ڀٽائي ۽ سيوا ڪر سمنڊ جي روحاني تشريح ـ اڪرم حيدري

شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو بيت:

سيوا ڪر سمنڊ جي، جت جر وھي ٿو جال

سوين وھن سير ۾، ماڻڪ، موتي، لعل

جي ماسو مليئي مال، تہ پوڄارا پر ٿئين

اهو صرف هڪ شاعراڻو اظهار نہ، پر عشق جي اعليٰ درجي جو روحاني راز، معرفت جو ميخانو، ۽ حقيقت جي ڳولا ڪندڙن لاءِ چراغِ راھ آهي. هن بيت ۾ سمنڊ، سيوا، جر، ماڻڪ، مال، موتي، ۽ پوڄاري جا لفظ پنهنجي اندر بي پناھ علامتي معنيٰ رکن ٿا، جيڪي محض ظاهري نظر سان نہ، پر دل جي سچائي ۽ روح جي طلب سان سمجهي سگھجن ٿا.

سمنڊ جي سيوا – طلب جي تپش:

سمنڊ، شاھ جي شاعريءَ ۾ وجود جي ڪائنات بہ آهي ۽ رب جي ذات جي بيڪران وسعت بہ. سيوا ڪر سمنڊ جي جو مطلب آهي تہ انسان پنهنجي وجودي حدن کي ٽپي، رب جي سمنڊ ۾ پاڻ کي وجهي، عبادت، تپسيا، ۽ روحاني سيوا ذريعي ان حقيقت تائين رسائي حاصل ڪري، جتي هر لهر راز جي زبان هجي، ۽ هر جر محبت جو پيغام.

جت جر وھي ٿو جال - اٿاھ محبت الاھي:

جال مان مراد: تمام گھڻي مقدار. لفظ جال هتي مڇي مارڻ جو اوزار يا ڄار جو سامان ناهي، جيئن عام طور تي سمجهيو ويندو آهي. ڀٽائي جي بيتن ۾ علامتي زبان جو استعمال تمام وسيع آهي. پوري وسعت سان پکڙيل ڪا شَي ڪائناتي رحم، فيض، يا رباني نعمتن جو وڏو ذخيرو

جت جر وھي ٿو جال ـ يعني جتي وهڪرو وهندو رهي ٿو مطلب هي آهي تہ سمنڊ جي ان گھرائيءَ ۾ رباني فيض، الاهي نعمتون، روحاني خزانا تمام گهڻا آهن، بس شرط آهي تہ تون سيوا ڪر، پاڻ کي وقف ڪر، طلب رک، محنت ڪر. جال اهو استعارو بہ آهي جنهن سان طالب پنهنجي دل ۾ رب جي محبت پيوست ڪري، سمنڊ مان موتي (وصال، سچائي، معرفت) حاصل ڪري ٿو.

ماڻڪ، موتي، لعل – دل ۾ روشنيءَ جا رتن:

سوين وهن سير ۾ ماڻڪ موتي لعل – اهي انسان جي اندر لڪيل روحاني خزانہ آھن، جيڪي فقط الله جي محبت سان، ان جي معرفت سان، ۽ قرب جي عطا سان نصيب ٿين ٿا. هتي ماڻڪ، موتي، لعل، اهي ئي ناياب رتن آهن، جيڪي فقط ان دل کي ملن ٿا، جيڪو رب جي ذڪر، فڪر، ۽ ذوق سان چمڪي ٿو.

هر سير، هر وهڪرو، زندگيءَ جي منزل آهي. ۽ هر سفر، هڪ امتحان. انهيءَ سفر ۾ جيڪڏهن رب جي محبت جو صرف هڪ ذرو، هڪ جھلڪ، يا وصال جو هڪ لمحو بہ نصيب ٿي وڃي، تہ اهو ماڻڪ موتيءَ کان بہ قيمتي آهي. دنيا جي دولت، بادشاهي، شهرت، سڀ ڪجھ ان هڪ لمحي جي سامهون فقير بڻجي بيهي ٿو.

