ـ14 مارچ تي سڄي دنيا ۾ درياهن جو عالمي ڏينهن ملهايو
ويندو آهي، هن ڏينهن جو مقصد ماڻهن ۾ درياهن جي اهميت ۽ انهن جي حفاظت بابت شعور پيدا
ڪرڻ آهي، درياه قدرت جو وڏو تحفو آهن، جيڪي انسانن، جانورن ۽ پوکن لاءِ زندگيءَ جو
بنيادي ذريعو آهن، جيڪڏهن درياه صاف ۽ محفوظ نہ
رهندا
تہ انسان جي زندگي بہ خطري ۾ پئجي سگهي ٿي.
ڌرتيءَ تي ھر
ساھ واري شيءِ لاءِ زندھ ھجڻ جو سبب پاڻي آھي،
جتي
پاڻي ناھي اتي رڃ سڃ ئي واڪا ڪندي ڏسجي ٿي. درياءَ
ڌرتيءَ جو جياپو آھن، دنيا ۾ ڪيترين
ئي عظيم تھذيبن دريائن تي جنم ورتو، جن ۾ سنڌو تھذيبَ
پڻ ھڪ آھي. جنھن سنڌو درياءَ تي جنم ورتو ۽ ھزارين سالن کان
آباد آهي.
درياءَ ڪروڙين
انسانن جي جياپي سان گڏ آبي جيوت جو جيئدان پڻ آھن،
جن
۾ مڇيءَ جا ڪيترائي قسم، پکين جانورن، وڻن ٻوٽن سان گڏ زير زمين موجود پاڻيءَ لاءِ
اھم ڪردار ادا ڪري ٿو، ان سان گڏ سنڌ
جي اھم معاشي حب زراعت لاءِ پاڻي فراھم ڪري ٿو،
جنھن
۾ اناج جي اھم فصل سان گڏ ٻيا ڪيترائي فصل شامل آهن.
جن
جي اپت سان سنڌ جو ماڻھو پنھنجون معاشي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو.
سنڌو درياءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏن دريائن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪو جبل بر پٽ لتاڙي تقريبن ٽي ھزار ميل
ڊگھو سفر ڪري سمنڊ سان ملي ٿو. ھن وقت دنيا
۾ ڪجھ درياءَ بچيا آھن، جيڪي پنھنجو
سفر مڪمل ڪري سمنڊ ۾ شامل ٿين ٿا، جن ۾ ”سنڌو
درياءَ“ بہ
شامل
آهي.
سنڌو درياءَ
پنھنجي اوج واري وھڪرن جي سفر دوران ڪيترين ئي ڍنڍن ڍورن کي بحال ڪري ٿو. درياءَ جي بندن يا ان سان گڏ موجود پاڻيءَ جون ڍنڍون
پڻ پنھنجن علائقن کي پاڻيءَ جي فراهمي سان گڏ فطرت جو حسين روپ آھن.
ڊيلٽا سمنڊ
۽ دريائن جي ميلاپ وارن علائقن کي چيو ويندو آھي،
جتي
درياءَ جبلن بر پٽن ڪيترائي منرلز لٽَ جي صورت آڻي ڊيلٽا کي ٺاھي ٿو ۽ سمنڊ کي اڳتي
زرعي توڙي انساني آبادي ڏانھن وڌڻ کان روڪي ٿو. گذريل
ڪيتري ئي عرصي کان ڊيلٽا کي پاڻي نہ ملڻ سبب سمنڊ
وڏيون تباهيون ڪري رھيو آھي.
موسمي تبديليءَ
سبب برساتن جو سلسلو گھٽڻ يا گليشيئر جي نہ ڳرڻ سبب درياءَ سال ۾ چند مھينا مشڪل سان
پاڻي ٻوڏ جي صورت ۾ موجود ھجڻ ڪري ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سمنڊ ڏانھن سٺي مقدار ۾ پاڻي ڇڏيو
ويندو آھي.
سال جي باقي
مھينن ۾ سنڌو درياءَ تي ڪئنالن، ڊيمن
۽ بئراجن جي پورت ڪرڻ ڪري ڪوٽڙيءَ کان هيٺ
پاڻي ڇڏڻ جيترو ناھي بچندو. 1991جي پاڻي ٺاھ
مطابق تقريبن پنج ھزار ڪيوسڪ پاڻي روزاني جي بنياد تي ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ سمنڊ ڏي
ڇڏڻ ضروري آهي پر سنڌو درياءَ۾ پاڻي کوٽ سبب صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ
پيئڻ
جو پاڻي ڇڏيو ويندو آھي.
ڊيلٽا کي پاڻي
نہ ملڻ سبب ٺٽي، بدين، سجاول
ضلعن جي لکين ايڪڙ آباد زمينن سان گڏ ڪيترائي وڏين انساني آبادي رکندڙ شهر ڳوٺ سمنڊ
پائي رهيو آھي، زراعت ۽ مڇي جي روزگار کسجڻ سبب
لکين ماڻھو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، لکين ايڪڙن
تي مشتمل تمر جا ٻيلا پڻ پنهنجو وجود وڃائي ويٺا آهن.
ماحولياتي ۽
پاڻي ماھرن جي تحقيق مطابق ٺٽي، بدين ۽ سجاول
ضلعن جي بقا لاءِ ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻي ڇڏڻ انتھائي ضروري آهي، زندگيءَ
جي هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻھو پنھنجي جياپي درياءَ جي وجود جي بقا لاءِ احتجاج ڪري
رھيا آھن.
پوري سنڌ ۾
زرعي پيدوار لاءِ پاڻي جي شديد
کوٽ ۽ سج جي تپش سخت گرمي سبب ڪيترائي طيار فصل سڪي سڙي رھيا آھن، آبي جيوت، جانورن توڙي انسانن جي پيئڻ لاءِ
پاڻيءَ جي فراهمي مشڪل نظر اچي رھي آھي، پاڻي جي گھرج
سبب وڏن منصوبن جي تعمير سميت سنڌو کي نقصان ڏيندڙ سببن تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪرڻ جي
سخت ضرورت آهي، پاڻي جياپو آھي ۽ وھندڙ درياه ڌرتيءَ لاءِ جياپو روحاني ۽ ثقافتي سگھ پڻ آھن، انھن
تي ڪنھن بہ قسم جون رڪاوٽون ڌرتيءَ تي پاڻيءَ جي خاتمي
جو اھم سبب بڻجنديون ۽ ھر ساھ واري شيءَ
سخت
متاثر ٿيندي.
زراعت مڪمل
طور تي ختم ٿي ويندي: ڍنڍون سڪي وينديون زير زمين پاڻي ختم ٿي ويندو ھر قسم
جي جيوت جي خاتمي سان گڏ انڊس ڊيلٽا پڻ ختم ٿي ويندو،
جيڪو
اڳ ئي پاڻي نہ پھچڻ ڪري شديد
متاثر آھي.
درياھن جو عالمي
ڏينهن تي اسان کي اھو وچن ڪرڻ گھرجي تہ صاف، محوظ
۽ زنده وھندڙ درياھ لاءِ گڏجي ڪوششون ۽ ڪم ڪجي.

