پاڪستان ۾ پيٽرول جون وڌندڙ قيمتون ۽ معاشي اثر ـ اعجاز ممنائي

پاڪستاني حڪومت اولھ ايشيا/ ايران ۾ ھلندڙ جنگ سبب پيدا ٿيل صورتحال جو بھانو ڪندي پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون 55 روپيا وڌايون آھن. جيڪو قوم مٿان ڪنهن ائٽم بم کان گهٽ ڪونهي ڇوتہ تيل جون قيمتون عالمي مارڪيٽ ۾ ڪروڊ آئل جي اگھ جي بنياد بجاءِ ڏيڍ مھينو اڳ ڪروڊ آئل جي بنياد تي طئي ٿينديون آھن. مطلب جيڪڏھن اڄ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪروڊ آئل نوي ڊالر جو آھي تہ ان قيمت جو پاڪستان ۾ تيل جي قيمتن تي اثر ڏيڍ مھيني کانپوءِ پوندو. اھو ان ڪري جو جيڪڏهن اسان اڄ ڪروڊ آئل جو سودو نوي ڊالر في بيرل ڪنداسين تہ ان اگھ تي خريد ڪيل تيل جو جھاز مھيني کان پوءِ ڪراچي پھچندو، ان ڪري اھو تيل ان اگھ تي وڪرو ٿيندو.

اڄ کان ڏيڍ مھينو اڳ ڪروڊ آئل جي في بيرل قيمت سٺ ڊالر ھئي. ان ڪري اڄ جيڪو تيل پاڪستان ۾ موجود آھي سو جنگ جي صورتحال کان اڳ ۽ سستو خريد ڪيل آھي، ان جي باوجود سرڪار سرمائيدارن کي نوازي غريب طبقي کي عذاب هيٺ آندو آهي۔ هن وقت سعودي عرب ۾ 172 روپيہ في لٽر، متحدہ عرب امارات 186 روپيہ في لٽر. عمان ۾ 172 روپيہ في لٽر. قطر ۾ 144 روپيہ في لٽر. ايران 5.30 روپيہ في لٽر، جڏهن تہ پاڪستان ۾ 321 روپيہ في لٽر وڪرو ٿي رهيو آهي. ايران، چين، ڀارت، بنگلاديش، ۽ عرب جي مختلف ملڪن ۾ اڃا تائين پئٽرول جي قيمتن ۾ واڌ نہ ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن اسان ڳالهہ ڪريون، دنيا ۾ پئٽرول جو ڀاڙو 130 ڊالر في بيرل هو، ان وقت پاڪستان ۾ پئٽرول 100 رپيا في ليٽر ۾ دستياب هو. اڄ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل تقريباً 90–93 ڊالر في بيرل آهي، پر پاڪستان ۾ پئٽرول تقريباً 321 رپيا ۽ ڊيزل تقريباً 339 رپيا في ليٽر تائين پهچي چڪو آهي. دلچسپ ڳالهہ اها آهي تہ 2014 ۾ جڏهن تيل تقريباً 100 ڊالر في بيرل هو تہ پاڪستان ۾ پئٽرول تقريباً 110 رپيا ۽ ڊيزل تقريباً 115 رپيا في ليٽر هو. يعني عالمي قيمت تقريباً ساڳي آهي، پر عوام جي جِيبي تي بوجھ ڪيترا ڀيرا وڌيڪ آهي. لڳي ٿو مسئلو تيل جو نہ آهي، صرف مهانگو ڪرڻ جو بهانو آهي. ان کان بہ وڏو ڌاڙو ھي آھي تہ وفاقي حڪومت پيٽرول تي 115 رپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي ۽ ڊيزل تي 55 رپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي وٺي ٿي. يعني اوھان جڏھن 321 رپين ۾ ھڪ لٽر پيٽرول وٺو پيا تہ ان ۾ 115 رپيا وفاقي حڪومت جو پيٽروليم ليوي ٽيڪس آھي. جيڪو غير آئيني ۽ صوبن توڙي عام ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو آھي. ڇو تہ پيٽروليم ليوي جو ٽيڪس اين ايف سي ھيٺ گڏ ٿيندڙ ٽيڪسن جي ورڇ جوڳي پول ۾ شامل ڪرڻ بجاءِ وفاقي حڪومت پنھنجي کيسي ۾ وجھي ٿي. جڏھن تہ ٿيڻ ائين گھرجي تہ پاڪستان ۾ ڪٿي بہ ڪنھن شڪل ۾ سواءِ صوبائي ٽيڪسن، ٻيا ٽيڪس ورڇ جوڳي پول ۾ گڏ ڪري پوءِ صوبن ۽ وفاق وچ ۾ ورھايا وڃن.

ھڪ اندازي موجب وفاقي حڪومت پيٽروليم ليوي وغيرہ جي مد ۾ ھر سال ٻہ ھزار ارب گڏ ڪري ٿي پر پوءِ بہ رڙيون ڪري ٿي تہ صوبا اين ايف سي جي ورڇ جوڳي پول مان اڌ حصو کڻن ٿا. هونءِ بہ ٻارڻ تقريباً هر معاشي سرگرمي جو بنيادي جزو هوندو آهي. جڏهن پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌن ٿيون تہ پيداوار ۽ ٽرانسپورٽ جا خرچ پڻ وڌي وڃن ٿا، جنهن سبب مجموعي مهانگائي بہ وڌي وڃي ٿي. هن وقت دنيا جي ڪل تيل جي ترسيل جو تقريباً پنجون حصو آبنائي هرمز مان گذري ٿو، جنهن ۾ سعودي عرب، عراق، ڪويت، گڏيل عرب امارات ۽ قطر مان برآمدات شامل آهن.

