حقيقتن کي تسليم ڪرڻ گهرجي ـ حڪيم پريم چاندواڻي


حقيقتن کي دل و جان سان تسليم ۽ قبول ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ حقيقتن کي تسليم نہ ڪرڻ وارا احمقن جي دنيا ۾ رهندا آهن۔ اهي وهمن ۽ وسوسن ۾ گهيريل رهندا آهن۔ پوءِ انهن کي ڪيئن سالم هوش عقل جو مالڪ سڏي سگهجي ٿو۔

حقيقت سدائين، حقيقت رهي ٿي،

انهيءَ کي سند جي نہ حاجت هجي ٿي

حقيقت لفظ جي جيڪڏهن تشريح ڪجي تہ اها وٿ جيڪا ڪڏهن پئي پراڻي نہ ٿئي، صديون گذري وڃڻ بعد بہ ان ۾ ڪو بہ تغير يا تبديلي نہ اچي بلڪہ عين بين ساڳي رهي ۽ هرڪو ان کي صحيح تسليم ڪري ۽ مڃي۔ حقيقت سج چنڊ ستارن، آسمان ۽ ڌرتيءَ وانگر عيان هوندي آهي۔ حقيقت پنهنجو پاڻ کي پاڻ مڃرائيندي ۽ تسليم ڪرائيندي آهي ۽ ان کي ڪنهن بہ سند يا سرٽيفڪيٽ جي حاجت يا ضرورت نہ پوندي آهي۔ حقيقت ٻڌڻ سان ئي هر ڪو انجي صداقت کي دل سان مڃي وٺندو ۽ تسليم ڪندو آهي ۽ لاريب يا بيشڪ جا لفظ ورجائيندو آهي۔ پنهنجي ذاتي فائدي يا پاڻ کي چمڪائڻ خاطر ڪنهن بہ ڳالھ کي حقيقت جو نالو يا رنگ ڏئي، اڪثريت کي زوريءَ مڃائڻ يا مسلط ڪرڻ کي ڪنهن بہ صورت حقيقت نٿو سڏي سگهجي۔ جيڪي ماڻهون حقيقت کي مٽائڻ يا مسخ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن، انهن جو پنهنجو چهرو، شخصيت يا ڪردار ئي مسخ ٿي بگڙجي ويندو آهي ۽ اها گهڙيل افسانوي حقيقت جو رنگ ڏنل ڪهاڻي ڪوڙي ثابت ٿيندي آهي ۽ پوءِ انهن شخصن جو وقار ۽ عزت مٽيءَ ۾ ملي ويندي آهي ۽ اهي ڪٿي بہ ڪنڌ کڻڻ يا منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهن رهندا۔ تنهن ڪري ڪوڙن افسانن گهڙڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي آهي۔ ان سبب جي ڪري ڪوڙن قصن گهڙڻ کان باز رهڻ گهرجي ۽ حقيقت جي صحيح پرک ۽ ادراڪ هجڻ گهرجي۔ پاڻ ۾ بہ ايتري جرئت هجڻ گهرجي تہ ڪوڙ کي ڪوڙ ۽ سچ کي سچ چئجي، هر مومن ۾ اهڙي سگھ هجڻ بيحد ضروري آهي۔  هن دؤر ۾ ايترو تہ شعور وڌي چڪو آهي جو هرڪو بري ۽ ڀلي جي سٺي ڄاڻ سڃاڻ رکي ٿو پڻ پنهنجي بري ڀلي لاءِ بهتر سوچي سمجهي ۽ ان تي ئي عمل پيرا ٿئي ٿو، جنهن ڳالھ ۾ حقيقت صداقت ۽ وزن آهي، يا انجو جواز، ثبوت يا ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ مضبوط دليل ۽ شاهديون آهن۔ ان کي ئي حقيقت چيو وڃي ٿو۔ 

