عورت ممتا جي ديوي ـ حڪيم پريم چاندواڻي

عورت عظمت جي، ديوي،

جنهن منهنجي، دل موهي۔

ماءُ جو مرتبو پيءَ جي مرتبي کان ٽي دفعا وڌيڪ آهي۔ عورت پنهنجي اولاد لاءِ جيڪي قربانيون ڏي ٿي۔ ٻيو ڪو بہ رشتو ايتريون قربانيون نٿو ڏئي سگهي۔ عورت پنهنجي رات جي ننڊ ۽ ڏينهن جو چين سڪون اولاد جي لاءِ قربان ڪري ڇڏي ٿي۔ ماءُ جي دعا قبوليت جو درجو رکي ٿي. تنهنڪري ماءُ پيءَ جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪرڻ گهرجي نہ ئي ان جي ابتڙ والدين سان بد تميزي ڪرڻ گهرجي۔ ماءُ پيءَ جون شفقتون اولاد لاءِ گهاٽي ڇانؤ وانگر ٿين ٿيون۔ تنهنڪري والدين جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪرڻ گهرجي۔ باادب اولاد ئي بامراد رهندو آهي ۽ زندگيءَ جي ڪٺن سفر ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري، ڪامياب زندگي بسر ڪندو آهي۔

عورت، خدا جي تخليق جو اهو عظيم شاهڪار آهي، جنهن ۾ محبت، قرباني، احساس ۽ ممتا جو سمنڊ ڇوليون هڻندو رهندو آهي۔ عورت فقط وجود نہ، پر زندگيءَ جي هر رنگ جي موجد ۽ سرچشمو آهي۔ عورت جو وجود، پيار جي پر بهار ۽ وڻندڙ مهڪ سان ڀرپور گلستان آهي، جتي هر احساس نرمي، رحم ۽ چاه سان ڀرپور هجي ٿو۔

ممتا، عورت جي بهترين ۽ لاجواب سڃاڻپ آهي۔ ماءُ جو روپ، انساني تاريخ جو سڀ کان پاڪ ۽ اعليٰ درجو آهي۔ جڏهن هڪ ماءُ پنهنجي ٻار لاءِ راتيون جاڳي ٿي، بک وساري ٿي، سڪون ڇڏي ٿي، تڏهن دنيا کي احساس ٿئي ٿو تہ ممتا رڳو لفظ نہ، پر هڪ الهامي جذبو آهي۔ عورت جي اکين ۾ جيڪو نور آهي، اهو سندس محبت ۽ دعا جو نتيجو آهي۔ عورت پنهنجي هر روپ ۾ ڀلاري ۽ پياري لڳندي آهي۔ عورت ماءُ بڻجي، دنيا کي جنم ڏئي ٿي، ڌيءَ بڻجي، گهر ۾ خوشبو بڻجي ٿي، ڀيڻ بڻجي، ڀاءَ لاءِ دعائن جو ڏيهہ بڻجي ٿي، زال بڻجي، مڙس جو ساٿ  سڪون ۽ راحت بنجي ٿي۔ هوءَ هر روپ ۾ پنهنجي هستيءَ جو حصو شامل ڪري، ٻين کي مڪمل ڪري ٿي۔

عورت جي عظمت جو اندازو ان وقت ٿئي ٿو، جڏهن هوءَ سڪ ۽ ڏک ٻنهي ۾ ثابت قدمي سان بيٺي رهي ٿي۔ سماج جي سختين، وقت ۽ حالتن جي تڪليفن، ۽ زندگيءَ جي مصيبتن جي باوجود عورت ڪڏهن بہ شڪايت نہ ڪندي آهي، بلڪ پنهنجي اندر جي روشني سان سڀ ڪجهہ سنڀالي وٺندي آهي۔

اڄ جي دنيا ۾، جڏهن جديديت ۽ ترقيءَ جو شور آهي، تڏهن بہ عورت جو سڀ کان وڏو زيور سندس ممتا/محبت ۽ ايثار آهي۔ هوءَ علم ۾ اڳتي وڌي، ڪم ۾ ڀاڱيڀائيوار ٿئي ٿي، سندس اصلي حسن تڏهن ئي سندس نرمي، حيا ۽ ممتا ۾ موجود رهندو آهي۔  سچ پچ تہ عورت، قدرت جو اهو انمول تحفو آهي، جنهن کان بغير دنيا اڌوري آهي۔ هوءَ زندگيءَ جو روح، سماج جي شاھ رڳ، ۽ محبت جي مٺڙي ۽ پر سرور زبان آهي۔

عورت ئي اها هستي آهي، جيڪا هر نسل کي محبت، احساس ۽ انسانيت سيکاري ٿي۔

حاصل مقصد اهو ئي ٿيندو تہ عورت صرف گهر جي نہ پر سڄي ڪائنات جو زيب ۽ زينت آهي۔ هوءَ محبت، قرباني ۽ ممتا جو استعارو ۽ اعليٰ مثال آهي۔ عورت جي عزت، احترام ۽ تحفظ ئي مهذب سماج جي سڃاڻپ آهي۔ عورت کي شخصي آزاديءَ جي هميشہ شڪايت رهي آهي تنهنڪري عورت کي مظلوميت کان بچائڻ گهرجي ۽ ان جا سڀئي جائز گهرجون ۽ ضرورتون ضرور پوريون ڪرڻ گهرجن۔ عورتن کي غلام سمجهڻ واري حقير سوچ کان باز رهڻ گهرجي کين برابريءَ جي بنياد تي مڪمل شخصي آزادي ڏيڻ گهرجي۔ سندن خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن جملي جائز ضرورتون پوريون ڪري ڏيڻ گهرجن۔ اهڙيءَ ريت بهتر رويا روا رکي کين سدائين خوشيون ميسر ڪري ڏنيون وڃن۔

ماءُ هڪ عظيم تمام پيارو رشتو آهي ان جو جيئري قدر ڪرڻ گهرجي۔ اڪثر ڪري ماءُ جي قدر جي خبر سندس وفات کان پوءِ ئي پوندي آهي۔ الله پاڪ، سندس رسول- ڪريم صلعم کان پوءِ ماءُ ئي اهو عظيم رشتو آهي جنهن جي وڌ ۾ وڌ عزت ۽ خدمت ڪرڻ گهرجي۔ ساري عمر جي ڪئي ڪمائي ڏئي بہ ماءُ جي ڏنل قربانين ۽ خدمتن جو ملھ نٿو چڪائي سگهجي۔ ايئن سوچڻ گهرجي تہ ڌرتيءَ تي خلقڻھار ۽ پالڻهار ماءُ ئي آهي۔ ماءُ ئي ٻار کي هلڻ گهمڻ کائڻ پيئڻ ۽ ڳالهائڻ سيکاري ٿي۔ ماءُ اولاد جي خاطر سڀ سک ۽ آرام تياڳي ڇڏي ٿي۔

ماءُ جي، دعا،

جنت جي هوا۔

ماءُ جو رشتو،

عظيم آهي،

ڏاڏي هوا جيئن، قديم آهي۔

ماءُ بنا آ، ڇورو ٻار!!!،

ڏکن ڏوجهرن ۾، ڀورو ٻار۔


Previous Post Next Post