پاڪستان وچ اوڀر جي خام تيل تي تمام گهڻو انحصار ڪري ٿو ۽ ان جي توانائي جي درآمد جو گهڻو حصو هن رستي مان گذري ٿو، تنهنڪري اتي ڪا بہ رڪاوٽ ملڪ جي ايندھن جي فراهمي کي سخت متاثر ڪري سگهي ٿي. گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات دوران، پيٽروليم وزير علي پرويز ملڪ پاڪستان جي توانائي جي فراهمي جي زنجير کي برقرار رکڻ لاءِ هنگامي منصوبن تي بحث ڪيو. سعودي عرب اشارو ڏنو تہ ينبو جي ڳاڙهي سمنڊ جي بندرگاه ذريعي سپلاءِ جو بندوبست ڪري سگهجي ٿو، جيڪو خليج جي شپنگ لين جي بندش جي صورت ۾ هڪ مؤثر متبادل هوندو. پاڪستان روزاني جي بنياد تي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ تہ پاڪستان جي توانائي جي فراهمي جو گهڻو حصو آبنائي هرمز ذريعي ملڪ تائين پهچندو آهي. سعودي سفير پنهنجي حمايت کي ورجائيندي چيو تہ بادشاهت صورتحال کان واقف آهي ۽ ڪنهن بہ هنگامي صورتحال ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل هوندي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جا ڊگهي عرصي کان اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن. علي پرويز ملڪ موجب، سعودي آرامڪو پڻ پيٽروليم شين کي ينبو پورٽ کان پاڪستان جي سامونڊي سرحدن تائين هڪ وڏي جهاز ذريعي پهچائڻ جو يقين ڏياريو آهي، جڏهن تہ ٻہ پاڪستاني جهاز ينبو ۽ فجيرہ بندرگاهن لاءِ روانا ٿي ويا آهن. هن چيو تہ توانائي جون قيمتون دنيا ۾ تيزي سان وڌي رهيون آهن. جڏهن تہ پهرين مارچ تي پيٽروليم شين جي قيمتن تي نظرثاني ڪئي وئي تہ پيٽرول جي قيمت 78 ڊالر في بيرل هئي. جڏهن تہ ڊيزل جي قيمت 88 ڊالر في بيرل هئي. 6 مارچ تائين، پيٽرول جي قيمت 106.80 ڊالر تائين وڌي وئي هئي ۽ ڊيزل جي قيمت تقريبن 150 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي هئي. پيٽروليم وزير چيو تہ موجودہ صورتحال ۾، حڪومت کي قيمتون وڌائڻ جو ڏکيو فيصلو ڪرڻو پيو آهي. جيئن ئي عالمي مارڪيٽ ۾ صورتحال بهتر ٿيندي، قيمتون ٻيهر گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي۔

اسان وٽ ظلم اهو آهي تہ پئٽرول وڌندي ئي روزمرہ جي استعمال جي شين جي قيمتن ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو وڃي ٿو۔ يوٽيلٽي اسٽورن ۽ ٻين سهولتن جي قيمت وڌي وڃي ٿي ۽ جڏهن گهٽائڻ جي ڳالهہ اچي ٿي تہ شين جي کوٽ ڄاڻائي بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳن ٿيون۔ پاڪستان اڳ بہ اهڙا کوڙ سارا دور ڏسي چڪو آهي، جتي توانائي جي قيمتن ۾ واڌ مهانگائيءَ جو وڏو سبب بڻي آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل سڌو سنئون عوامي ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪس ۽ مال برداري تي اثر انداز ٿين ٿا. ٻارڻ جون قيمتون وڌن ٿيون۔ ٽرانسپورٽر ڀاڙا وڌائين ٿا۔ سامان جي آمدورفت جا خرچ وڌن ٿا۔ خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو۔ ڀاڄيون ۽ ميوا مهانگا ٿي وڃن ٿا۔ اٽي جي قيمت وڌي ٿي۔ تعليم، صحت يا بچت لاءِ گهٽ پيسا بچن ٿا۔ غربت جو خطرو وڌي وڃي ٿو مزدورن کي ڪم تان هٽايو وڃي ٿو مطلب تہ اهڙي صورتحال معاشي واڌ کي سست ڪري سگهي ٿي. ائين ڪمزور معيشت سماجي بيچيني يا پاليسي ۾ تبديلي جو سبب بڻجي وڃي ٿي۔ ان ڪري حڪومت کي فوري طور هنگامي بنياد تي پئٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ٻي صورت ۾ عوامي ردعمل تمام گهڻو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو ڇوتہ هن وقت عوام حڪمرانن مان بيزاريءَ جو اعلان اڳواٽ ڪري چڪو آهي۔


Previous Post Next Post