مومل راڻي جي آخري آرامگاھ ـ مهر فقير

شاه جي سورمين منجهان مومل بہ هڪ اهڙي سورمي آهي، جيڪا راڻي جي پويان ڪاڪ محل کان نڪري امرڪوٽ پهچي ٿي اهو هڪ وڏو قصو آهي، جيڪڏهن اهو قصو لفظ بہ لفظ لکبو تہ وڏي ڊيگھ ٿي ويندي سو ڪوشش ڪبي تہ قصي کي مختصر ۽ معنيٰ خيز تحت لکجي پر هتي شاه جي ٻين سورمين جو بہ تعارف ڪرائيندو هلان.

عمر مارئي، سسئي پنهون، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي، سورٺ راء ڏياچ، سهڻي ميهار، ليلان چنيسر

هي جيڪي بہ سورميون آهن انهن جي زندگي، انهن جو مقصد، انهن جو ماڳ مڪان، انهن جون آخري آرام گاهون هڪ ٻئي کان بلڪل ئي مختلف آهن، جن کي شاه صاحب انسانن جي رهنمائي خاطر ڳائي امرتا بخشي آهي. جيڪي اڄ بہ شاه جي بيتن ۽ شاه جي رسالي منجھ ترتيب ڏنل سرن منجھ ڪيئي صديون گذرڻ باوجود بہ زنده آهن جتان اسان کي منزل خاطر رهنمائي ملي ٿي.

مومل راجا نند نالي هڪ بادشاه جي ڌيءَ هئي جيڪو ميرپور ماٿيلي جو راجا هو ۽ ذات جو گجر هيو کيس 09 نَوَ ڌيئرون هيون پر مومل مڙني کان سونهن ۾ سرس ۽ سومل وري سڀني کان سياڻپ ۾ سوائي هئي .

سونهن منجھ سڀ کان مٿي هئي مومل

ڏاهپ عقل ڏات ۾ سرس سوائي سومل

جوڙي طلسماتي محل گهايائون گهوٽن کي

مهر فقير

راجا وٽ ڪنهن جانور جو طلسمي ڏند هو جنهن جي جادوءَ تي هو درياه جي پيٽ ۾ پنهنجو خزانو پوري ڇڏيندو، هو هڪ ڀيري ڪو جادوگر پينو فقير جو روپ وٺي راجا جي غير موجودگيءَ ۾ اهو طلسمي ڏند مومل کان دوکي سان حاصل ڪري بادشاه جو درياه ۾ لڪايل سمورو خزانو ڪڍي چورائي ويو .اها خبر جڏهن راجا نند کي پيئي تہ مومل تي ڏاڍو ناراض ٿيو پر سومل جي سياڻپ مومل کي مهلت ڏياري ۽ پيءُ کي ان کان وڌيڪ خزاني ڏيڻ جو واعدو ڪيائين. سومل جادوءَ جي ڪمن ۾ گهڻي هوشيار هئي سو ويهي ويچار ڪيائين تہ ڪو اهڙو منڊ منڊجي جو خزانو هٿ ڪري سگهجي اها سٽ سٽي ڀينرن ٻانهين ۽ نوڪرياڻين کي ساڻ ڪري ميرپور ماٿيلو ڇڏي جيسلمير ويجهو لڊاڻي شهر ڀرسان ڪاڪ نديءَ جي ڪناري تي وڃي هڪ طلسمي رنگ محل ٺهرايائين هن محل جي چوڌاري هڪ پرڪشش باغ رکرايو ويو. هن باغ ۾ اهڙا تہ ورن وڪڙن وارا ڏکيا رستا ٺهرايا ويا جو هڪ ڀيرو جيڪڏهن ڪو ڀلجي پيو تہ ٻيهر ان کي واٽ ملڻ مشڪل ٿيو پئي محلات جي مُهڙ / منڍ وٽ وري هڪ شيشي جو تلاءُ ٺهرايو ويو جنهن ۾ طلسمي پاڻيءَ جو وهڪرو ڏسڻ ۾ ٿي آيو محلات جي چئني طرفن کان جادوئي جانورن جي آوازن ماڻهن جي مت منجهائي ٿي ڇڏي. مهمان خاني ۾ هڪ جهڙيون کٽون رکيل هيون جن مان هڪ پڪي سُٽ جي ۽ باقي ڪچي سُٽ جون واڻيل هيون کٽن جي هيٺان گهرا ۽ خوفناڪ کوه کوٽيل هئا جن جي تري ۾ لوهي ڪِل لڳل هئا .

