هڪ بليڪ ميلر
منشيات خور، مائي جو آخري ڊوز وات ۾ وجهي هڪ ڪئبين وٽ وڃي بيٺو ۽ ڪئبين تان هڪ منشيات
فروش کان اڌ پيسن تي مائو گهريائين تہ منشيات فروش مائو مهانگو ٿي وڃڻ جو ٻڌائيندي
اڌ پيسن تي مائو ڏيئڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جنهن تي بليڪ
ميلر کيسي مان موبائيل ڪڍي ڪئبين ۾ پيل مائي جو ويڊيو ٺاهي منشيات فروش کي سندس ڪئبين
۾ پيل مائي جي ويڊيو وائرل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي اڃان وڃي رهيو هو تہ پٺيان منشيات فروش
رڙ ڪندي سڏ ڪيس ۽ مائي جون ٻہ پڙيون ڏيندي چيائينس يار آئون تہ مزاق ڪري رهيو هوس...
جنهن تي بليڪ
ميلر مائي جون پڙيون وٺندي پنهنجي فتح محسوس ڪندي کِلي پيو تہ کلڻ تي وات ۾ پيل مائي
وارو پاڻي ويلن تان وهڻ لڳس، وات مان ڳڙھندڙ مائي وارو پاڻي ٻانهن سان اُگهندي چوڻ
لڳو آئون بہ مزاق ڪري رهيو هوس.