مياڻي جي جنگ | سنڌ ڊگھي شڪست کائي غلامي ۾ ھلي وئي ـ نثار لغاري

سترهين فيبروري اهو ڏينهن آھي، جنهن ڏينهن  تي سال 1843 ۾ سنڌ  پنهنجو اقتدار اعليٰ ختم ڪرائي، انگريزي سامراج جي غلام ٿي وئي. هي جنگ مڪمل طرح ھر قانون مطابق ناجائز هئي قبضي لاءِ ھئي. هن جنگ جو ڪو جواز نہ هو. جنرل چارلس نيپيئير جي اها بدمعاشي هئي تہ هن برطانيا سان دوستي توڙي راهداري معاهدن باوجود انهن معاهدن جي سنگين خلاف ورزي ڪندي سنڌ مٿان زبردستي جنگ مڙھي ڇڏي.

سنڌ جي اها تاريخي غلطي غفلت رهي آھي تہ سنڌ سدائين پنهنجي ريگيولر فوج نہ رکڻ سبب حملن جو شڪار ٿيندي ارغونن، ترخانن سميت مختلف ڦوروئن هٿان ڦربي ۽ لٽبي رهي آھي. انگريزن جي وقت ۾ بہ اهو ئي ٿيو.

سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن آخر تائين جنگ نہ پئي چاهي، مير نصير خان جنگ لاءِ آمادهہ نہ هيو کيس اهو اعتماد هو تہ انگريز دوکو نہ ڪندا، پر انگريزن دوکو ڪيو.

جنرل آٽورام جيڪو پڻ جنگ جي حق ۾ نہ هو سان ڳالهين جا مختلف دور هلندي فيبروري 1843 ۾ چارلس نيپيئر جنگ جو فيصلو ڪري ورتو. انگريزن کي اها بہ خبر هئي تہ فيبروري کان پوءِ سنڌ ۾ موسم گرم ٿي وڃڻ سبب انگريز فوج جنگ نہ ڪري سگندي. مئي، جون، جولاءِ جي گرمي برداشت ڪرڻ ھنن جي وس ۾ نہ هو. افغانستان مان شڪست کائڻ سبب چارلس نيپئير سنڌ تي جنگ مڙھي ڇڏي.

ـ17  فيبروري اهو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن حيدرآباد جي اتر ـ ڏکڻ طرف مياڻي جي ميدان تي جنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هڪ اندازي موجب سنڌين جو عوامي  لشڪر  پنجويهہ هزار هو. جڏھن تہ انگريزن جو لشڪر ٻہ هزار چاڪ، چوبند، تجربيڪار جٿن تي مشتمل هو. هنن فوجن ۾ اهو فرق هو تہ انگريز جنرل نيپئير کي ڪافي جنگن جو تجربو هو. سندس فوجي بہ تجربي ڪار هئا.

سنڌ جي لشڪر کي ڪو جنگي تجربو نہ هو. هي فوج مختلف ذاتين ۽ برادرين تي مشتمل هئي. هن وٽ جديد جنگي هٿيار نہ هئا. هن جنگ جي ڀيٽ ھڪ عالمي پاور جي مقامي ننڍي ملڪ طور ڪري سگهجي ٿي. مثال طور هن وقت آمريڪا جئين عراق تي حملو ڪيو هو. مياڻي جنگ ۾ پنج هزار کان وڌيڪ جانثار وطن خاناڻي، جرنيل جان محمد ٽالپر جي اڳواڻي وڙھندي شھيد ٿي ويا.  ٻيو معرڪو چويهہ مارچ تي مياڻي کان ڪجهہ ڪلوميٽر پري ناريجاڻي ۾ لڳو. جنهن ۾ ھوش محمد شيدي پنهنجي ساٿين سان گڏ شھيد ٿي ويو. مياڻي جنگ ۾ جڏهن بلوچن جي شڪست جا آثار بلڪل چٽا ٿي چڪا هئا ۽ انگريز فوج بلوچ سپاهين کي تيزي سان شھيد ڪندي ٿي وئي تہ ان وقت بہ بلوچ سورمن ۾ ڪا بہ ڀاڄ نہ پئي، سندن چھرن تي خوف جي بجاءِ انگريز سامراج لاءِ واضع ڪروڌ ۽ حقارت هئي! سنڌ جي سورمن کي سرخ سلام

چارلس نيپئير جي ڀاءُ وليم نيپئير سنڌ جي فتح ڀاڱو ٻيو ۾ لکيو آھي تہ مياڻي ۾ سنڌين جو لشڪر اهڙي ريت وڙھي رهيو هو، جو هنن پنهنجي جان جي پرواهہ نٿي ڪئي. هو پنهنجي زندگي کان بہ وڌيڪ قيمتي شئي لاءِ وڙھي رهيا هئا.“ اهو مڪمل طرح غلط بياني آھي تہ  سنڌين جو لشڪر جنگ مان پسپائي دوران ڀڳو هو اها ڳالهہ حڪمران طبقن بہ نہ لکي آھي. وليم نيپئير لکيو آھي تہ وحشين جو لشڪر جڏھن تمام گهڻن ماڻھن جي مارجڻ تي پوئتي هٽيو تہ اسان انهن مٿان گوليون وسائڻ شروع ڪيون. وحشي گولين ۾ مرندي ڪرندي وحشي نفرت وارين نظرن ڏانهن ڏسي آھستي آھستي هلي رهيا هئا.“

هي وطن جا سرفروش تاريخ ۾ ھميشہ يادگار رهندا. هنن جي قرباني کين سرخروع رکندي.

