اوليائن ۽ درويشن جي ڌرتي سنڌ جي صوفياڻي تاريخ ۾ حضرت
سچل سرمست رح هڪ اهڙو روشن ستارو آهي، جنهن پنهنجي
بي باڪي، سچائي
۽ فڪري جرئت سان گڏ سندس جي شاعري ۽ فلسفي جو بنيادي محور رڳو ۽ رڳو ”سچ“ رکيو
آهي. سائين
سچل سرمست سنڌ
جي خيرپور ميرس ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ درازا ۾ 1739ع ۾ پيدا ٿيا. سندس جو اصل
نالو ”عبدالوهاب“
هو. سندن
والد جو نالو ميان صلاح الدين هو. سندن لقب ”سرمست“
ان
ڳالھ جي علامت آهي تہ هو سچ جي نشي
۾ اهڙا تہ مست هئا جو کين دنياوي مصلحتن جي ڪا بہ پرواھ نہ
هئي. سچل
سائينءَ جو تعلق پڻ هڪ علمي ۽ روحاني گهراڻي سان هو، جنهن
ڪري کين ننڍپڻ کان ئي مذهبي ۽ صوفياڻي تعليم ملي.
حضرت سچل سرمست
14 رمضان المبارڪ 1242ھ بمطابق 1827ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندن آخري آرامگاھ پڻ درازاه شريف ۾ آهي، جتي
هر سال رمضان جي 13، 14 ۽ 15 تاريخ تي سندن عاليشان عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي.
سچل سائينءَ
جي شاعريءَ جو مرڪزي خيال ”وحدت الوجود“ آهي. پاڻ
کليل لفظن ۾ ان تعليم کي عام ڪيو تہ هر شيءِ ۾ ان
خالق جو جلوو آهي. جڏهن انسان پنهنجي انا
کي ختم ڪري ”حق“ کي سڃاڻي ٿو، تہ هو سچائيءَ جي ان مقام تي پهچي ٿو جتي کيس
هر طرف سچ ئي سچ نظر اچي ٿو.
”مان جوئي آهيان، سوئي
آهيان.“
سندن مشهور
نعرو هو، سندس جي اھڙي دعويٰ ڪنهن ذاتي تڪبر جي ڪري نہ، پر سچ ۽ حقيقتن
جي ان گهرائيءَ منجھان هئي جتي انسان پاڻ کي رب جي رضا خاطر فناءِ ڪري ڇڏي ٿو.
سچل سائينءَ
کي سنڌ جو ”منصور حلاج“ پڻ چيو وڃي ٿو. جنهن
دور ۾ مذهبي پيشوا ۽ سخت گير ماڻهو سچ ڳالهائڻ تي پابنديون لڳائيندا هئا، سچل
سائين ان دور ۾ سرِعام ”حق“ جو هوڪو ڏنو. هن
ڪنهن بہ مصلحت پسندي کي ويجهو اچڻ نہ ڏنو. سندن
ڪلام ۾ هڪ عجيب لئہ ۽ جوش آهي، جيڪو
پڙهندڙ کي سچائيءَ جي راھ تي هلڻ لاءِ بي چين ڪري ٿو.
”سچل سارو سچ“ جو مطلب پڻ
اهو آهي تہ سچل جي شاعري رڳو لفظن جو پروڙيل ڪو مجموعو
ئي ناهي، پر
اها زندگي گذارڻ جو هڪ سچو ۽ سٿرو رستو پڻ آهي. سچل
سائين جي ذات اسانکي اھو ئي سيکاري ٿي
تہ سچ ڳالهائڻ لاءِ بهادري جو جزبو گهرجي ۽
سچ کي پائڻ لاءِ پنهنجي اندر کي صاف ڪرڻ پڻ ضروري آهي. اڄ
بہ درازا شريف مان اٿندڙ ”حق موجود“
جي
صدا اسان کي سچائيءَ جو دڳ لائي ٿي.
”سچل سارو سچ“ وارو فقرو سچل
سائين جي سموري زندگي، سندس فڪر ۽
سندس بي باڪ شخصيت جو نچوڙ آهي.
ڪو ڪيئن چوي
ڪو ڪيئن چوي،
آءٌ جوئي آهيان
سو ئي آهيان.
ڪو مومن چوي
ڪو ڪافر چوي،
ڪو جاهل نالو
ظاهر چوي،
ڪو ساحر چوي
ڪو شاعر چوي،
آءٌ جوئي آهيان
سو ئي آهيان.
ڪو پنٿُ چوي
ڪو سنت چوي،
ڪو باغ بهار
بسنت چوي،
ڪو ميراثي ڪَلونَتُ
چوي،
آءٌ جوئي آهيان
سو ئي آهيان.
ڪو مُلان چوي
ڪو قاضي چوي،
ڪو مفتي چوي
ڪو غازي چوي،
ڪو روزيدار
نمازي چوي،
آءٌ جوئي آهيان
سو ئي آهيان.
ڪو رَدِ چوي
ڪو بَدِ چوي،
ڪو بيديني بيحد
چوي،
ڪو مُشرڪ ڀي
مُلحِدُ چوي،
آءٌ جوئي آهيان
سو ئي آهيان.
ڪو صورت ۾ انسان
چوي،
ڪو شِرُ ڀريو
شيطان چوي،
ڪو بزرگ ڪومستان
چوي،
آءٌ جوئي آهيان
سو ئي آهيان.
ڪو سُستُ ڪو
چست چوي،
ڪو راه تي دين
درست چوي،
ڪو عاشق روزِالست
چوي،
آءٌ جوئي آهيان
سو ئي آهيان.
ڪو زير زبر
زنديق چوي،
ڪو رهنماءُ
رفيق چوي،
ڪو غرقيءَ منجهه
عميق چوي،
آءٌ جوئي آهيان
سو ئي آهيان.
ڪو رنگ ڪوئي
بيرنگ چوي،
ڪو مستو مست
ملنگ چوي،
ڪو ننگي ڪو
بي ننگ چوي،
آءٌ جوئي آهيان
سو ئي آهيان.
ڪو حالي چوي
ڪو قالي چوي،
ڪو خاص الخاص
خيالي چوي،
ڪو ازلي مست
موالي چوي،
آءٌ جوئي آهيان
سو ئي آهيان.
ڪو شڪ چوي ناحق
چوي،
ڪو بات اها
برحق چوي،
مون کي مرشد
عبدالحق چوي،
آءٌ جوئي آهيان
سو ئي آهيان.
ڪو خاص چوي
ڪو عام چوي،
ڪو پختو چوي
ڪو خام چوي،
ڪو ”سچو“ سچو
نام چوي،
آءٌ جوئي آهيان
سو ئي آهيان.
سچل سرمست رح

