ڪڏهن ڪڏهن مان
سوچيندو آهيان تہ شاعر آخر ڪھڙي مخلوق آهن؟
سماج ۾ جتي
شاعرن کي انتھائي حساس سمجهيو ويندو آهي. اتي ئي وري انتھائي طاقتور خيال ۽ دل کي دهلائيندڙ
خيال بہ شاعر ئي ڏيندا آهن. سندن جذبن
۽ خيالن جي وسعت ڪنھن اٿاهہ ۽ عميق ساگر کان گهٽ نہ هوندي آهي!
ڪڏهن ڪڏهن سندن
ڪي خيال پوري ڪھاڻي هوندا آهن. هوڏانهن هڪ پاسي ڪو ڪھاڻيڪار يا فڪشن رائيٽر سوين پيجن
تي ڪا روئداد پيش ڪري سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري تڏهن بہ عين ممڪن آهي تہ پوريءَ طرح سمجهائي
نہ سگهي.
پر، هيڏانهن
هڪ شاعر هڪ ئي سٽ ۾ سمنڊ سمايو ڇڏي. مطلب تہ جيئن آئون مٿي چئي آيس تہ هو ٻن سٽن ۾
پوري ڪھاڻي جو ڪيف سمائي سگهڻ جي اهليت رکندو آهي ۽ اهو سچ آهي تہ اها سندس ئي ميراث
آهي. جنهن تي هروڀرو ڪو حق جتائي نٿو سگهي.
ساڳيءَ طرح
ساهتيءَ جو سندر، سچيت ۽ سلڇڻو ڪوي نماڻو سنڌي بہ انهن مان هڪ هو. توڙي جو نماڻي کي
جاگرافيءَ جي لحاظ سان قيد نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ تہ سندس ئي لفظن ۾ هو
'نگر نگر جو وڻجارو' هو. هو نئن بہ شاعر
يا ڪوبہ تخليقڪار سرحدن جو پابند نہ هوندو آهي نہ ئي ٿي سگهندو آهي ۽ نہ ئي زبردستي
کيس ڪري سگهجي ٿو. هو تہ امن جو سفير هوندو آهي، دلبرين جو داعي هوندو آهي. ان جي آڏو
اهي سڀ شيون تڇ لڳنديون آهن جيڪي ممڪن آهي تہ سندن قد ڪاٺ کي گهٽائي ڇڏين!
تنهنڪري نماڻو
بہ آزاد پنڇي هو. جنهن جو ڪوئي ٺڪاڻو نہ هو. سموري سنڌ سندس گهر هئي.
هو
جتي بہ ويندو هو اتان اڻميو پيار ۽ مڻين محبت وٺي موٽندو هو. پر انهن سڀني ڳالهين جي
باوجود بہ هو اسانجي ساهتيءَ جو سرواڻ شاعر هو. تنهنڪري اسان کي مٿس فخر ڪرڻ کان ڪير
روڪي نٿو سگهي.
نماڻو سنڌي
جنهن جي باري ۾ آئون چوندو آهيان تہ هو چوويهہ ڪلاڪ ئي شاعر هو. هن جو اٿڻ، ويھڻ، گهمڻ
ڦرڻ، ڳالهائڻ سڀ شاعري هئي. هن کي شاعريءَ سان بي پناهہ محبت هئي. ۽ وڏي ڳالهہ تہ جيترو
ان شاعريءَ کي وقت ڏنو سندس شاعريءَ کيس ان کان الئہ ڪيترا ڀيرا وڌيڪ مان ڏنو ۽ سندس
جهوليءَ ۾ گلاب وڌا.
اڄ جڏهن آئون
نماڻي تي سوچيان ٿو ۽ سندس ڪتاب ”ستارن رمجهول“ تي نظر وجهان ٿو تہ هو مون کي مڪمل تخليقي
شاعر محسوس ٿئي ٿو. سندس شاعري ڪنهن بہ ذي
شعور ماڻهوءَ کي مڪمل طور تي هپناٽائز ڪرڻ جي سگهہ رکي ٿي. هونئن
تہ نماڻي وٽ خيالن جون انيڪ رنگينيون آهن، پر اڄ جنهن موضوع تي مان لکڻ چاهيان ٿو اهو
آهي نماڻي جي شاعريءَ ۾ چنڊ جو ذڪر!
