ويپ مٺو ذھر ھڪ ڪش ھڪ ڪھاڻي ـ صوفي رحمٰن علي

جديد دور ۾ ٽيڪنالاجي صرف سهولتون نه پر نيون جبلتون به پيدا ڪري رهي آهي، اليڪٽرانڪ سگريٽ، جنهن کي ويپنگ چيو وڃي ٿو، جيڪو انساني صحت لاءِ انتهائي ھاڃيڪار آهي، ان جو سڀ کان وڏو شڪار اسان جي ملڪ سرمايو نوجوان نسل بڻجي رهيو آهي، رنگين ڊوائيس، مٺو ذائقو ۽ خوشبودار دونهون، نوجوان ذهن کي اهو ڀرم ڏين ٿا ته هي عادت سگريٽ نوشي سان ٿيندڙ نقصان کان محفوظ آهي، جڏهن ته حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي، ڪينيڊا جي سترهن ورهين جي نوجوان لي راءِ ڪنگ جو واقعو هن غلط فهميءَ تي هڪ زوردار ڌڪ آهي، چوڏهن ورهين جي عمر ۾ شوق طور شروع ٿيل ويپنگ، ڪجهه سالن ۾ سندس ڦڦڙن کي ناقابلِ تلافي نقصان پهچايو، هفتيوار ڪيترن ئي ويپن جو استعمال، مسلسل سموڪنگ  آخرڪار کيس اسپتال جي بيڊ تائين پهچائي ڇڏيو.

ھڪ رات اچانڪ  لي راءِ ڪنگ کي ڇاتيءَ ۾ سور ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ۽ جسماني ڪمزوري محسوس ٿئي، جڏهن تڪليف حد کان وڌي وئي ته ڊاڪٽرن کيس ايمرجنسي آپريشن ڪرڻو پيو،  نوجوان جي ڦڦڙن جا خراب ٿيل حصا ڪڍڻا پيا، ۽ ڊاڪٽرن واضع ڪيو ته هن سڄي تباهي جو بنيادي سبب اليڪٽرانڪ سگريٽ جو ڊگهي مدي تائين استعمال هو، طبي ماهرن موجب ويپنگ ۾ موجود نڪوٽين نوجوانن جي دماغ کي تيزي عادي بڻائي ٿو، جڏهن ته ڪيميڪل، خوشبودار مادا ۽ زهريلا ذرڙا سڌو ڦڦڙن ۾ وڃي ساهه جي نظام کي نقصان پهچائين ٿا، ويپنگ سبب نه رڳو ڦڦڙن جون بيماريون وڌن ٿيون، پر دل جي صحت به سخت ناڪاري اثر پون ٿا.

 جيڪڏهن ان انجام ايترو خطرناڪ آهي ته پوءِ نوجوان ڇو هن طرف وڌي رهيا آهن؟ شايد سبب شعور جي کوٽ، سماجي دٻاءُ، فيشن جي پوئواري ۽ سگريٽ نوشي کان محفوظ متبادل“ واري غلط سوچ آهي، والدين جي غفلت ۽ سماج جي خاموشي به هن عادت کي هٿي ڏئي رهيا آهن، اڄ جو نوجوان پاڻ کان هي سوال پڇي، ڇا چند لمحن جي مٺي خوشبو، سڄي عمر جي ساهه تي ڀاري نه پوندي؟ ڇا فيشن جي نالي ۾ ڪيل چونڊ، سڀاڻي بيماري ۽ پڇتاوي ۾ تبديل نه ٿيندي؟


Previous Post Next Post