ماسو، مال، ۽ پوڄاري ٿيڻ جي حقيقت:

جي ماسو مليئي مال، تہ پوڄارا پر ٿئين – هتي ماسو محبت جو خالص لمحو آهي، رب سان وصال جي هڪ رمق آهي. اهو وصال ڪڏهن سج جي ڪرن وانگر اکيون ڇڪائي لڪجي وڃي ٿو، تہ ڪڏهن طوفان جي واءُ وانگر اچانڪ اچي سڀني وسوسن کي اڏاري ڇڏي ٿو. جيڪڏهن انهيءَ الاهي سمنڊ مان رب جي محبت جو فقط هڪ ذرو ملي وڃي، تہ انسان فاني نہ، پر باقي ٿي وڃي ٿو. اهو ئي انسان، پوءِ حقيقي پوڄاري ٿي وڃي ٿو ــ يعني رب جي قرب جو وارث، حقيقت جو دوست، ۽ عشق جي امانتدار.

وصال، محبت ۽ حضوري – دنيا ومافيها کان قيمتي شي:

خدا جو وصال، فقط زبان سان نہ، پر دل سان ملندو آهي. جڏهن دل جي دنيا ۾ محبوب جو نور وسامي ٿو، تہ دنيا جي هر شيءِ جو رنگ ڦڪو ٿي پوي ٿو. دولت، رتبو، عزت، علم، عقل، سڀ ان وحدت جي حضور ۾ سجدا ڪن ٿا. حضوري، جنهن ۾ عاشق ۽ معشوق وچ ۾ ڪو پردو نہ رهي، سڀ کان وڏو لعل آهي. ان جي سامهون ڪائنات جي بادشاهي بہ خاڪ برابر آهي.

شاھ ڀٽائي عليہ الرحمہ جو پيغام آهي:

جهد، جفا، سيوا، ۽ تسليم ذريعي رب جو قرب حاصل ڪر. سمنڊ جي سيوا فقط هڪ رسم نہ آهي، بلڪہ اها فنا في الله ٿيڻ جي راھ آهي. ان راھ تي هلڻ سان دل جي خزانن جا دروازا کلن ٿا، محبت جي هير لڳڻ شروع ٿئي ٿي، ۽ انسان دنيا جي قيدن مان آزاد ٿي، رب جي حضوري ۾ مست ٿي وڃي ٿو.

نتيجو:

سيوا، سچائي، ۽ وصال

اڄ جي دور ۾، جتي دنيا جي خواهشن، چمڪ، ۽ ماديت انسان جي دل کي بي نور ڪري ڇڏيو آهي، شاه لطيف جو اهو بيت هڪ جگمگ مينار وانگر آهي، جيڪو روح جي واٽ ڏيکاري ٿو. اسان کي گهرجي تہ پنهنجي دل ۾ الاھي سيوا ڪري جتي جر جال وھي ٿو، ان معرفت جي سمنڊ ۾ لھي، جتي رب جو نور لهرن ۾ روشني ڏئي رهيو آهي. جتي رب جي وصال، محبت، ۽ حضوري جو فقط هڪ ماسو بہ ملي وڃي، تہ انسان سدائين لاءِ سڪون، سچائي، ۽ سلامتيءَ جو پوڄاري بڻجي وڃي ٿو.

بيت جو اجمالي تجزيو:

شاه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي بيت:

سيوا ڪر سمنڊ جي، جت جر وھي ٿو جال

سوين وھن سير ۾، ماڻڪ موتي لعل

جي ماسو مليئي مال، تہ پوڄارا پر ٿئين

۾ عام زندگي جي علامتن ذريعي، عشقِ الٰهي، روحاني ڳولا، ۽ حقيقت جي شعور کي اهڙي اڻ مٽ شاعراڻي پختگيءَ سان پيش ڪيو آهي، جيڪا پڙهندڙ جي دل ۽ روح ۾ هڪ سڪ، هڪ سڏ پيدا ڪري ڇڏي ٿي.

