عظيم سنڌي جي
ياد ۾ ـ
سنڌ جو ماضي
۽ حال اهڙين عظيم هيستين سان ڀريو پيو آهي، جن پنهنجي فڪر، قلم ۽ ڏان سان قوم کي سجاڳي
ڏني آهي. سنڌ جا اهڙا ماڻهو رڳو پنهنجو وقت روشن نٿا ڪن پر
ايندڙ نسلن لاءِ بہ فڪر جا ڏيئا
ٻاري وڃن ٿا۔ اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ شخصيت، جيڪا شاعر، اديب، بهترين مقرر جيڪو سنڌ جو
واحد ماڻهو هو، جنهن استاد
بخاري کي پنهنجي مخصوص انداز سان اسٽيج تان
ٻڌندڙن تائين پهچايو ان کان علاوہ قومي ڪارڪن
۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ خوب ملهايو،
سنڌي ادبي سنگت مورو جو سيڪريٽري پڻ رهيو ۽ آخر تائين علم ادب سان ناتو جوڙي رکيو،
سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن مورو جي سرگرم عهديدار ۽ ميمبر بہ رهيو،
سندس
اهيو متحرڪ ڪردار ۽ خدمتون هميشہ لاءِ يادگار رهندا۔
هن شخصيت جو
ان کان بہ اهم ڪم ۽ وڏو تعارف سندس شاعري آهي۔ سندس
لفظن ۾ ڌرتيءَ جي محبت، انساني احترام، امن ۽ انصاف جو پيغام سمايل آهي۔ سندس فڪر
۾ سنڌ جي ڌرتيءَ سان وابستگي، علم لاءِ جدوجهد ۽ محبت جو شعور نمايان آهي۔
شاعر جي حيثيت
۾ سندس سڀ کان مشهور ۽ گهڻو ورجايل بيت جيڪو سندس هر مداح کي ياد آهي سو آهي:
”گهرڻ کان گهڻو، مان ڏنو موري، ان مٽي جي ٿوري، سڃاپان ٿو سنڌ
۾۔“
هن بيت ۾ ڌرتيءَ
سان محبت جو اهو جذبو موجود آهي، جيڪو ڪنهن بہ
سچي
انسان کي پنهنجي ڌرتيءَ سان وابستہ رکي ٿو۔ شاعر
اهيو سمجهي ٿو تہ آهي تہ انسان جي سڃاڻپ دولت يا وڏين ملڪيتن سان
نہ پر ڌرتيءَ لاءِ ڪيل ٿوري خدمت سان بہ قائم ٿي سگهي ٿي۔
مورو جي مٽي،
جيڪا سندس پرڳڻو آهي، سا سندس سڃاڻپ بڻجي وئي۔ هن بيت مان اهو بہ ظاهر ٿئي ٿو تہ هو پنهنجي وجود کي ڌرتيءَ سان ڳنڍيل ڏسي
ٿو۔ اهو جذبو ئي ڪنهن بہ سچي قوم پرست
شاعر کي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ سماج لاءِ امر بڻائي ڇڏيندو آهي۔
هن شخصيت جو
ٻيو وڏو ۽ اهم پيغام جيڪو سندس هن غزل ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو ۽ محبت، امن، انصاف ۽ انسانيت جي ڳولا جو درس آهي۔
سندس ان مشهور غزل جا شعر، جيڪي وڏو اثر ڇڏين
ٿا، اهي هي آهن:
پيار کپي پر
جام کپي
سو بہ ٿو سرعام کپي
الفت جي، انڊلٺ مان
جهرمر مون کي
جام کپي
امن کپي، انصاف کپي
صبح کپي ۽
شام کپي
دردوندن جي
ديس منجهان
الفت جو، انعام کپي
محبت جي، محرابن ۾
عظيم ٿو، آرام کپي
هي غزل رڳو
فني پختگي نہ پر فڪري پختگيءَ
جي شاهدي ڏئي ٿو۔ ”پيار کپي پر
جام کپي“ ۾ محبت جي لازمي ضرورت بيان ٿيل آهي، جيڪا زندگيءَ
جو اصل سرمايو آهي۔ ”امن کپي انصاف
کپي“ ـــ هي سٽون شاعر جي سماجي شعور کي ظاهر
ڪن ٿيون۔ ”دردوندن جي ديس منجهان الفت جو انعام کپي“ ۾ شاعر سماج جي بربريت، ظلمن ۽ ڏاڍ جي مقابلي
۾ محبت جي روشني گهري ٿو، جيڪو آفاقي
پيغام آهي۔
هن غزل ۾ هڪ
طرف جمالياتي حسن آهي، ٻي طرف سماجي انصاف جو پيغام آهي، جيڪو هن شاعر کي پنهنجي همعصر
شاعرن جي قطار ۾ منفرد مٿانهون بڻائي ٿو۔