ـ 24 مارچ شهيد جرنيل هوش محمد شيدي جي شھادت:

شهيد هوش محمد قمبراڻي پنهنجي پيءُ وانگر، سنڌ جي ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان جي حويليءَ جو ملازم هو. هوش محمد 1801ع ڌاري پيدا ٿيو. مير فتح علي خان جو پٽ مير صوبيدار سندس دوست هو. هوشو هن جو هر وقت ساٿ ڏيندو هو، پر جڏهن انگريزن مير صوبدار سان ملي سنڌ تي حملي لاءِ سوچيو تہ هوشوءَ کي اها ڳالهہ نہ وڻي. هن مير صوبدار کي گهڻو سمجهايو تہ انگريز سنڌ جا دشمن آهن ۽ انهن جي سازش ۾ نہ اچ، پر هو نہ مڙيو.

اهڙيءَ طرح انگريزن آهستي آهستي سنڌ تي پنهنجا قدم ڄمائڻ جي ڪوشش ڪرڻ شروع ڪئي ۽ 1843ع ۾ هنن سنڌ جي حڪمران ٽالپرن کي دڙڪا ڏئي ٺاه لاءِ راضي ڪيو. اڃا ٺاه جون ڳالهيون مس شروع ٿيون تہ 11 جنوري 1843ع تي انگريزن حملو ڪري خيرپور جي ميرن جو امام ڳڙه وارو قلعو فتح ڪري ورتو.

ـ17  فيبروري 1843ع تي مياڻي جي جنگ لڳي تہ انگريزن مير صوبدارخان جي ذريعي حيدرآباد جي ميرن کي پيش پوڻ لاءِ پيشڪش ڪئي. هوشو ان وقت بہ مير صوبدار خان جي سخت مخالفت ڪندي کيس چيو تہ ”ميرصاحب پنهنجن کي مارائي، سرداري بچائڻ ديس سان دشمني آهي. عوام جو ساٿ ڏي ۽ سورمن وانگر وڙه!“ ان تي مير صوبدار مٿس ڪاوڙ ڏيکاري ۽ کيس چيو تہ ”منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ.“

انگريز هڪ هڪ مير کي پڪڙي سندن ملڪيتن تي قبضا ڪندا ويا ۽ نيٺ 21 فيبروري 1843ع تي انگريزن جي فوج حيدرآباد جي قلعي ۾ داخل ٿي، ميرن جي خزاني تي قبضو ڪيو ۽ مير محمود ۽ مير صوبدار خان کي پڻ زبردستي قلعي مان ڪڍي قيدي بنايو.

هوش محمد شيدي ”دُٻي واري جنگ“ ۾ هڪ سئو ساٿين سان پوين پساهن تائين وڙهندو رهيو ۽ تاريخي نعرو هنيو تہ ”مرويسون پر سنڌ نہ ڏيسون“. هوشوءَ جي بهادريءَ ۽ سورهيائيءَ کي انگريز فاتحن بہ ساراهيو آهي.

آخر سنڌ ڌرتي جو هي سورمو 24 مارچ 1843ع تي آخري دم تائين وڙھندي مارجي ويو. جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ هميشہ ياد رهندو. هوشو جي شھادت هن وقت بہ وڏو اتساه آھي.

مياڻي جي جنگ جي شھيدن جو يادگار جوڙايو:

هر سال جڏھن سترنهن فيبروري جو ڏھاڙو ايندو آھي تہ اسين مياڻي جنگ جي شھيدن کي ياد ڪندا آھيون افسوس تہ سنڌ جا هن وقت بہ هزارين  لکيل پڙھيل ماڻھو ناواقف آھن تہ اهو مياڻي جو ميدان ۽ سندن ياگار ڪٿي آھي. هڪ طرف انگريزن جي مارجي ويل سپاهين جو هي مياڻي جنگ واڻڪي وسي لڳ يادگار آھي. جيڪو 1843۾ جو ڙايو ويو هو. جيڪو اڄ بہ پنهنجي آب ۽ تاب سان موجود ۽ مڪمل طرح محفوظ آھي. ٻئي طرف مياڻي جي جنگ جي  ڪمانڊر جرنيل جان محمد ٽالپر ۽ ٻين جانثارن جون قبرون آھن. جيڪي اڄ بہ ڪسمپرسي واري حالت ۾ آھن ۽ ميسارجڻ طرف وڃي رهيون آھن. اسان  هر سال هن جرنيل جان محمد ٽالپر جي يادگار جوڙائڻ ۽ ھن ٽي سئو سالا قديم مسجد کي بهتر ڪرڻ ان جي زمينن تي قبضا ڇڏرائي محفوظ ڪرڻ جون درخواستون لکندا رهيا آھيون، پر ڪنهن بہ اداري توڙي سنڌ جي آرڪائيو کاتي يا ثقافت کاتي هن جي ڪا سار نہ لڌي آھي. هن ميسارجي ويل آثارن مان بہ اهو ثابت ٿئي ٿو تہ اسين جيڪو مياڻي ۾ غلام بنايا ويا هئاسين، اها غلامي اڃا ختم ناهي ٿي. مياڻي جي جنگ جو سبق فوري طور نصاب ۾ شامل ڪري، نوجوان نسل کي هن وڏي واقعي بابت آگاه ڪيو وڃي  ۽مزارن تائين پڪو روڊ جوڙي اتي ايندڙ ويندڙ رستن تي بورڊ لڳايا وڃن.



Previous Post Next Post