ميڪسيڪو جي شهر چيواوا کان پنجاھ ميل پري خشڪ ۽
بنجر جبلن جو سلسلو سيئرا ڊي نائڪا آهي، سن 2000ع ۾ جبلن جي ھيٺان غارن ۾ کوٽائي
ڪندڙ مزدورن کي زمين کان ھزار فوٽ ھيٺ ھڪ عجيب دنيا نظر آئي، اھي ھڪ غار ۾ پھچي
ويا ھئا، جيڪو
ٽيھ فوٽ ويڪرو ۽ نوي فوٽ ڊگهو ھو، ان جي ڇت، ڀتين ۽ فرش تي جپسم جا نرم ۽ صاف
ڪرسٽل ٺھيل ھئا، ڪيتريون غارون اهڙيون مليون آھن جن ۾ ڪرسٽل آھن، پر ان جاءِ وارا
بلڪل الڳ ھئا، ھي ڪرسٽل ڇھ ٽيھ فوٽ تائين ڊگها ۽ پنجاھ ٽن تائين ڳرا ھئا.
ڪرسٽلن واري ان غار تائين رڳو ڪجھ سائنسدانن کي
وڃڻ جي اجازت ملي، ھو ان گارسيا روئيز، جيڪو ھڪ جيولوجسٽ ھو، ھتي پھتو ۽ معلوم ڪيو تہ تقريبن
26 ملين سال اڳ آتش فشانن جي ٺھڻ دوران ھيٺان زمين هيٺ چيمبر ٺھيا ۽ اھي معدنيات سان
ڀريل گرم پاڻي سان ڀرجي ويا، آتش فشاني ميگما جي ڪري پاڻي جو گرمي پد 58 درجا
سينٽي گريڊ رھيو، ھي اھو مڪمل گرمي پد ھو جنھن تي معدنيات پاڻي مان ٻاھر ويھي ڪري
ڪرسٽل بڻائين ٿيون، ڪنھن ريت ھي پاڻي لکين سالن تائين ساڳئي گرمي پد تي رھيو، ان
ڪري ھي ڪرسٽل ناقابلِ يقين سائيز تائين وڌي ويا.
ٻيو سائنسدان ڪرٽس سٽل 2009ع ۾ پنھنجي ساٿين سان
ھن غار ۾ آيو، ھن ھتان جي تلائن مان ٿورو پاڻي گڏ ڪيو ۽ واپس يونيورسٽي آف برٽش
ڪولمبيا جي ليبارٽري ۾ جاچ لاءِ آندو، جيڪڏھن سٽل جي ڪم کي ڏٺو وڃي تہ ھي سفر فضول
لڳندو ھو، ڇوتہ سٽل جو ڪم ڪرسٽل، معدنيات يا پٿرن بابت نہ ھو، سٽل جي تحقيق جو
موضوع وائرس ھئا.
ڪرسٽلن واري غار ۾ ڪو انسان نہ ھو، جنھن کي وائرس لڳي سگھي، ڪا بہ مڇي نہ ھئي، اھا دنيا
ٻاھر جي حياتيات کان ملينن سالن کان ڪٽل ھئي، پر سٽل جو هي دورو ڪارآمد ثابت ٿيو، پاڻي
جي ان نموني کي مائيڪروسڪوپ ھيٺ رکڻ سان پروٽين جي چادر ۾ ويڙهيل جينياتي مواد مليو،
ھر ڦڙي ۾ ڪروڙين وائرس موجود ھئا.
سائنسدان جتي بہ ڏسندا آھن، زمين جي ھيٺ کوٽائي ۾،
رڻ پٽ مان اڏامندڙ مٽي جي ذرڙن ۾، انٽارڪٽيڪا جي ميلن برف ھيٺ، وائرس ضرور ملن ٿا،
۽ جڏھن اھي اڳ ڄاتل جڳهن تي بہ ڏسن ٿا تہ اتي بہ نوان وائرس نظر اچن ٿا، 2009ع ۾
سئن ڊيگو يونيورسٽي جي محقق ڊينا ولنر انساني جسم ۾ وائرس جي ڳولا جي مهم ھلائي،
پنج صحتمند ۽ پنج سسٽڪ فائبروسس لڳل متاثر ماڻهن جا بلغم گڏ ڪري ڊي اين اي ڪڍڻ
شروع ڪيو، پوءِ ان جو مقابلو سائنس ۾ ڄاتل ڪروڙين جينز سان ڪرڻ لڳو.
ولنر جي تحقيق کان اڳ اھو خيال ھو تہ صحتمند ماڻھن
جا ڦڦڙا وائرس کان پاڪ ھوندا، پر ان ٽيم کي سڀني ۾ وائرسن جا جهنگل مليا، تقريبن
ھر ماڻھوءَ جي ڦڦڙن ۾ 174 قسمن جا وائرس ھئا، انھن مان رڳو ڏھ سيڪڙو اڳ ڄاتل ھئا،
باقي نوي سيڪڙو ايترا ئي اجنبي ھئا جھڙوڪ نائڪا جي غار جا وائرس.
وائرس کي ”پروٽين ۾ ويڙهيل بري خبر“ چيو وڃي ٿو، اھي انسانن کي ايذاءَ ڏيندا رھيا آھن،
زندگيون تباھ ڪندا رھيا آھن، چيچڪ جو وائرس انسانيت جو بدترين قاتل رھيو، جيستائين
انسانن ان کي ختم نہ ڪيو، نوان وائرس جھڙوڪ ايڇ آءِ وي، ايبولا، انفلوئنزا، ڪورونا
نوان خطرا ۽ چئلينج آڻيندا رھيا آھن، پر وائرس رڳو بيماري نہ آھن، اھي ڌرتيءَ جي
ايڪولوجي جا لڪيل پر اھم رانديگر آھن، اھي قسم جي وچ ۾ ڊي اين اي جي مٽاسٽا ڪرائين
ٿا، ارتقاءَ لاءِ
نئون جينياتي مواد ڏين ٿا، جاندارن جي آبادي کي ڪنٽرول ڪن ٿا، چاھي ننڍڙو مائڪروب ھجي
يا وڏو مماليہ، ھر جاندار تي وائرس جو اثر ٿيندو آھي، ۽ وائرس جو اثر رڳو جاندارن
تائين محدود نہ آھي، اھي موسم، مٽي، سمنڊ ۽ تازو پاڻي بہ متاثر ڪن ٿا.
جڏھن توهان ڏسندا آھيو تہ ھر جانور، ٻوٽو ۽
مائڪروب ارتقاءَ جي پيداوار آھي ۽ ارتقاءَ تي وائرس جو وڏو اثر آھي، تہ پوءِ اھو اندازو ٿئي ٿو
تہ ھي ننڍيون پر طاقتور شئيون اسان جي سياري سان گڏ ڪيئن زندگيءَ کي شڪل ڏين ٿيون.
وائرولوجي جي سائنس اڃان شروعاتي مرحلي ۾ آھي. اسان انهن بابت وڌيڪ دريافتون ڪري رھيا آھيون، پر سمجھڻ جي رفتار ان کان سست آھي، هزارين سالن تائين اسان وائرس کي سڌو سنئون ڄاڻون پيا، بيماري ۽ موت جي وسيليِ، هاڻي اسان انهن اثرن کي انهن جي اصل سببن سان ڳنڍڻ شروع ڪيو آهي ۽ ان ڳولا ۾ اسان کي انهن بابت گهڻي ڄاڻ ملي رهي آهي، انهن جي ننڍڙي دنيا جو سفر وڏا راز کوليندو آهي.