ايندڙ وقت ۾ انسان چپ سان ڳنڍجي ويندو ـ علي سومور

 


دنيا ۾ روز ھزارين تجربا تحقيقون ۽ مستقبل کي وڌيڪ جديد بڻائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪيون پيون وڃن، انھن ڪوششن ۾ ھڪڙي ڪوشش اھا آھي جو انسان کي ھڪڙي چپ سان ڳنڍيو وڃي چپ سان ڳنڍجڻ کانپوءِ انسان جي رت جي گروپ سميت ان جي بئنڪ اڪائونٽ پاسپورٽ ميڊيڪل جا مسئلا اسڪينر سڀ ڪجھ ان چپ ۾ ھوندو مطلب ھر عمل ۾ چپ جو ڪردار ھوندو.

ويري چپ  RFID (Radio Frequency Identification)

ھيءَ چپ انسان جي جسم جي مختلف حصن ۾ لڳائي سگھجي ٿي، مثال: ھٿ، ٻانھن يا مٿي جي ڪنھن حصي ۾ ۽ پوءِ ان چپ ۾ انسان جي مڪمل معلومات سان گڏ ان جو پيڇو پڻ ڪري سگھجي ٿو.

نوٽ: اھڙيون کوڙ چپون مستقبل ۾ اچي وينديون جنھن جو ڪم مخلتف ٿي سگھي ٿو، چپ ۾ ڇا ڇا شامل ڪري سگھجي ٿو.

1.      چپ ۾ منفرد ھڪڙو آئي ڊي نمبر ڏنو ويندو، جيڪو دنيا جي ڪنھن ماڻھو وٽ نہ ھوندو.

2.      انسان جي مڪمل معلومات ان جي بئنڪ اڪائونٽ، پاسپورٽ، ڪھڙي ملڪ، شھر، ھنڌ، خاندان سميت ھر ھڪ ڄاڻ ھوندي. ايتري حد تائين جو ھن وقت ڪٿي آھي اھا پڻ ڄاڻ ھوندي.

3.      ھن چپ جي مدد سان پئسا کيسي ۾ رکڻ جي ضرورت ئي نہ ھوندي، پئسن جي ڏيتي ليتي جسم ۾ لڳندڙ چپ سان ڪري سگھجي ٿي، ۽ ڪنھن بہ ملڪ ۾ وڃڻ جي لاءِ ڪنھن بہ ڪاغذي ڪارروائي جي ضرورت ڪون پوندي.

4.      بايو ميٽرڪ ھن چپ سان بايو ميٽرڪ ڪرائڻ جي ڪا بہ ضرورت نہ هوندي دنيا جي ڪنھن بہ خطي ھنڌ ھليا وڃو.

5.      ھن چپ سان بيمارين جو پتو لڳائي سگھجي ٿو تہ ڪھڙي بيماري آھي يا ايمرجنسي واري حالت ٿيڻ جو بہ چپ ٻڌائي سگھندي.

6.      ھن چپ جي مدد سان انسان دنيا جي ڪھڙي بہ ھنڌ موجود ھجي، ان کي سيڪنڊن ۾ ڳولي سگھجي ٿو تہ ڪٿي ۽ ڪھڙي ھنڌ آھي.

ھن چپ ۾ ٻيا ڪيترائي اھڙا فائدا ۽ نقصان پڻ آھن، ايئن کڻي چئون تہ انسان جي ذاتي زندگي ذاتي نہ رھندي ۽ سڀ ڪجھ واضع ھوندو ۽ اھو سڀ ڪجھ واضع ڪجھ فردن تائين ھوندو، جيڪي دنيا جي ھر ماڻھو تائين پھچ رکي سگھندا، ھنن چپن تي تجربا ھلندڙ آھن 2025ع کان 2030ع تائين مارڪيٽ ۾ اچي وينديون ۽ جيڪي ملڪ اجازت ڏيندا انھن ۾ چپون ھنيون وينديون.

ايندڙ ٽيڪنالاجيءَ وارين ايجادن مان محسوس پيو ٿئي تہ انسان ڪيترو محدود ۽ چپن سميت مشينن سان ڳنڍجندو پيو وڃي، ترقي سان گڏ تباھي ڏانھن وکون پڻ وڌنديون پيون وڃن.

Previous Post Next Post