چنڊ! جيڪو روءِ
زمين جي شاعرن جي لاءِ حسن جو استعارو آهي. سونهن جي علامت آهي. اجالي جو اهڃاڻ آهي.
ان چنڊ جتي دنيا جي وڏن وڏن شاعرن کي پاڻ ڏانهن متوجہ ڪرايو اتي نماڻي کي بہ پنهنجي
سحر ۾ جڪڙي رکيو.
نماڻي جو چنڊ
سان سٻنڌ حيرت جي حد تائين سندس شاعريءَ ۾ ملي ٿو. نماڻي جو چنڊ سان اٽوٽ رشتو هو.
هو سڄيون سڄيون راتيون چنڊ کي چتائيندو رهندو هو. چنڊ هن جو چين چورائي ويندو هو. جنهن
جي ڪري ننڊ هن جي نيڻن کان ڪوهين ڏور اُڏامي ويندي هئي.
شيخ اياز پنهنجي
خطن جي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ محمد ابراهيم جويي کي لکيو هو تہ: ”شايد تنهنجي زندگيءَ ۾ آئون پھريون شاعر آهيان جنهن
کي چنڊ کان چڙ آهي. ڇوتہ چنڊ مون کان ننڊ کسي وٺندو آهي. پر
پوءِ بہ منهنجي شاعريءَ ۾ چنڊ جو ذڪر بار بار آيل آهي. شايد مون کي ان سان محبت آهي.
چنڊ ۽ ننڊ ۾ رقابت جو جذبو آهي. تنهنڪري جيڪڏهن چنڊ هوندو تہ ننڊ نزديڪ بہ نہ ايندي
آهي.“
هي تہ هيا عظيم
شاعر شيخ اياز جا چنڊ بابت ويچار!
پر اسان جڏهن
نماڻي کي پڙهون ٿا تہ ان بہ چنڊ جو استعمال (علامتي
طور تي) انيڪ جاين تي ڪيو آهي. زندگيءَ ۾ تہ
هن چنڊ سان چاهہ ۾ ڪا ڪسر ڪانہ ڇڏي پر ويندي ويندي بہ چئي ويو تہ:
جي هانءُ تي
تري اچانءِ، تہ چنڊ ۾ چتائجان!
مٿينءَ سٽ مان
توهان نماڻي ۽ چنڊ جي محبت کي ضرور محسوس ڪيو هوندو. هيٺ آئون نماڻي جا ڪجهہ اهڙا شعر رکان ٿو جيڪي هن چنڊ جي
چاهہ ۾ چيا آهن. آئون انهن جي سمجهاڻي نٿو
لکان. ڇوتہ مون کي الائي ڇو لڳندو آهي تہ شاعري سمجهائڻ جي شي ئي ڪانهي. شاعريءَ کي
صرف محسوس ڪري سگهبو آهي. ۽ جيڪو ماڻهو شاعريءَ کي محسوس نٿو ڪري سگهي اهو ڪڏهن بہ
شاعريءَ جي روح کي سمجهي نہ ٿو سگهي.
جيڪڏهن اوهان
بہ شاعريءَ کي محسوس ڪرڻ جي سگهہ رکو ٿا تہ هي شعر اوهان کي ڪافي ڪجهہ سمجهائي سگهن
ٿا.
پڙهو! نماڻي
جا چنڊ بابت خوبصورت شعر خوبصورت تخليقي ٻوليءَ ۾!
او پانڌيئڙا!
پير تہ پاءِ،
چنڊ جهليو مون
چارن ۾.
چنڊ جتان تون
آيو آهين،
ديس انهيءَ
جي ڳالهہ پچار!
ڌنڌلا عڪس ڇڏي
ڪي مون وٽ،
چنڊ بہ آيو
تنهنجي ويڙهي.
رات مون گاج
تان جو ڏٺو عرش ڏي،
اڀ انگهيل گهگهو،
چنڊ ان تي چتي.
