عمران خان جي ”اک جو آرزو“ ۽ ايوان ۾ احتجاج ـ اعجاز ممنائي

هونءَ ته عمران خان سان حڪومت جون ذاتي رنجشون دشمنيء ۾ تبديل ٿي ويون آهن ڪنهن به سياسي قيديء سان اهڙو رويو نه رکبو آهي، جنهن سان ان جي عزت مجروح ٿئي پر موجوده دور ۾ اها روش عروج تي پهچي چڪي آهي، گذريل ڏينهن بئريسٽر سلمان صفدر جو بيان سامهون آيو ته مان اڊيالا جيل ۾ 2 ڪلاڪ 45 منٽ رهيو، جنهن دوران مان عمران خان سان 2 ڪلاڪ مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندس سيل ۽ ٻين معاملن جو 45 منٽ جائزو ورتو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي. ان کان اڳ جڏهن به مون عمران خان کان گذريل 3 سالن ۾ سندس سهولتن بابت پڇيو، ته هو هميشه چوندو هو، اهو سڀ ڪجهه ڇڏي ڏيو، مون کي پرواهه ناهي، انهن کي جيئن وڻي تيئن رکڻ ڏيو. پر ڪالهه، جڏهن مون عمران خان سان ملاقات ۾ پڇيو، ته هن چيو، مون کي باقي شين جي پرواهه ناهي، پر اهي مون کي ڪتاب نه ڏئي رهيا آهن ۽ منهنجي نظر ختم ٿي وئي آهي. مون 3 مهينا اڳ کين ٻڌائڻ شروع ڪيو هو، پر انهن منهنجو علاج نه ڪرايو. ملاقات دوران عمران خان ٽشو پيپر سان پنهنجي اک صاف ڪندو رهيو. هن چيو ته جيل سپرنٽنڊنٽ عبدالغفور انجم ان جو ذميوار آهي ۽ سلمان اڪرم راجا کي سندس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ چيو وڃي. پوءِ هن مون کي ٻڌايو ته ڪيئن ٽن مهينن جي لاپرواهي کان پوءِ، اهي اوچتو کيس پمز وٺي ويا. اتي جي ڊاڪٽرن کيس هڪ انجڪشن ڏنو، جنهن سندس نظر جو صرف 15 سيڪڙو بحال ڪيو. ان کان پوءِ علاج بند ڪيو ويو. هن چيو ته اهي ٻارن کي ڳالهائڻ نه ٿا ڏين، اهي ڀينرن کي ڳالهائڻ نه ٿا ڏين، مون انهن جو سيل ڏٺو، اتي لڳ ڀڳ 10 ڪيمرا لڳل آهن، باورچي خانه ۽ واش روم جي حالت خراب آهي، انهن کي مسلسل 16 ڪلاڪ بند رکيو ويو آهي، منهنجي بار بار سوالن کان پوءِ به هن ڪا ٻي سهولت نه گهري، ان صرف اهو چيو ته مان ڪيئن رهي رهيو آهيان ان کي ڇڏي ڏيو، بس منهنجي اکين جو ڪجهه ڪريو ۽ منهنجي ڪتابن جو ڪجهه ڪريو، 73 سالن جي عمر ۾، گذريل 3 سالن ۾ اڄ تائين، خان صاحب بيماري جو ڪو به عذر نه ڪيو آهي، پر جڏهن سندس اکين جو مسئلو پيدا ٿيو ته ڪنهن به سندس ڳالهه نه ٻڌي۔