شاعري کان سواءِ،
هو اديب طور بہ هڪ گهري سوچ
رکندڙ شخصيت هو۔ سندس تحريرن ۾ سماج جي بيمارين جو تجزيو، تعليم جي اهميت تي زور،
۽ نوجوانن کي شعور ڏيڻ جو جذبو نمايان هوندو هو۔
هو اهو سمجهندو
هو تہ ادب رڳو دلجاءِ يا تفريح لاءِ ناهي، پر اهو
سماج کي بدلائڻ جو اوزار پڻ آهي۔ ان لاءِ سندس
تحريرن ۾ هميشہ فڪري گهرايون
۽ تجزياتي سوچ نظر اچي ٿي۔
عظيم سنڌي، سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو جو سيڪريٽري ٿيڻ
سندس زندگيءَ جو هڪ اهم باب آهي۔ سنڌي ادبي سنگت, سنڌ ۾ شعور ۽ سجاڳيءَ جو مرڪز رهي
آهي ۽ مورو جهڙي شهر ۾ ان کي منظم رکڻ وڏي ڪم جي ڳالهہ آهي۔ هو سنگت جي گڏجاڻين، مشاعرن ۽ ادبي
ويهڪن کي رڳو رسمي نہ سمجهندو هو
پر انهن کي فڪري ۽ تخليقي سمجهندو هو۔
عظيم سنڌي ساڳي
وقت، سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن مورو ۾ بہ
سندس
ڪردار اهم رهيو۔ هن تعليم جي اوسر، سماجي سڌارن ۽ نون نسلن لاءِ بهتر مستقبل ٺاهڻ
۾ پنهنجي حصي جو اهم ڪردار ادا ڪيو۔ هو ان سوچ جو قائل هو تہ تعليم کان سواءِ سماج ۾ تبديلي ممڪن ئي ناهي۔
سندس خطابت
بہ هڪ جدا ۽ نرالي ۽ ڪمال محسوس ٿيندي هئي۔
جڏهن هو تقرير ڪندو هو، تہ سندس لفظن
۾ هڪ عجيب جادو هوندو هو، جيڪو ٻڌندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو۔ خصوصي طور جڏهن
ڀٽائي سرڪار ۽ استاد بخاري کي پڙهندو هو تہ
ٻڌندڙ
جا لڱ ڪانڊار ويندا هئا، ان کان علاوہ سندس تقريرون رڳو عام تقريون نہ هونديون هيون پر حقيقتن تي ٻڌل، فڪري ۽ تجزياتي
هونديون هيون۔
هو جڏهن امن،
محبت ۽ انصاف جي ڳالهہ ڪندو هو، تہ ٻڌندڙن جي دلين ۾ يقين پيدا ڪري وٺندو هيو ۽ ٻڌندڙ اهيو محسوس ڪندو هيو تہ اهو خواب پورو ٿي سگهي ٿو۔ جڏهن هو تعليم
جي اهميت تي ڳالهائيندو هو، تہ نوجوانن جي
اکين ۾ حوصلو ۽ اميد جا ڏيئا ٻري پوندا هئا۔
هن عظيم شخصيت
جي ڪردار کي هيئين چئي ۽ سمجهي سگهجي ٿو تہ
عظيم
شاعر طور ڌرتيءَ جي محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو، اديب
طور سماج جي مسئلن تي فڪري تجزيا پيش ڪيا، مقرر
طور ماڻهن کي شعور، حوصلو ۽ اميد ڏني، سيڪريٽري
سنڌي ادبي سنگت مورو طور ادب جي تحريڪ کي زندہ
رکيو,
سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي اهم فرد طور تعليم ۽ سماجي اوسر لاءِ ڪم ڪيو۔
اهڙيون شخصيتون
رڳو هڪ عام فرد نہ ٿينديون آهن،
پر هڪ پوري تحريڪ بڻجي وينديون آهن۔ هو شاعر هو تہ
محبت
جا بيت ۽ غزل ڏنا، اديب هو تہ فڪر جا سرچشما
ڏنا، مقرر هو تہ ماڻهن جي دلين
۾ حوصلا وڌايا، ۽ سماجي ڪارڪن هو تہ پنهنجي ڌرتيءَ
لاءِ علم ۽ شعور جي راهون کوليون۔
سندس ڪلام
۾ محبت، امن ۽ انصاف جو آواز اڄ بہ زندہ آهي۔ سندس تنظيمياتي ۽ سماجي خدمتون ايندڙ
نسلن لاءِ رهنمائي بڻيل آهن۔
هو سنڌ جو اهو
فرزند هو، جنهن پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ٿوري عرصي ۾ بہ
وڏي
سڃاڻپ پيدا ڪئي ۽ محبت جي محرابن ۾ آرام ڳولڻ وارو پيغام سنڌ جي تاريخ ۾ امر بڻجي ويو۔