موجوده عالمي نظام ”ورلڊ آرڊر“ جي خاتمي سان قوم پرستي نظريي جو نئون اڀار ـ صوفي رحمٰن علي

جڏهن بہ تاريخ ۾ وڏيون سلطنتون زوال پذيري ٿينديون آهن تہ دنيا جي فڪري فضا بدلجي ويندي آهي، اڄ جڏهن ڪيترائي مفڪر عالمي سياست ۾ طاقت جي توازن کي تبديل ٿيندي ڏسن ٿا تہ ڪجهہ دانشور اهو بہ چون ٿا تہ شايد ايندڙ دور قوم پرستي جي ٻيهر اڀار جو دؤر جي شروعات ٿي سگهي ٿي، چيني مفڪر پروفيسر جيانگ جو خيال آهي تہ آمريڪي عالمي بالادستي جي ڪمزوري سان قومپرستي نظريو ٻيهر طاقتور ٿي سگهي ٿي ۽ خاندان، برادري ۽ مقامي ثقافتن کي ٻيهر ترتيب جو موقعو ملي سگهي ٿو، تاريخ ٻڌائي ٿي تہ جڏهن وڏيون عالمي قوتون ٽٽنديون آهن تہ ماڻهن جي سڃاڻپ ٻيهر پنهنجي مٽي ۽ ثقافت ڏانهن موٽندي آهي، ۽ عالمي سياست جو مرڪز ثقافتي ۽ تهذيبي سڃاڻپ ڏانهن منتقل ٿيندو، پھرين مهاڀاري جنگ کان پوءِ يورپ ۾ سلطنتن جي خاتمي سان ڪيترين قومي رياستن جنم ورتو، ٻئي مهاڀاري جنگ کان پوءِ نوآبادياتي دور خاتمو ٿيو ساڳئي طريقي سان قومپرستي جي بنياد تي وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا، اتر آفريڪا ۾ ننڍيون ننڍيون نيون رياستون وجود ۾ آيون ساڳي طرح سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ سينٽرل ايشيا ۾ قوم پرستي جي بنياد تي نيون رياستون وجود ۾ آيون، پر وچ اوڀر جي فڪر ۾ قوميت جو تصور صرف سياست ناهي، اهو ثقافت، اخلاق ۽ روحانيت سان بہ جڙيل آهي، محمد اقبال چيو هو تہ قوم جي طاقت صرف زمين يا طاقت ۾ ناهي، پر ان جي اخلاقي ۽ روحاني وحدت ۾ شامل آهي. اقبال جي خيال ۾ قوم جي سڃاڻپ تڏهن زندہ رهندي آهي، جڏهن ان جو فرد پنهنجي اصل ۽ قدرن سان جڙيل رهي. ساڳي طرح فارسي شاعر حافظ انسانيت کي هڪ جسم سان تشبيهہ ڏيندي لکيو تہ بني آدم اعضاي يکديگرند، يعني بني آدم هڪ ئي جسم جا عضوا آهن، هن قول مان معلوم ٿئي ٿو تہ قومپرستي جيڪڏهن انسانيت سان جڙيل هجي تہ اها اخلاقي قوت بڻجي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن اها تنگ نظري بڻجي وڃي تہ تڪرار جو سبب بہ ٿي سگهي ٿي، روحانيت جي دنيا ۾ بہ انسان کي پنهنجي جڙن ڏانهن موٽڻ جو درس ملي ٿو مولانا رومي جو خيال هو تہ انسان جڏهن پنهنجي اصل کي وساري ٿو تہ روحاني بيچيني پيدا ٿئي ٿي ۽ جڏهن هو پنهنجي سرچشمي ڏانهن موٽي ٿو تہ سڪون پيدا ٿئي ٿو، ساڳي طرح قومون بہ جڏهن پنهنجي ثقافتي روح کان پري ٿين ٿيون تہ اندروني خال پيدا ٿئي ٿو.

انهيءَ پسمنظر ۾ لڳي ٿو تہ ايندڙ عالمي دؤر شايد صرف طاقت جي نئين توازن جو نہ، پر سڃاڻپ جي نئين جستجو جو دؤر بہ هجي جيڪڏهن عالمي سلطنتن جي ڪمزوري سان قومپرستي ٻيهر اڀري ٿي تہ اصل سوال اهو ٿيندو تہ اها قومپرستي ڪهڙي نوعيت جي هوندي، ڇا اها صرف سياسي طاقت ۽ سرحدن جي قومپرستي هوندي يا ثقافت، اخلاق ۽ انسانيت سان جڙيل هڪ وسيع تصور ھوندي؟ تاريخ ٻڌائي ٿي تہ جڏهن قومپرستي تنگ نظري ۾ بدلجي ٿي تہ تڪرار پيدا ڪري ٿي، پر جڏهن اها پنهنجي ثقافتي ۽ اخلاقي قدرن سان جڙيل هجي تہ سماجن کي نئين استحڪام ۽ سڃاڻپ ڏئي سگهي ٿي، شايد ايندڙ ملٽي پولر دنيا ۾ قومن لاءِ اصل چئلينج بہ اهو ئي هوندو تہ ٽئين دنيا جي ملڪن جي ڏتڙيل قومون پنهنجي ٻوليءَ تاريخي ثقافتي ورثي بچائڻ نئي راھ ملندي پر جيڪڏهن پنهنجي وطن ٻوليءَ ثقافت ۽ تاريخ سان وفادار رهندي بہ انسانيت جي وڏي دائري کي نظرانداز نہ ڪن، ڇو تہ حقيقي طاقت صرف قومن جي بقا ۾ نہ، پر انهن جي باهمي توازن ۽ انساني هم آهنگي ۾ بہ لڪل آهي.


Previous Post Next Post