تازو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اکين جي معائني لاءِ هڪ ميڊيڪل بورڊ جي جوڙجڪ جي هدايت ڪئي آهي، عدالت ۾ جمع ڪرايل هڪ رپورٽ کان پوءِ جنهن ۾ پي ٽي آءِ باني چيو هو ته سندس ساڄي اک ۾ صرف 15 سيڪڙو نظر بچي آهي. عدالت اختيارين کي حڪم ڏنو ته 16 فيبروري کان اڳ سندس اکين جو معائنو يقيني بڻايو وڃي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي مشتمل سپريم ڪورٽ جي ڊويزن بينچ خميس ڏينهن اڊيالا جيل ۾ عمران خان جي رهائش جي حالتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٻيهر شروع ڪئي. عدالت اها به هدايت ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم کي سندس ٻارن سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي. پي ٽي آءِ جي وڪيل بئريسٽر سلمان صفدر، جيڪو عدالت جو دوست آهي، هڪ رپورٽ پڙهي ٻڌائي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني جيل ۾ فراهم ڪيل سيڪيورٽي انتظامن ۽ کاڌي جي سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. بيرسٽر  سلمان صفدر اڊيالا جيل ۾ عمران سان ملاقات ڪئي ۽ جيل ۾ عمران جي رهائش جي حالت بابت ست صفحن تي ٻڌل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي.هن پنهنجي رپورٽ ۾ عمران خان جو حوالو ڏيندي چيو ته انجيڪشن سان علاج ڪرڻ جي باوجود، هن جي ساڄي اک ۾ صرف 15 سيڪڙو نظر بچي آهي.“ بئريسٽر صفدر چيو ته عمران خان کيس ٻڌايو ته ٽي کان چار مهينا اڳ، آڪٽوبر 2025 تائين، سندس ٻنهي اکين ۾ عام نظر هئي. پوءِ هن کي مسلسل ڌنڌ نظر اچڻ لڳو هو، جنهن جي رپورٽ هن بار بار ان وقت جي جيل سپرنٽنڊنٽ کي ڏني پر جيل اختيارين طرفان ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي.“ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ريمارڪس ڏنا ته عدالت رپورٽ ۾ پيش ڪيل سفارشن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ مناسب حڪم جاري ڪندي. هن چيو ته معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تائين التوا ۾ رهندو ۽ عدالت پي ٽي آءِ جي باني جي صحت بابت پنهنجو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

چيف جسٽس زور ڏنو ته صحت سڀ کان اهم مسئلو آهي ۽ ان معاملي تي حڪومت جو موقف طلب ڪيو ويندو.اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته قيدين کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي ۽ يقين ڏياريو ته جيڪڏهن قيدي مطمئن نه ٿيو ته ضروري قدم کنيا ويندا. عدالت طبي معائني دوران خاندان جي ڪنهن فرد کي موجود رهڻ جي اجازت ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اهو پڻ مشاهدو ڪيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر طبي صلاح جي حصي طور پڙهڻ جي سفارش ڪن ٿا ته پي ٽي آءِ جي باني کي ڪتاب فراهم ڪيا ويندا. ٻئي پاسي مخالف ڌر جي پارليامينٽ ميمبرن، پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ تحفظِ آئينِ پاڪستان (ٽي ٽي اي پي) جو اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ۽ ڪي پي هائوس سميت ڪي پي جي مختلف هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا ۽ مطالبو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي علاج لاءِ فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو وڃي.ڌرڻي کي خطاب ڪندي مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود اچڪزئي چيو آهي ته ڌرڻو جاري رهندو، حڪومت رابطو ڪري يا نه ڪري، اسان هتي ويهنداسين، جيڪڏهن مطالبا پورا نه ٿيا ته ڌرڻو رمضان ۾ به جاري رهندو. مخالف ڌر جو اتحاد پارليامينٽ ۾ ڌرڻو ڏئي رهيو آهي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي، شرڪت ڪندڙ پارليامينٽ جي احاطي کان ٻاهر گڏ ٿيا آهن. مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود اچڪزئي جو چوڻ آهي ته هن اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان وزيراعظم کي هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ ٽن ڊاڪٽرن جا نالا هئا، پر وزيراعظم ان بابت ڪجهه به نه ڪيو.

محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان هتي ويهنداسين، هڪ پورو ڏينهن گذري ويو آهي، اسان ڌمڪيون ڏيڻ وارا ماڻهو نه آهيون، اسان هن پارليامينٽ جي آزادي لاءِ ڪنهن به حد تائين ويهنداسين. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته توهان هتي 100 کان وڌيڪ پارليامينٽ ميمبرن کي قيدي بڻائي رکيو آهي، گذريل ڏينهن چيو ويو هو ته اهي هتي ويهندا جيستائين پي ٽي آءِ جي باني کي الشفا اسپتال نه پهچايو ويندو. محمود خان اچڪزئي چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي اکين جي روشني نه وڃائڻ گهرجي، کيس علاج ڪرائڻ لاءِ جنهن به اسپتال ۾ وڃڻ گهرجي، اهو توهان جي فائدي لاءِ آهي، شهباز ڀائي. هن چيو ته جيڪڏهن اهي ماڻهو اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏين ته ڇا ايتري وڏي تعداد ۾ ضمني چونڊون ممڪن ٿينديون، پي ٽي آءِ جو ڪهڙو ڏوهه آهي، اهي پنهنجو مينڊيٽ واپس گهرائي رهيا آهن. محمود اچڪزئي چيو ته جيڪڏهن مطالبا پورا نه ٿيا ته رمضان ۾ به ڌرڻو جاري رهندو، اهي هتي روزا به رکنداسين ۽ تراويح جي نماز به پڙهنداسين. جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته عمران خان جي صحت تي نه پاڻ سياست ڪندس نه ئي وري ڪنهن کي ڪرڻ ڏيندس ڇوته عمران خان جي صحت منهنجي لاءِ سياست کان وڌيڪ آهي، هن چيو ته سموري قوم ۾ عمران خان جي لاءِ بي انتها محبت سبب تمام گهڻي ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي. مون کي انهي ڳالهه جو چڱي ريت احساس آهي پر اسان انهي کي پنهنجي ڪمزوري نه پر طاقت ٺاهيو آهي. هميشه سخت ۽ نازڪ وقت ۾ اوهان کي مضبوط رکي حڪمت سان جنگ وڙهنڻي پوندي آهي. اهڙي وقت ۾ اوهان جي لڪل حڪمت عملي ئي اوهان جي بهترين طاقت هوندي آهي. سهيل آفريدي موجب عمران خان ڪو معمولي شخص نه آهي اهو پاڪستان جو اڳوڻو ۽ موجوده وزيراعظم آهي ۽ پاڪستان جي سڀني کان وڏي سياسي پارٽي جو تاحيات چيئرمين آهي انهي جي صحت سان مذاق ڪيو ويو آهي. جيڪو معافي نه جوڳو عمل آهي. هن وقت ان جو بهترين علاج اسان جي اولين ترجيح آهي ڪوبه اهو نه سوچي ته عمران خان جي علاج تائين آرام سان ويهنداسين. هن چيو ته سمورن پاڪستانين کي مان اهو اعتماد ڏياريان ٿو ته انشاءِالله اوهان سڀني جي اعتماد، اتفاق، اتحاد ۽ سپورٽ سان عمران خان جو علاج ذاتي معالج جي نگراني ۽ فيملي کي اعتماد ۾ وٺڻ کان پوءِ ٿيندو. اهو اوهان سڀني کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته عمران خان جي اک جي علاج سان گڏوگڏ اسان کي سيڪيورٽي جو به خيال رکڻو آهي. ڪجهه شيون ٻڌائي ڪيون وينديون ۽ ڪجهه شيون شايد في الحال اسان جي سامهون نه اچن. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حڪم موجب باني جو علاج 16 فيبروري تائين ٿيڻ گهرجي پر حڪمران ائين ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن۔ هڪ عام قيديء کي علاج جون سهولتون ڏيڻ انساني حقوق ۾ شامل آهي ته عمران خان کي اهي علاج معالج جون سهولتون ڇو نه ٿيون ڏنيون وڃن۔ ان سان حڪومت کي ڪهڙو نقصان آهي۔ هو ته پنهنجي حڪمرانيء جا واڄا خوب وڄائي رهيا آهن ته پوء هڪ قيديء جي علاج ۾ رڪاوٽ نه وجهن ۽ کيس انساني ناتي صحت جون سهولتون ڏيئي پنهنجي مرضيء جي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ گهرجي۔ هو مضبوط اٽل ليڊر آهي ٽن سالن کان بغير ڪنهن ڏوهه جي تڪليفون سهي رهيو آهي ان جي باوجود خان صاحب نه وڪيو آهي، نه جهڪيو آهي ۽ نه ئي ڪا ڊيل ڪئي اٿائين. هو اڄ به پنهنجي موقف تي مضبوطيءَ سان بيٺل آهي ۽ پنهنجي دليريءَ سان ثابت ڪيو اٿائين ته قيد ۽ تڪليفون سندس عزم کي گهٽائي نٿيون سگهن.اسان حڪومت وقت کان  مطالبو ٿا ڪريون ته عمران خان کي فوري آزادي ڏيئي کيس جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. کيس ڪنهن به قانوني رعايت جي ضرورت ناهي، رڳو انصاف ۽ سندس علاج گهرجي ٿو.


Previous Post Next Post