سمنڊ – رباني محبت جو بحرِ بيڪران:

هتي سمنڊ فقط پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو نہ، پر الله جي محبت، قرب، ۽ وصال جي بي انداز وسعت جي علامت آهي. اها وسعت، جيڪا عقل سان نٿي ماپي سگھجي، ۽ صرف سچي دل، سيوا، ۽ سوز سان حاصل ڪري سگھجي ٿي.

سمنڊ جي اڻٿڪ ڇولين وانگر، الله جي محبت جو وهڪرو بہ بي رُڪاوٽ، مسلسل ۽ بي حساب آهي. پر ان مان فيض وٺڻ لاءِ انسان کي سيوا ڪرڻي پوي ٿي ــ يعني پاڻ کي فنا ڪري، پنهنجي هستيءَ جي ھوڏ کي سمنڊ ۾ وجھڻو پوي ٿو.

جال – گھرو پاڻي لامحدود معرفت الاھي:

جت جر وھي ٿو جال مان مراد آهي تہ ان گھري پاڻي جو استعارو آهي، جيڪو پنهنجي خالق جي قرب حاصل ڪرڻ لاءِ غوطہ زن ٿئي ٿو. اها تمنا ئي تلاش بڻجي، آخرڪار ان مقام تي وٺي وڃي ٿي، جتي رب جي معرفت محبت جا رباني خزاني مخفي آھن.

ماڻڪ، موتي، لعل – الله جي معرفت، قربت، ۽ حضوري:

ماڻڪ موتي لعل انهن قيمتي شين جا استعارا آهن، جيڪي انسان کي فقط دنيا جي قيمتن ۾ نہ، پر روح جي بلندين ۾ حاصل ٿين ٿا. هتي اهي هيرا، اصل ۾ الله جي معرفت، قربت، حضوري، رضا، ۽ سڪون جا انمول رتَن آهن، جيڪي صرف انهن کي ملن ٿا، جيڪي سمنڊ جي سيوا ۾ پنھنجو پاڻ وساري ڇڏين ٿا.

ماسو مليئي مال – محبت جي ذري جي عظمت:

جي ماسو مليئي مال هتي ماسو هڪ تمام معمولي، انتهائي ننڍڙي حصي جو استعارو آهي. پر اهو معمولي حصو جيڪڏهن الله جي محبت جي جھلڪ، وصال جو لمحو، يا معرفت جو نور آهي، تہ اهو ئي انسان لاءِ سڀ کان وڏو مال، سڀ کان قيمتي خزانو بڻجي وڃي ٿو.

اهو بيت انسان کي اهو پيغام ڏئي ٿو تہ.

جيڪڏهن رب جي محبت مان فقط هڪ ذرو، هڪ ماسو، يا فقط هڪ تجلي بہ نصيب ٿي وڃي، تہ پوءِ انسان جي زندگي ڪامياب، مقدس، ۽ پوڄاريءَ جي مقام تي فائز ٿي سگهي ٿي.

نتيجو: سيوا جو سفر، وصال جو انعام:

شاھ ڀٽائي عليہ الرحمہ جي هي بيت اسان کي تعليم ڏئي ٿو تہ روحاني سفر جي ڪاميابي لاءِ سيوا ــ يعني عبادت، اخلاص، قرباني، ۽ تلاش ــ ضروري آهي. الله جي محبت جو سمنڊ بي انداز آهي، پر انهيءَ مان خزانو فقط انهن کي ملي ٿو، جيڪي صدقِ دل سان پنهنجو وجود ان ۾ وجهن ٿا.

۽ جيڪڏهن انهيءَ الاهي بحرِ محبت مان صرف هڪ ماسو – هڪ لمحو، هڪ احساس، هڪ روشنيءَ جي جھلڪ بہ حاصل ٿئي، تہ اهو ئي انسان جي قسمت جو ورق بدلائي، ان کي فاني مان باقي، غلام مان پوڄاري، ۽ طالب مان محبوب بڻائي سگهي ٿو.

اچو تہ دل کي الاھي سمنڊِ جي خدمت ۾ پيش ڪريون، جيئن ڪنهن ڏينھن خدا جو هڪ ذرو، اسان جي اندر جو وجود روشن ڪري وجهي.

Previous Post Next Post