري
تعليم نهايت معزوري ۾ آھي. نوان استاد
ڀرتي نٿا ڪيا وڃن. جنهن جي ڪري
اسڪولن ۾ استادن خاص طرح ليڊي ٽيچرس جي تمام گهڻي کوٽ آهي. گرلس پرائمري اسڪول اڪثر بند آهن. هن وقت واڻڪي وسي ۽ يوسي مسو ڀرڳڙي ۾ ٻہ سئو جي لڳ ڀڳ ٽيچرس جي ضرورت آهي. هڪ سئو نياڻيون ميٽرڪ ۽ انٽر ڪري ويٺل آھن، پر مجال آھي جو سرڪار ۽ ان جا ڏھ سال حاڪم
بڻيل چونڊيل نمائيندا هن حوالي سان ڪو سرگرم ڪردار
ادا ڪرڻ لاءِ تيار نہ آھن.
مسو
ڀرڳڙي هاءِ اسڪول،
واڻڪي
وسي هٽڙي هاءِ اسڪولن ۾ استادن
خاص طرح سائنس ٽيچرن جي وڏي کوٽ آھي.
چونڊيل عوامي
سڏرئيندڙ ڌرين بہ عوام لاءِ ڪجهہ
ناهي
ڪيو. اڪثر ڳوٺ
رجسٽر
نہ آھن،
جنهن
جي ڪري پنجاه کان وڌيڪ ڳوٺن کي گئس ۽ بجلي جي سهولت
هن ايڪيهين صدي ۾ بہ نہ آھي اڪثر ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم نہ
ٿيا
آھن. ترقياتي فنڊ کائجي ڪرپشن حوالي ٿيا آھن. اڪثر يونين ڪائونسلن جا نمائندا ڪرپشن ڪري
عوام جو پئسو کائي ويا آھن.
تعلقي حيدرآباد
۾ زرعي پاڻي جي بہ شديد کوٽ آھي. جنهن جي ڪري ننڍو هاري آباد گار مڪمل طرح
ڪمزور ٿي ويو آھي. پاڻي نہ هجڻ ڪري ڳري رشوت عيوض وڪرو ٿيڻ ڪري صورتحال
خراب آھي. حيدرآباد برانچ ۽ ان جي واهن جي درست نموني کاٽي
بہ نہ
ٿي
آھي. ايڪيهہ
سئو
ايڪڙ مياڻي وڪڙي ۽ ڳوٺ گيلو نوناري لڳ نواب محمد خان
ٻيلو پڻ تعلقي حيدرآباد ۾ آھي. ان کي وڍي ماحولياتي
تباهي ڪري مقامي هزارين مالوند اڻھن کي پنڻ جهڙو ڪيو ويو آھي. هتي جا مقامي نوناري، چانڊيا، لغاري، ٻاگهل،
لاشاري
ٻيلي جون زمينون ڪاهيندا بہ هئا ۽ ٻيلي
جي سنڀال بہ ڪندا هئا. انهن کي بي دخل ڪيو ويو، هتي جون عورتون هاڻ حيدرآباد شهر ۾ گهرن
اندر تمام سستي مزدوري تي ڪمائين ٿيون.
هي
آھي سنڌ جي خوشحال تعلقي جو الميو، ڀٽائي جي مارو ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا بند آهن. انيڪ جوڌا جوان
معمولي پگهارن تي گارڊن جي نوڪري ڪري رهيا آھن يا وري تغاري مزدوري تعليم هوندي نوڪريون
نہ آھن.
بک، بدحالي ۽ افلاس خانداني ذاتي جهيڙن جهڳڙن
۾ ماڻھن کي منجهائي ڇڏيو آھي، منشيات ويتر
ان ۾ وڌارو ڪيو آھي. هٽڙي جيڪا پئرس
۾ بہ گلاب جي گلن ڪري مشهور هئي. اها اڄ تباه حال ۽ سماجي براين ۾ وڪوڙجي
چڪي آھي.
هتي طبقاتي
شعور عام ڪرڻ جي ضروت اڳ کان وڌيڪ آھي هتي طبقاتي جدوجهد جو تجربو جمهوري طريقي ڏاڍو
مقبول رهيو آھي. هتان ئي
2005 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو حمايت يافتا ڪائونسلر ڪامريڊ غلام حسين
لغاري مرحوم ڇهہ سئو ووٽ کڻي
ڪامياب ٿيو هو, هتي خاص طرح مجموعي طور کاٻي ڌر کي جيتري توجهہ ڏيڻ کپندي هئي اها ناهي ڏني وئي، عوام طرفان موٽ ضرور ملي آھي. افسوس تہ
سياسي، سماجي تنظيمن بہ ڪو جوڳو ڪردار ادا ناهي ڪيو، جنهن جي ڪري حيدرآباد شهر کي خوبصورت بنائيندڙ
مياڻي ٻيلو بہ برباد ٿي ويو
آهي. هن وقت بہ
اسان
کي هن تعلقي جي مالڪي ڪرڻ گهرجي.