ڪاڪ ڪناري قتلام جي آيا سي اڌ

ناتر سندي نخرن پڄايا ڪين پنڌ

مومل مرڪن مڌ ماڻيا وڃي مينڌري

مهر فقير

مومل جي سُونهن جو ٻڌي گهڻائي شوقين شهزادا پري پري کان ڪهي مومل ماڻڻ لاءِ ايندا هئا انهن ۾ هڪ راڻو مينڌرو بہ هو. راڻو نهايت هوشيار ۽ بهادر شخص هو هڪ ڏينهن اهو مومل ماڻڻ لاءِ لُڊاڻي اچي پهتو راڻي جي پهرين ملاقات مومل جي خاص ٻانهيءَ ناتر سان ٿي ناتر راڻي کي ڀلائڻ لاءِ طرحين طرحين جون چالبازيون ڪيون پر راڻي جي سياڻپ کان بچي نہ سگهي آخرڪار راڻو پنهنجي سياڻپ ۽ سورهيائيءَ سان ڪاڪِ جو سمورو طلسمي ماحول پار ڪري وڃي مومل وٽ پهتو ايئن هنن ٻنهي جي شادي ٿي وئي .

راڻا چندن چاريان چڙهي اچ چانگي

من ماندو مينڌرا پيو تن تڙپي تانگهي

سرچ ڪنهن سانگي مري ويندء مومل الا

مهر فقير

ڪجھ عرصو مومل سان گڏ رهڻ کان پوءِ مومل کي واپس ورڻ جا اقرار انجام ڏئي راڻو پنهنجي وطن واپس وريو. جڏهن پنهنجي ملڪ ڍٽ پهتو تہ ڍٽ جي حاڪم هَمير سومري راڻي کي قيد ڪري ڇڏيو ڪجھ وقت کانپوءِ ڪن چڱن جي چوڻ تي بادشاه همير راڻي کي قيد مان آزاد ڪيو .

ڪاڪ ڪنڌيءَ ڪهي آ راڻا سگهو رس

توبن من مينڌرا جيون ۾ نہ چاه چس

ڇو وساري ويٺين گس مل لهي ماندائي

مهر فقير

هڪ رات راڻو وجھ وٺي مومل جي  ماڙيءَ تي پهتو جتي ڏٺائين تہ مومل سان گڏ هڪ شخص مرداڻي ويس ۾ ستل هو ان تي راڻو پنهنجو لڪڻ مومل جي ڀر ۾ نشانيءَ طور رکي واپس ڍٽ موٽي ويو .

موهي من مينڌري جو ستينء سومل ساڻ

مومل سو موٽي ويس صفا ڀري ٿيڙس ڀاڻ

هلي نہ ايندس هاڻ ڪڏهن وري ڪاڪ تي

مهر فقير

دراصل ان رات مومل جي ڀيڻ سومل مرداڻا ڪپڙا پائي ساڻس گڏ سُتي هئي صبح جو جڏهن مومل جاڳي تہ پنهنجي ڀرسان لڪڻ ڏسي هڪدم سمجهي وئي تہ راڻو رات آيو هو ۽ سومل کي مرداڻي ويس ۾ غير مرد سمجهي رُسي ويو آهي پوءِ تہ راڻي پٺيان گهڻائي قاصد موڪليائين پر رٺل راڻو نہ موٽيو.

گهائي وڌء گهڙيء منجھ رمزن ساڻ راڻو

اچي سهڙيو آڌيء جو لالڻ سو تہ لڊاڻو

تون هنڌ وڇائي وهاڻو ستينء سومل سان

مهر فقير

نيٺ مومل کان وڌيڪ اوسيئڙو سَٺو نہ ٿيو سو اٽڪل ڪري ويس بدلائي وڃي راڻي جي ملڪ امرڪوٽ پهتي جتي ماڙي يا محل تيار ڪرائي رهڻ لڳي ۽ ايئن ڪنهن حيلي بهاني راڻي کي سڄي حقيقت ٻڌايائين ,

ڇڏي محل ماڙيون ڪاڪئون آيس ڪهي

معاف ڪر سو مينڌرا ٺاه  ڪر ڪو ٺهي

ويندء مومل مري ڏسندين کيس ڏاگھ تي

مهر فقير

مومل راڻي جي ھلت ۽ رويو ڏسي آخرڪار ڏاڍي نراس مايوس ۽ بيزار ٿي وئي تنهنڪري باه جو ھڪ مچ تيار ڪرائي پاڻ کي ان ۾ اڇليائين راڻي کي جڏھن اھا خبر پئي تہ ھو بہ ڊوڙندو اچي اتي پهتو پر تڏھن گهڻي دير ٿي وئي ھئي انڪري پاڻ بہ ان مچ ۾ ٽپي پيو ۽ مومل سان ملي مٽي ۽ خاڪ ٿي ويو. چکيا چڙهي امر ٿيا ڳائجن اڄ بہ راڳ

