وقت جي واڳن کان پاڻ بچائڻو آهي ـ حڪيم پريم چاندواڻي

سر بچائڻ فرض آهي جڏهن موت سر تي اچي بيهندو آهي، تڏهن انسان جان بچائڻ لاءِ هر حيلو هر حربو استعمال ڪندو آهي پر جڏهن ساري تر تي ئي مصيبت ۽ موت جو گهيرو هجي تہ پوءِ ڪنهن سورھيہ سرويچ کي پنهنجو سر قربان ڪري بہ ٻين کي انهيءَ آفت مان جند ڇڏائڻي پوندي آهي۔ هن وقت جي اهم ضرورت آهي تہ ڪو سپتر سورهيہ مورڙي وارو بيباڪي ۽ بهادريءَ وارو ڪردار ادا ڪري پاڪ وطن کي بک، افلاس ۽ عالمي مانگرن کان جند آجي ڪرائي ۽ هميشہ جي بقا لاءِ پهريون قدم کڻي ساري قوم کي سرخرو ۽ سرفرازيءَ واري زندگيءِ سان روشناس ڪرائي۔

 مورڙي ۽ مانگر مڇ جو قصو مشهور آهي اهو قصو سرگهاتوءَ ۾ بيان ڪيل عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شعرن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيو ويو آهي۔

سر گهاتوءَ ۾، ڀٽائي سرڪار مورڙي مانگر مڇ وارو قصو نهايت ئي سهڻي انداز ۽ اسلوب ۾ بيان ڪندي هوش ۽ همت سان ازلي دشمن کي ختم ڪرڻ جو درس ڏنو آهي۔ هيءَ ڪهاڻي ڪجھ هن ريت آهي تہ اوڀائيءَ نالي مهاڻيءَ کي ست پٽ هئا، انهن مان مورڙو بندري قد جو ۽ منڊڙو هو۔ ٻيا ڇھ ڀائر جڏنهن مڇيءَ جي شڪار تي ويندا هئا تہ مورڙي کي گهر ۾ سڌ سماءِ ۽ سنڀال لاءِ ڇڏي ويندا هيا۔

دودائي ٻروچن مان هڪ مائيءَ پنهنجي خاندان کي ساڻ ڪري، سمنڊ جي ويجهو اچي ڳوٺ ٻڌو هو۔ انهيءَ ڳوٺ کي مائيءَ جي نالي سان ڪلاچي سڏيو ويو۔ جيڪو هاڻي تمام گهڻو وڌي ميگا سٽي ڪراچيءَ جي نالي سان سڏجي ٿو۔ هاڻوڪي ڪلفٽن ۽ منهوڙي جي وچ تي ڪلاچي جو هڪ اونهو قهري ڪن هيو، جنهن ۾ اڪثر غوراب غرق ٿيندا رهندا هيا۔ انهيءَ ڪن جي قريب هڪ وڏو مانگر مڇ رهندو هيو۔ هڪ ڀيري مورڙي جا ڇھ ڀائر شڪار ڪندي، انهيءَ اونهي ڪن جي ور چڙهي ويا سندن ٻيڙي ٻڏي وئي ۽ هي سڀ ان مانگر جي خوراڪ بنجي ويا۔ جڏنهن وقت تي گهر نہ پهتا تہ مائٽ سخت پريشان ٿيا ۽ مورڙي کي سندن ڳولا لاءِ روانو ڪيائون۔ جنهن سمورو احوال معلوم ڪري اچي مائٽن کي ٻڌايو ۽ مانگر کي مارڻ جو پڪو پھ ڪيو.

”ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، جو گهڙي سو نئي،

خبر ڪون ڏئي، تہ رڇ ڪڄاڙي رنڊيا(لطيف سرڪار)

اڀي اوسڙان اس ۾، جهليو ڪن ڪنار،

گهاتو گهر نہ آئيا، وڏي لڳين وار،

هيس جنين هار، سي موڙي چڙهيا مڪڙا.“

آخر هڪ لوهي پڃرو تيار ڪرايائون، جنهن جي چوڌاري وڏا ڪيل ۽ ڪلا هئا۔ هر هڪ ڪلي ۾ رسو ٻڌي مورڙي کي ان پڃري ۾ ويهاري، اهو پڃرو اچي ان ڪن ۾ لاٿائون۔ پڃري کي ڏسي مانگر مڇ ان کي ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي تہ سمورا ڪيل سندس ڄاڙيءَ ۾ ڦاسي پيا۔ مورڙي زور سان وٺي رسن کي لوڏايو تہ سڀني مهاڻن ان کي وٺي ڇڪيو۔ مهاڻن مانگر مڇ کي ماري پيٽ چيري مورڙي کي ٻاهر ڪڍيو۔

ڏيهاڻي ڏٺم ڪيترا، جني ماريو موڪ،

گهر ۾ گهاتوئڙن جا، ٿا مارينم ٿوڪ،

لڏي وچان لوڪ، اونهي ويا اوهري۔

مورڙيو صحيح سلامت ٻاهر نڪتو۔ مانگر مڇ جي پيٽ مان، ڀائرن جا هڏاوان پڃرا ڪڍيا ويا۔ 

ڪال ڪلاچيءَ ويا، گهاتو ڪري گهور،

مادر ملاحن جا، ويٺي سهان سور،

مون کي ڪري ملور، اونهي ويا اوهري۔

جڏنهن مانگر مڇ مري ويو تڏنهن مهاڻن ۾ ڏاڍي سرهائي ۽ خوشي ٿي، ڇاڪاڻ تہ سندن ازلي دشمن مان هميشہ لاءِ جند ڇٽي پئي نہ تہ جيڪر ڪيترائي اڃا وڌيڪ ملاح سندس لقمو بنجن ها۔

گهوريندي گهور پيا، اگهور گهوريائون،

ميڪر ماريائون، ملاحن منهن سنرا۔ (جيئي لطيف)

لطيف سرڪار هن سر ۾ اسان کي طاقتور دشمن کي هوش عقل ۽ همت سان مارڻ جو درس ڏنو آهي۔ ٻي صورت ۾ اسان ڪنهن طاقتور ڏاڍي ظالم جابر جي جبر جو شڪار ٿي موت جي منهن ۾ هليا وينداسين۔ تنهن ڪري بهترين حڪمت عملي ۽ سٺي رٿابنديءَ سان سفاڪ ظالم مان هميشہ لاءِ جند آجي ڪرائي سگهجي ٿي۔ ٻي صورت ۾ وقت جا عالمي واڳون اسان کي ڳڙڪائڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندا۔ تنهنڪري وڏي ڏاهپ حڪمت عملي  اپنائي ۽ بهترين رٿابنديءَ سان پنهنجي وجود کي بچائڻو آهي ۽ پنهنجي وجود جي بقا طرف پهرين وک وڌائڻي آهي۔

Previous Post Next Post