من ذهن کي،
پاڪ ڪجي،
ايئن روح کي،
روشن رکجي۔
هي سادو پر
گهرو شعر رڳو لفظن جو مجموعو ناهي، پر انساني زندگيءَ جي مڪمل فلسفي جو عڪس آهي۔ انسان
جي سڃاڻپ سندس جسم سان نہ، پر سندس ذهن ۽ روح سان ٿيندي آهي۔ جيڪڏهن ذهن آلودہ هجي تہ عمل بگڙي وڃن ٿا، ۽ جڏهن عمل بگڙجن
ٿا تہ سماج ۾ اونداهي پکڙجي وڃي ٿي۔ ان جي ابتڙ، جڏهن ذهن پاڪ هوندو آهي، تڏهن روح
روشنيءَ سان ڀرجي ويندو آهي، ۽ اهڙي روشني نہ رڳو فرد پر سڄي معاشري کي منور ڪري ڇڏيندي
آهي۔
اڄ جي دؤر
۾ انسان ترقيءَ جي بلندين کي ڇُهي رهيو آهي، پر ان سان گڏوگڏ اندروني سڪون کان پري
ٿيندو پيو وڃي۔ ذهن ۾ حسد، نفرت، لالچ ۽ خودغرضيء جا زهرَ آهستي آهستي جڙون مضبوط ڪري
رهيا آهن۔ ماڻهو ظاهري طور تي تہ ڪامياب نظر اچن ٿا، پر اندر ۾ خالي پڻو ۽ اونداهي
محسوس ڪن ٿا۔ اهڙي صورتحال ۾ هي شعر هڪ رهنما بڻجي سامهون اچي ٿو تہ اصل سڪون ۽ ڪاميابي
ذهن جي پاڪيزگيءَ ۾ آهي۔
ذهن جي پاڪيزگيءَ جو مطلب اهو ناهي تہ انسان دنيا کان لاتعلق
ٿي وڃي، پر ان جو مطلب اهو آهي تہ هو پنهنجي سوچن کي مثبت بڻائي، نفرت بدران محبت کي
جاءِ ڏئي، ۽ حسد بدران خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ سکي۔ جڏهن ذهن مان منفي خيال ختم ٿين ٿا،
تڏهن ھانسان جي اندر هڪ نئون جهان جنم وٺي ٿو، اهو جهان امن، محبت ۽ سڪون سان ڀرپور
هوندو آهي۔
روح جي روشني
بہ ڪو ٻاهريون ڏيئو ناهي، جيڪو ٻاري سگهجي۔ اها روشني اندر مان پيدا ٿيندي آهي، جڏهن
انسان سچائي، ايمانداري ۽ خلوص کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائي ٿو۔ روح جي روشني انسان
کي نہ رڳو سٺو انسان بڻائي ٿي، پر کيس ٻين لاءِ بہ روشنيءَ جو ذريعو بڻائي ٿي۔ اهڙو
انسان جتي بہ وڃي ٿو، اتي اميد ۽ محبت جا ڏيئا ٻاري ڇڏي ٿو۔
اسان جي سماج
۾ اڪثر مسئلا بہ ذهن جي اونداهہ سبب پيدا ٿين ٿا۔ جڏهن ماڻهو پنهنجي ذاتي مفادن کي
ٻين جي حقن کان مٿانهون رکن ٿا، تڏهن ناانصافي جنم وٺي ٿي۔ جيڪڏهن هر فرد پنهنجي ذهن
کي پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، تہ ڪيترائي سماجي مسئلا پاڻمرادو ختم ٿي سگهن ٿا۔ ڇو تہ صاف
ذهن ئي صحيح فيصلا ڪري سگهي ٿو، ۽ صحيح فيصلا ئي هڪ صحتمند سماج جو بنياد بڻجن ٿا۔
تعليم بہ ان حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، پر رڳو ڪتابي علم ڪافي ناهي۔ اصل تعليم
اها آهي، جيڪا انسان کي سوچڻ سيکاري، فرق ڪرڻ سيکاري، ۽ پنهنجي اندر کي سڌارڻ جو شعور
ڏئي۔ جڏهن تعليم سان گڏ اخلاقي قدر بہ شامل ٿين ٿا، تڏهن ئي ذهن جي پاڪيزگي ممڪن ٿئي
ٿي۔
زندگيءَ جو
اصل حسن بہ ان ۾ آهي تہ انسان پنهنجي اندر کي سڌاري۔ ٻاهرين دنيا کي بدلائڻ کان اڳ،
اندر جي دنيا کي سنوارڻ ضروري آهي۔ جيڪڏهن هر انسان پاڻ کان شروعات ڪري، پنهنجي سوچن
کي صاف ڪري، ۽ پنهنجي عملن کي بهتر بڻائي، تہ دنيا پاڻمرادو هڪ بهتر جڳهہ بڻجي سگهي
ٿي۔
آخر ۾، هن چوڻ
۾ ڪو بہ وڌاءُ ناهي تہ ذهن جي پاڪيزگي ۽ روح جي روشني ئي انسان جو اصل سرمايو آهن۔
اهي ئي خوبيون انسان کي ٻين کان منفرد بڻائين ٿيون، ۽ اهي ئي خوبيون کيس هڪ مڪمل انسان
بڻائين ٿيون۔
تنهنڪري اچو
تہ پاڻ سان هڪ عهد ڪريون، اسان پنهنجي ذهن کي صاف رکنداسين،
۽ پنهنجي
روح کي هميشہ روشن رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين۔ ڇو تہ جڏهن
ذهن پاڪ هوندو،
تڏهن ئي روح
روشن ٿيندو، ۽ جڏهن روح روشن ٿيندو، تڏهن
ئي زندگي پنهنجي اصل معنيٰ حاصل ڪندي۔