رات پدمات تي
چنڊ آيو چڙهي،
روح جي روهہ
مان، ڪونج ڪائي رڙي.
توڏي گهوري
تہ هي چنڊ کڙي آ پيو،
گهاءُ کائي
بہ گل پر ٽڙي ٿو پوي.
چنڊ ڪڪرن منجهان،چڙهہ
تہ دلبر ڏسون،
بادلو بادلو! پاند پاسي ڪريو.
اي گهنڊ! گڙئين
ڪونہ ڪھڙو منڊ لڳل آ،
بي چين آهي
چنڊ ۽ چپ ڪاڪ محل آ.
هيڪل هيڪل وکريل
وکريل ٻاري تن جي ٻُرندي ڪيئن؟
چوياريءَ ۾
چنڊ جو ناهي، تنھا تارا ٿي پوندا.
بدل ٿي آ موسم
تہ بدلجي پيو آ،
اڃان چنڊ چارن
کان ڇا ٿو پڇين؟
هانءُ تي تري
اچانءِ تہ چنڊ ۾ چتائجان.
چڙهيو چنڊ اڱڻ
۾، ۽ نيڻن جي رڻ ۾،
مون ڳوليو جنهين
کي، ستارن جي ڌڻ ۾.
تنهنجي سونهن
جي ساک ڀري ٿو،
چنڊ بہ تولئہ
پنڌ ڪري ٿو.
ڪرڻا ڪنولن
تي ڌري، چنڊ لڊاڻي لام،
توکان پوءِ
نہ آئيو!
سوچيو رات چڪور
تہ هي،
چنڊ گهمي چوڌار،
ڪنهن کي ڳولي
ٿو؟
چنڊ چمڪايو،
ويتر تنهنجي
سونهن کي،
مينديءَ مھڪايو.
متان چنڊ ڏسين،
اڄ تون هن جي روپ کي،
راتيون تون
بہ رُئين، ڪارا اوڙهي ڪپڙا.
هي تہ مون سندس
شاعريءَ مان ڪجهہ شعر کنيا آهن، جيڪي چنڊ متعلق
آهن. پر اڃان بہ ان جھڙا ۽ انهن کان وڌيڪ شعر سندس مجموعي ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. جيڪي
مضمون جي طوالت جي ڪري مون هتي نہ ڏنا آهن.
نماڻي جي شاعريءَ
کي پڙهندي اوهان کي چنڊ جيان ٻيا بہ کوڙ علامتي موضوع ملندا. جيئن آزاديءَ سان عشق،
غربت جو غم، غلاميءَ کان نفرت، عشق
جي اپٽار، پيار ۽ پاٻوهہ، محبت جون ميخون، درد جا داستان
۽ ان جھڙا ٻيا انيڪ موضوع!
جن تي لکڻ جي
اشد ضرورت آهي. جيڪڏهن وقت مليو تہ نماڻي جي شاعريءَ جي انهن موضوعن تي بہ لکڻ جي ضرور
ڪوشش ڪبي.
آخر ۾ آئون
اهو ضرور چوندس تہ نماڻي سان حياتي ايتري وفا نہ ڪئي. هو صرف زندگيءَ جا اٺيتاليهہ
سال اسان جي وچ ۾ رهيو.
ڪاش! هو ڪجهہ
وقت اڃان اسان جي وچ م هجي ها ۽ پنهنجي خيالن جي خوشبوءِ سان ماحول کي معطر ڪري ها
پر شايد قست کي اهو منظور نہ هو. جنهن جي اڳڪٿي هو پاڻ ئي ڪري ويو هو تہ :
اکين ۾ هي اُڊڪا
تري ٿا اچن،
لڳي ٿو وڇوڙا
وري ٿا اچن.
يا
اوهان جي اچڻ
۾ گهڻي دير ٿي وئي،
اسان جي تہ
هاڻي وڃڻ وير ٿي وئي.
يا
جيون ڄڻ ڪو
ڳوڙهو آهي،
جنهن جو نانءُ وڇوڙو آهي.

