هڪ چوڻي موجب
”سچ تہ
بيٺو
نچ“ وري هڪ ٻي هنڌ هڪ اهيو پهاڪو بہ مشهور آهي تہ ”سچ جي ٻيڙي ٻڏندي ناهي“ پراڻي ڪهاڻي موجب هڪ ملڪ جي بادشاه پنهنجي
ملڪ ۾ ڪوڙ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اعلان ڪرايو
تہ جيڪو بہ
ڪوڙ
ڳالهائيندو تہ ان تي پنج هزار
دينار ڏنڊ جرم وڌو ويندو.
آڳاٽي زماني
۾ بادشاه رات يا ڏينهن، پنهنجو ويس مٽائي مختلف ڳوٺن، شهرن، دڪانن، بازارن ۾ وڃي ڪري عوام
جو حال وٺي ان جو اونت معلوم ڪندا هئا، سو هن بادشاه بہ هڪ دفعي فقيراڻي ويس مٽائي نڪتو، هلندي هلندي
هڪ حجم وٽ مانجهاندو ڪيو، حجم پرديسي مهمان سمجهي هن جي خوب خدمت چاڪري ڪئي، حال احوال
هڪ ٻئي کي ڏيندي وٺندي، بادشاه هن کان سڀ ڪجهہ
معلوم
ڪري ورتو، هڪ ڪلاڪ ڏيڍ جي اندر بادشاه موڪلاڻي ڪري پنهنجي منزل طرف روانو ٿيو، بادشاهي
محل ۾ بادشاهي ويس پائي حجم جو رڪارڊ چيڪ ڪرايو، حجم جي چوڻ موجب رڪارڊ ۾ ٿورو فرق
نظر آيو، بادشاهي حڪم مطابق حجم کي حاضر ڪيو ويو، بادشاه حجم سان مخاطب ٿيندي چيو تہ توهان رڪارڊ مطابق هڪ ڪوڙ ڳالهايو آهي، ڪوڙ
ڳالهائڻ جي ڪري توهان تي پنج هزار دينار ڏنڊ مقرر ڪجي ٿو جيڪو ڪنهن بہ صورت ۾ توهان کي ادا ڪرڻو پوندو.
بادشاه جي حڪم
کان پوءِ حجم هڪ عرض ڪيو، قبلہ مونکي بہ
پنهنجي
صفائيءَ ۾ بيان ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي، بادشاهي درٻار
۾ سوين جي تعداد ۾ ماڻهو آيل هئا، بادشاه جي طرف کان اجازت ملي وئي.
حجم چوڻ لڳو،
قبلہ مونکي ٽي پٽ آهن، هڪ پٽ فرمانبدار آهي، ٻہ پٽ نافرمان آهن، جيڪو فرمانبدار آهي انکي
پٽ تسليم ٿو ڪيان، رڪارڊ موجب مونکي گهڻي زمين آهي، پر هڪ جريب جي جيڪا کڻت اچي ٿي
ان جو پيسو مسجد جي ڪمن ڪارن ۾ استعمال ڪندو آهيان سو ان ڪري هڪ جريب (زمين) کي پنهنجي
ملڪيت سمجهان ٿو، باقي رهي ڳالهہ تہ پيسہ ڏوڪڙ مون وٽ پيسہ اڻکٽ آهن، انهن پيسن (ڏوڪڙن) مان مون 70
هزار مسجد جي تعمير ۾ ڏنا، بس ان کي پنهنجي ملڪيت ۽ دولت سمجهان ٿو، بادشاه جڏهن حجم
جون ڳالهايون ٻڌيون تہ حجم جي سچ ڳالهائڻ
تان مطمئن بہ ٿيو ۽ ان کي
کوڙ سارن انعامن سان بہ نوازي ڇڏيو.
ڏٺو وڃي تہ ماضي ۾ جيڪو ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندو هو تہ انکي ڪوڙ ڳالهائڻ تي انکي ايترو تہ ٺوڪيو ويندو هو جو هو ٻيهر ڪوڙ ڳالهائڻ جي
لاءِ پاڻ ۾جرئت ئي پيدا نہ ڪندو هو ۽ شرم وچان ڪنڌ جهڪائي هلندو هو
۽ پنهنجي سڄي زندگي ۾ ڪوڙ نہ ڳالهائيندو
هو، وقت گذرندو رهيو، زماني ۾ تبديلي ايندي رهي ۽ ماڻهن ۾ بہ تبديليون اينديون رهيون، اهڙو وقت اچي ويو
جو سچ ڳالهائڻ وارن جو انگ گهٽ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ وارن جو تعداد وڌندو پيو وڃي، هن وقت
بہ اڪثر جڳهن تي ڏٺو ويو آهي تہ جيستائين سچ سچ ٿئي تيسيتائين ڪوڙ تہ
پنهنجا
ڪم ڪڍي ڇڏيا. ڪجهہ هنڌن تي سچ
کي مات ڏئي ڪوڙ کي ترجيح ڏني ٿي وڃي.
اسان جي پياري
آقاء صلي الله عليہ
وسلم
بہ ڪوڙ ڳالهائڻ کان منع ڪئي آهي، سو
اسان سڀني کي گهرجي تہ، ڪوڙ ڳالهائڻ
کان پاڻکي پليئون ۽ هميشہ سچ ڳالهايون
ڇو تہ هڪ چوڻي موجب ”سچ تہ
بيٺو
نچ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ.“

