پاڪستان ۾ ڪڌي
رسم ڪارو ڪاري هڪ ناسور بڻجي چڪي آهي،
جنھن
جا اثرات تمام گهڻو نقصان رسائي رهيا آهن، ويتر سنڌ صوبو لاقانونيت سبب سڀ کان وڌيڪ
متاثر ٿي رهيو آهي، جتي روزاني
بنياد تي ڪيترائي نوان نوان ڪيس سامهون اچي رهيا آهن. جيڪي
انسانيت جي حد کان وڌي حيوانيت جا ڏيک ڏئي رهيا آهن. هن مرداڻي سماج ۾ عورت کي بينظير
انڪم سپورٽ فنڊ لاءِ تہ نٽهڻ اُس ۾ بہ
هزارين
ماڻهن جي حجوم جي حوالي ڪيو ويندو آهي پر اها ئي عورت وري در ٻاھران نهارڻ لاءِ بہ غيرت جو سمبل سڏي ويندي آهي، مطلب تہ ضرورت مھل سڀ ڪجهہ جائز آهي پر وري ضرورت نہ هجڻ وقت اهائي عورت گھر جي قيدي بڻائي ويندي
آهي، تازو ٽنڊو مستي جي ڳوٺ جو ٿيل واقعو هڪ ڀيانڪ واقعو هيو،
جتي
غيرت جي نالي تي مجبور عورت کي رات جو 3 وڳي گھران گهلي هڪ ويران جڳھ تي سوين نام نهاد غيرتمندن
اڳيان ايڏي بي دردي سان ماريو ويو، جنھن جو تصور
ڪرڻ بہ حيواني لڳي رهيو آهي، هيڏي وڏي حجوم ۾ هڪ
مجبور نياڻي جيڪا قرآن جا واسطا وجھي رهي آهي تہ
ماما
آءُ بيگناھ آھيان مونکي نہ ماريو، مونکي نہ
ماريو
ماما! مان بي قصور آهيان مونکي نہ ماريو، پوءِ بہ کيس سيني ۾ گوليون هڻي بنا جنازي نماز جي
۽ بغير ڪفن دفن جي هڪ کڏي ۾ جانورن جيان لَٽيو ٿو وڃي، ڪنهن کي بہ
ڪو
رحم نٿو اچي. ڇا هن سماج ۾ مرد فقط عورت کي پنهنجي ڍال بڻائي رهيا آهن، جڏهن ڪو مرد
ڪنو ڪم ڪندي پڪڙجي پئي ٿو تہ اها ساڳي عورت
سڱ چٽي ۾ بگھڙن حوالي ڪري پنهنجي جان آجي ڪرائي ٿي وڃي، وقت اچڻ تي بينظير انڪم سپورٽ
فنڊ جي پيسن تي هزارين ماڻهن جي وچ ۾ چند روپين جي خاطر ڇڏي پاڻ هوٽل تي ويهندڙ مرد
بہ ڪو غيرت مند آهي، اتي عزت ڪٿي غائب ٿي وڃي
ٿي ۽ وري گھر پهچڻ کان پوءِ اهائي عورت گھر ٻاهران ليئو پائڻ لاءِ بہ آزاد نہ
هوندي
آهي.
جڏهن اسلام
۾ بہ واضح ٿيل آهي تہ جڏهن بہ
توهان
وٽ عورت جي بدچالي جي پڪي ثابتي ملي تہ
ان
کي آزاد يعني طلاق ڏئي ڇڏيو ڇاڪاڻ تہ
اسلام
۾ عورت تي تشدد جي منع ڪئي وئي آهي، پر سنڌ ۾ لاقانونيت سبب تشدد تہ ٿيندو رهندو آهي ويتر شڪ جي بنياد تي بہ بدترين موت جي سزا ڏني ويندي آهي ۽ پوءِ
اهڙو عمل ڪندڙ وحشي جوابدار وري بجاءِ پڇتاءَ جي ويتر خوش ٿي پاڻ کي غيرتمندن جي لسٽ
۾ شامل ڪرائيندو آهي، جيڪڏھن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان سنجيدہ مسئلن تي سخت سزا مرتڪب ڪن ۽ جوابدارن کي
سخت سزا ڏني وڃي يا انھن کي بہ وڏي ھجوم ۾
سري عام گوليون هڻي ماريو وڃي تہ اهي غيرتمند
ڳولهيا ئي نہ لڀندا ۽ هن
ڪڌي رسم ڪارو ڪاري مان بہ جان ڇٽي پوندي
۽ ڪيتريون ئي بيگناھ زندگيون بچي پونديون.