ماڻيائون ايئن ماڳ محبت ۾ مهر فقير چئي

مومل جي ماڙي (ھڪ افسانوي محل) جنهن جا هن وقت صرف کنڊر باقي آھن مومل جي ماڙي جا قديم کنڊرات گهوٽڪي کان 11 ڪلوميٽر اوڀر طرف ماٿيلو ۾ آهن هي ماڙي (حويلي) 15 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ هڪ ٽڪريءَ تي واقع آهي. ھي ماڙي 15 ايڪڙ پکيڙ تي پکڙيل آھي ۽ پهاڙي توڏن تي واقع آھي ان توڏن کي 12 ايڪڙ ايراضي تي ڪچي پڪي سِرُن تي گهرَ ۽ جهڳيون تي مشتمل جهوپڙيون آھن جڏھن تہ ڏکڻ اولھ طرف ۾ باقي 3 ايڪڙ ايراضي غير آباد آھي

ميرپورماٿيلي جي ڀرسان مومل جي ماڙي اڄ بہ موجود آهي پر زميني ۽ آسماني حالتن سبب آهستي آهستي ميسارجي رهي آهي جڏهن تہ اڃان ڪجھ دڙا باقي آهن ۽ پر افسوس جو انهن جي بہ ڪا خاص سار سنڀال ناهي جڏهن تہ سرڪار ۽ آثار قديمہ طرفان مومل جي ماڙي ماٿيلو جي نالي سان هڪ ميوزيم پڻ جوڙيو ويو آهي. جتي هيل تائين ڪيل کوٽائي بعد هٿ آيل ان دور جو سامان ٺڪرن جا ٿانو، پيالا، هٿيار، دلا، مٽ، زيور، خنجر وغيرہ سياحن جي دلچسپي خاطر محفوظ ڪري رکيا ويا آهن ۽ هڪ وڏي مٽي جي چبوتري يا ٿنڀ کي ماڻهن جي مٿي چڙهي ميسارجڻ کان بچاءَ لاءِ لوهي تارون ڏنيون ويون آهن جيڪو هڪ ساراه جوڳو عمل آهي ڇو تہ مان جتي جتي ويو آهيان، اتي اتي ماڻهن کي راند ڪندي ڊوڙون پائيندي ۽ تاريخي ماڳن جو نقصان ڪندي ڏٺو اٿم ڇو تہ اڪثريت عبرت خاطر نہ پر تفريح خاطر انهن ۽ اهڙن ماڳن مڪانن تي ويندي آهي ان کان علاوہ هتي جيڪي بہ مختلف وڻ بيٺل آهن خاص ڪري کبڙ جا وڻ سي بہ آثار قديمہ وارن جي نظرداريء سبب بچيل آهن. جيڪي هڪ حساب سان اتان جي سونهن آهن ڇو تہ مومل جي ماڙي آثار قديمہ وارن جي ڪنٽرول هيٺ آهي هتان جا ماڻهو اڪثر چوندا آهن تہ خاص ڪري برساتين جي موسم ۾ انهن کي انهيءَ دور جو سامان ملندو آهي ڇو تہ تيز برساتين ۾ مٽي ڳرندي ۽ پاڻي سان گڏ وهڻ شروع ڪندي آهي تہ ان وقت ماضي ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. هوڏانهن امرڪوٽ ۾ جتي مومل ڏاگھ يا چکيا تيار ڪرائي منجهس سڙي ۽ پويان راڻو بہ اچي رسيو ان جاءِ کي بہ مومل جي ماڙي چون ٿا. جيڪا امرڪوٽ جي الهندي طرف ڪنري روڊ تي موجود آهي جتي بہ هاڻي قبضن تحت والار ٿي رهي آهي ها هونئن بہ ڪنهن حد تائين اسان سنڌي سنڌ دشمني وارو ڪردار ادا ڪندي سنڌ کي هر طرح سان تباه ڪندا آيا آهيون ۽ رهون پيا .

ڍوليا ڍٽ ڌڻي راڻا سگهو رس

مومل تي مينڌرا تڪڙو ڪر ترس

چاهت چنتا چس ور ڪر واهر الا

مهر فقير

اسان ٻيو تہ ٺهيو پر قبرستانن درگاهن مزارن قديمي تاريخي دڙن ماڳن مڪانن جي تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام تہ آهيون ئي آهيون پر وڏو الميو اهو آهي جو انهن تي قبضا ڪري نالو نشان ختم ڪرڻ ۾ بہ ڪا ڪسر نہ ڇڏيندا آهيون سو هتي جي انهن ۽ اهڙن راتاهن جو ذڪر ڪندس تہ تحرير وڏي ٿي ويندي سو بس ايترو چوندس تہ خدارا شاه جي هنن ڪردارن جي سار لهو ڪا سنڀال ڪريو اهوئي هن تحرير جو تت مقصد ۽ مفهوم آهي.

آخر ۾ مڙني پڙهندڙن کي التماس تہ جيڪڏهن هن تحرير منجھ ڪا ڪمي ڪوتاهي هجي تہ مهرباني ڪري هن فقير جي رهنمائي ڪرڻ فرمائيندا .

Previous Post Next Post