حقيقت کي هرڪو سمجهي ۽  ڄاڻي ٿو، جيئن سچ ۽ ڪوڙ کي  هرڪو سمجهي ۽ ڄاڻي ٿو۔ پوءِ ڄاڻي واڻي غلط راھ اختيار ڪرڻ واري کي نادان، جاهل يا پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪرڻ وارو مجهول سڏي سگهجي ٿو۔ حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تہ سڌو رستو ئي منزل تي پڄائي ٿو، ان جي ابتڙ غلط راھ تي هلڻ وارو شخص ڀٽڪيل ڀليل ۽ برو سڏجي ٿو ۽ سدائين خساري ۾ ئي رهي ٿو۔ غلط راھ اختيار ڪندڙ شخص ڪڏهن بہ سڪون جي ننڊ نٿو سمهي سگهي۔ هو پنهنجي عملن جي سزا ڀوڳيندي سدائين پريشان حال ۽ تڪليفن ۾ مبتلا رهندي ڏکيو وقت گذاري ٿو ۽ ذهني طور بہ مفلوج رهي ٿو۔ ڇاڪاڻ تہ اهڙي شخص کي مت تڏهن ايندي آهي جڏهن هو پنهنجو سڀ ڪجھ وڃائي ولهو ۽ پريشان حال ٿي پوندو آهي۔ ۽ پوءِ سندس پڇتاؤ ڪرڻ اجايو بي سود ۽ فضول هوندو آهي ۽ اهو قيمتي وقت يا سرمايو کيس موٽي ناهي ملندو نہ ئي اهو وڃايل قيمتي وقت موٽي سگهندو آهي نہ ئي وري اهڙو امڪان موجود هوندو آهي۔ حقيقت جي ابتڙ جيڪي خيال رايا يا نظريا هجن ٿا اهي وهمن، وسوسن، مفروضن يا تمثيلن تي ٻڌل هوندا آهن۔ ڏاهن چواڻي تہ جا ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي، سا بہ ڀليل نہ چئبي۔ پر اها مت بہ بروقت اچڻ بيحد ضروري آهي۔ ڇو تہ سج لٿي کان پوءِ اوير ئي تہ هوندي آهي۔ هر انسان کي حقيقت پسند ٿيڻ گهرجي، حقيقت پسند انسان کي اڪثر ڏکيو ڏينهن ناهي ڏسڻو پوندو، پنهنجي اصولن ۽ نظرين تي ڪڏهن بہ سوديبازي نہ ڪرڻ گهرجي۔ حقيقت پسند انسان ئي حقيقت ۾ آدرشي، اصول پرست، اهل دل، صادق، امين ۽ مؤمن هوندا آهن۔ اهڙا املھ انسان نہ ڪنهن جي دل رنجائيندا آهن نہ ئي ٻين جي حقن جي ويجهو هوندا آهن۔ ۽ اهڙن انسانن کي ئي هرڪو پنهنجي اکين ۽ دل ۾ جاءِ ڏيندو آهي ۽ ان جي قريب رهڻ ۽ سندن صحبت مان فيضياب ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي۔ حقيقت پسند انسان ڪنهن جو بہ حق ناهن کائيندا نہ ئي ڪنهن سان نا انصافي يا بيواجبي ڪندا آهن۔ جيئن چوڻي آهي تہ سٺن ۽ نيڪن جي صحبت ئي سٺو ۽ نيڪ بنائيندي آهي۔ ڀٽائيءَ ڀلاري اهڙن ئي املھ انسانن لاءِ فرمايو آهي تہ:

ماڻهو سڀ نہ سهڻا، پکي سڀ نہ هنجھ،

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ، اچي بوءِ بهار جي.“

عزت هڪ اهڙي املھ وٿ آهي، جيڪا وڃڻ کان پوءِ واپس ورائي نٿي سگهجي، نہ ئي ڪنهن قيمت تي خريد ڪري سگهجي ٿي۔ تنهنڪري هر قدم سنڀالي سنڀالي صحيح رخ ۾ کڻڻ گهرجي، پنهنجي سکڻي انا، وڏائيءَ، ضد يا عناد جي ڪري ڪوبہ غلط قدم يا غلط فيصلو نہ ڪرڻ گهرجي، نہ ئي ڪڏهن حقيقت کي مسخ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ گهرجي۔ حقيقت آڏو سر تسليم خم ڪرڻ  گهرجي، نڪي اجائي بحث ۾ الجهڻ گهرجي۔ ڇاڪاڻ تہ اجائي بحث ڪرڻ سان انسان ذات ۾ ان شخص جو اميج خراب ٿي وڃي ٿو، ۽ ڪافي ڪوششن ۽ وس ڪرڻ سان بہ ان ساڳي اميج کي بحال نٿو ڪري سگهجي۔ تنهنڪري ننڍي کان ننڍي غلطيءَ کان بہ باز رهڻ گهرجي۔ جيڪو ماڻهو بي اصولو آهي، يا حقيقت جي ابتڙ ڪم ڪري ٿو، اهو آخر ڪنهن مها ڄار ۾ ڦاسي پوي ٿو ۽ پوءِ انجو اتان بچي نڪرڻ يا عزت بحال ٿيڻ ڏاڍو مشڪل عمل ٿي پوي ٿو۔ حقيقت کي ڪڏهن بہ جهٽلائي نٿو سگهجي۔

حقيقت سدائين حقيقت رهي ٿي،

صدين جي پڄاڻان بہ ساڳي هجي ٿي۔

ڀلي سؤين صديون گذري وڃن پر حقيقت کي ڪنهن بہ وقت جي وير، اڻائي هوا يا طوفان لٽي يا ميساري نٿو سگهي۔ هر حقيقت جو بنياد تمام گهڻو مضبوط ۽ قوي هجي ٿو ۽ هر دؤر سان گڏ اکين ۾ اکيون ملائي هلي ٿي ۽ ان کي ڪابہ فنا، فنا نٿي ڪري سگهي يا ڪڏهن بہ مٽائي يا ختم نٿي ڪري سگهي، حقيقت هميشہ پائدار ۽ بابقا هجي ٿي ۽ صدين گذرڻ بعد بہ ساڳي حالت ۽ حيثيت ۾ قائم دائم رهي ٿي۔

