خدمت عين عبادت آهي ـ حڪيم پريم چاندواڻي

روزا نمازون، ايء پڻ چڱو ڪم،

او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينء کي۔

خلق- خدا جي خدمت افضل عبادت آهي۔ خدمت جهڙي عبادت ٻي ڪا ٿي ئي نٿي سگهي۔

نيڪي نيڪي نيڪي ڪر دستور عمل،

نيڪيء سان ئي، مان امرتا ملندي آ،

سيوا سان ملندي، خوشنودي مالڪ جي،

سيوا جهڙي، ٻي نہ عبادت هوندي آ۔

مالڪ خالق حقيقيءَ کي پنهنجي تخليق ڪيل مخلوق ڏاڍي پياري آهي، ان حد تائين جو ماءُ جي ممتا کان بہ ستر ڀيرا وڌيڪ رب پاڪ پنهنجي مخلوق سان محبت ڪري ٿو۔ ڀلي ساري ڪائنات ڏينهن رات ڪيتري بہ عبادت رياضت ڪري تہ رب پاڪ جو شان هڪ ذري برابر بہ وڌائي نٿو سگهي۔ هر ڪوئي عبادت پنهنجي ڀلائيءَ خاطر ئي ڪري ٿو۔ اها خوشي عظيم خوشي آهي جڏهن اوهان جي عمل سان ٻين کي خوشي ملي۔ خلق- خدا جي خدمت کان وڌيڪ ٻي ڪا بہ عبادت نہ آهي۔ رب پاڪ پنهنجي مخلوق کي خوش ڏسي بيحد خوش ۽ راضي ٿئي ٿو۔ پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ خلق خدا جي خدمت جو جذبو، همدردي ۽ اخلاص ختم پيو ٿيندو وڃي تنهن ڪري هر سماجي برائي تمام گهڻي چوٽي ڪري چڪي آهي۔ جڏهن بہ ڪا سروي ڪبي آهي تہ اڪثريت جي راءِ ۽ رايو ڏٺو ويندو آهي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ ڪنهن نتيجي تي پهچبو آهي يا ان جي روشنيءَ ۾ پاليسيون مرتب ڪيون وينديون آهن۔ اسان اگر اڪثريت جي روين کي ڏسون تہ اسان کي اهو ئي نظر ايندو ۽ محسوس ٿيندو تہ ماڻهن مان خوف-خدا ختم ٿيندو پيو وڃي، هرڪو مال ميڙڻ جي چڪر ۾ ايترو تہ محو ۽ مشتغرق ٿي چڪو آهي جو نيڪيءَ جي ڪمن يا عبادت لاءِ کيس وقت ئي نٿو ملي۔ وڏي ۾ وڏي خراب ڳالهہ تہ گناه کي گناه سمجهڻ ئي ماڻهن وساري ڇڏيو آهي، عبادت بہ ڄڻ ڏيکاؤ خاطر ڪئي وڃي ٿي، جيئن چوندا آهن تہ رام رام جپنا، پرايا مال اپنا۔ اهڙا ئي رويا ۽ عمل نظر اچن ٿا جو هٿ ۾ ڀلي تسبيح هجي پر دل ۾ بدنيتي هوندي۔ جيڪي ماڻهو وياج کائيندا آهن اهي چوندا آهن تہ اهي پيسا اسان نياڻيءَ کي ڏاج ۾ ڏينداسين يعنيٰ دان ڪري ڏينداسين پر کين اها خبر نہ آهي تہ حرام جي پيسي مان دان يا خيرات ٿيندي ئي ناهي،  جيڪڏهن اهڙي خيرات ڪبي تہ اها قبول نہ پوندي۔ ڪي وري حد کان وڌيڪ رشوت وٺندا آهن، وري اهو سوچي خيرات يا نياز ڪندا آهن تہ خيرات قبول پوندي تہ گناه ڌوپجي ويندا، ٻين لفظن ۾ حرام جو مال حلال ۾ تبديل ٿي ويندو۔ خيرات بہ اها قبول ٿيندي آهي، جيڪا بي غرض بغير ڪنهن ذاتي مفاد لاءِ ۽ حلال دولت مان ڪئي وڃي۔

اسپتالون، اسڪول، مسافر خانا يا خيراتي گهر قائم ڪري اسان خلق خدا جي بهترين خيراتي ڪم ڪري سگهون ٿا۔ وڻ پوکي يا پيئڻ جي پاڻيءَ جو بندوبست ڪري بہ اسان عوام جي بهتر خدمت ڪري سگهون ٿا۔ حديث شريف آهي تہ عملن جو دارومدار نيتن تي آهي۔ جيڪڏهن اسان جي نيت نيڪ آهي ۽ اسان خدمت جي جذبي سان سرشار آهيون۔ ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ همت ۽ حوصلي کان ڪم وٺندي ابتدائي قدم کڻون ٿا تہ قدرت طرفان اسان کي مدد ملندي رهندي جيستائين اسان جو اهو منصوبو مڪمل ۽ ڪامياب ٿي نٿو وڃي۔ تنهنڪري اهو چوڻ غلط نہ ٿيندو تہ هر ڪم نيت جي سچائي ۽ محبت سان ڪرڻ گهرجي تہ يقينن ڪاميابي نصيب ٿيندي۔

سخيءَ کي الله پاڪ تمام گهڻو پسند ٿو ڪري۔ سخي الله پاڪ جو دوست آهي۔ سخاوت اها ٽاري آهي جيڪا بهشت ۾ وٺي وڃي ٿي ۽ بخيلي اها ٽاري آهي جيڪا بخيل کي دوزخ ڏانهن وٺي وڃي ٿي۔ جيڪڏهن هر شخص سخاوت ڪري تہ جيڪر دنيا ۾ ڪوبہ بکيو نہ سمهي نہ ئي بک وگهي مري وڃي۔ سخاوت ۽ خيرات جي شروعات پنهن جي گهر، پنهن جي عزيزن، پاڙيسرين ۽ ان بعد پنهنجي شهر واسين ۽ ديس واسين تائين مدد يا خيرات پهچائجي۔ جيڪڏهن ڪو بکيو نہ هوندو تہ ڏوھ ختم ٿي يا تمام گهڻا گهٽجي ويندا۔ بد امني بک بدحالي، بيروزگاريءَ جي سبب ئي وڌي ٿي۔ جيڪڏهن هر مومن صحيح زڪوات ڏيڻ شروع ڪري تڏهن بہ جيڪر بک بدحالي ۽ بيروزگاري ختم ٿي وڃي۔

سٺيون سٺيون ڳالهيون تہ هر ڪو ڪري ٿو پر ضرورت آهي انهن تي نيڪ نيتي ۽ پوري سچائيءَ سان عمل ڪرڻ جي۔ جڏهن انهن تي عمل ڪيو ويندو تہ هيءَ ساري دنيا جنت نظير بنجي ويندي۔ سخيءَ ۽ همدرد انسان کي اڳتي بہ جنت ئي نصيب ٿيندي۔

بي لوث خدمت ئي سڀ کان افضل ۽ اهم عبادت آهي۔

خدمت عين، عبادت آهي،

سخاوت سان ملندي ولايت آهي۔

Previous Post Next Post