حقيقت چهپ نهين سکتى، بناوت کي اصولون سي،

خوشبو آ نهين سکتى، کبهى کاغذ کي پهولون سي.“

جيئن ڪاغذي گلن مان ڪڏهن بہ خوشبو نٿي اچي سگهي، اهڙيءَ ريت ڪنهن بہ مفروضي کي حقيقت جو درجو ملي نٿو سگهي۔ من گهڙت ڳالهيون ڪڏهن بہ سچيون ثابت ٿي نٿيون سگهن۔ ڇاڪاڻ تہ انهن جو سر يا پير هوندو ئي ناهي۔ ڪوڙ جي قلعي لٿي پوءِ جهڙو تئو۔ تنهنڪري سالڪ چوندا آهن تہ:

ڪيسين ڪڏندو ڪوڙ،

ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ۔

سچ  تہ بيٺو، نعرو هڻي نچ،

سچ نہ ٿيندو، ڪائو ڪچ.“

پوءِ سچ چئي ڇونہ سرخرو ٿجي، جو ويهي ڪوڙ جا سؤ قلعا جوڙجن پر اهي واريءَ جي گهر مثل يا ٺڪريءَ تي وڻ جيان ثابت ٿين۔

وڻ ويڙهي ڪيتري بہ وڻ کي وڪوڙي ڇونہ وڃي ۽ ڪيتري بہ سائي سبز ڇونہ هجي، پر هڪ ڏينهن ان کي سڪي سڙي خشڪ ٿي وڃڻو آهي۔ ڇاڪاڻ تہ ان کي ڪابہ پاڙ يا بنياد نہ آهي۔ اهي سمورا مثال حقيقت پسند ٿيڻ لاءِ ڪافي آهن۔

ڪيترا ئي نظريا ۽ ٿيوريون وقت جي وير سان گڏ ميسارجي ۽ دؤرن جي دزيء ۾ گم غرق ٿي ويون۔ پر هر حقيقت صدين پڄاڻان بہ قائم ۽ دائم رهي ٿي ۽ اڃا تائين ساڳي حالت ۾ موجود ۽ قائم آهي ۽ سدائين قائم دائم رهندي ايندي۔

حقيقت کي نہ ڪو زوال اچڻو آ،

خيال ھميشہ، بلند بالا رکڻو.“

جيڪو بہ مذهب حقيقت جي ويجهو هيو، اهو صدين پڄاڻان بہ قائم دائم آهي، ۽ ان ۾ ڪوبہ ذري برابر بہ ڦير گهير ڪري يا بدلائي نہ سگهيو آهي۔ پر جيڪي مذهب مفروضن يا قياس آرائين تي ٻڌل هئا، اهي وقت جي وير ۾ وهي ۽ لڙهي پنهنجو وجود وڃائي ويا ۽ پنهنجي الڳ شناخت قائم رکي نہ سگهيا۔ جڏهن تہ سچو دين اسلام اڄ تائين قائم دائم آهي۔ جيئن تہ اڄ ڪلھ جو انسان روحانيات ۽ اخلاقيات کان منهن موڙي چڪو آهي، تنهن ڪري ئي دنياوي تڪليفن ۽ عذابن ۾ گهيريل آهي۔ تنهنڪري اسان کي شرعي احڪامن سان گڏوگڏ حقوق العباد ۽ حقوق الالله طرف خاص ڌيان ۽ توجهہ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي۔ جڏهن الله پاڪ ناراض ٿيندو آهي تڏهن انسان نفس جي چنبي ۾ اچي براين طرف وڌيڪ راغب ٿي ويندو آهي۔ سندس عقل خطا ٿي ويندو آهي ۽ کيس صحيح سوچ نہ ايندي آهي۔ انهيءَ سبب ئي  عذابن پريشانين ۽ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي۔ اخلاق جي پستي ئي تباهيءَ ۽ بربادي جو مکيہ ڪارڻ يا سبب آهي۔ تنهنڪري انهن سڀني پريشانين، عذابن ۽ تڪليفن کان نجات واسطي اسان کي حقيقت پسنديءَ جو مظاهرو ڪندي، نيڪيءَ ۽ روحاني راھ تي رمڻو پوندو، ۽ حق جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙڻو پوندو۔ اسان جي هٿ يا زبان سان ڪنهن کي بہ ڪا تڪليف نہ پهچڻ گهرجي۔ جڏهن اسان ٻين کي تڪليف نہ ڏينداسين تہ پاڻ بہ تڪليفن ۽ عذابن کان بچيل، ڇٽل ۽ محفوظ رهنداسين، اهڙيءَ ريت ئي اسان هڪ مثالي معاشرو قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين۔ ٻين جي خير گهرڻ ۾ ئي حقيقي روحاني راحت لڪل آهي، ٻين جو خير گهربو تہ پاڻ بہ خيريت سان رهبو ۽ سٺو وقت گذرندو۔ تنهنڪري ئي سالڪ چوندا آهن تہ پر خير تہ پنهنجو خير۔

جي نيڪ نظر هوندي،

دنيا جنت جان لڳندي۔

Previous Post Next Post