ناحق کان پري ئي رهجي ـ حڪيم پريم چاندواڻي

سرڪاري ملازم پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هڙتال سبب روڊن تي آهن۔ سندن سڀ حق جائز آهن، ڇاڪاڻ تہ ٻين صوبن ۾ ساڳيون مراعتون اڳ ئي مليل آهن۔ تنهن ڪري سنڌ سرڪار کي بہ گهرجي تہ سرڪاري ملازمن جا مطالبا مڃي۔ انهن مان بيچيني ۽ احساس محرومي ختم ڪئي وڃي۔ جيڪي سندن جائز حق آهن بنان دير جي منظور ڪيا وڃن۔ انهيءَ سان گڏوگڏ ريٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ۽ بي فنڊ جي واپسي بہ يقيني بنائي وڃي۔ جيئن تہ ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ پڻ اهڙو فيصلو ٻہ دفعا ڏئي چڪي آهي۔ پوءِ گروپ انشورنس يا ٻيون بقايائون واپس نہ ڪرڻ جو ڪوبہ جواز باقي نٿو بچي۔ تنهنڪري ضرورت ان امر جي آهي تہ انهيءَ سلسلي ۾ ترت قدم کڻي سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن کي ترت رليف ڏنو وڃي ۽ سندن جملي جائز مطالبا تسليم ڪري، رولس تي ترت قدم کڻي عمل کي يقيني بنايو وڃي۔

احساس محرومي تڏهن جنم وٺندي آهي، جڏهن ڪنهن فرد، گروھ، قوميت يا قوم جا حق صلب ڪيا وڃن۔ اها احساس محرومي ئي ڇڪتاڻ جو سبب بنجندي آهي۔ تنهن ڪري اهڙي نوبت اچڻ کان اڳ مسئلا حل ڪيا وڃن۔  جيئن چوڻي آهي تہ تنگ آيد بہ جنگ آيد تنهن ڪري ڪنهن کي بہ ڪمزور نہ سمجهڻ گهرجي ۽ هر هڪ لاءِ حقن جو حصول تمام آسان ۽ انصاف تي مبني هجڻ گهرجي۔ ائين ڪرڻ سان قومي يڪجهتي ۽ ايڪتا برقرار رکي سگهجي ٿي۔ ڪنهن تي بہ جبر ڪري ان جي دل فتح ڪري نٿي سگهجي۔ دين اسلام بہ اسان کي هر هڪ جي حقن جو احترام ڪرڻ سيکاري ٿو۔ ظلم ۽ زيادتيءَ تي ٻڌل نظام گهڻو وقت جٽاء ڪرڻ کان قاصر هوندو آهي۔ هر قانون ۾ ڪنهن لاءِ بہ امتيازي سلوڪ جي ڪابہ گنجائش نہ هجڻ گهرجي۔ آئين ۽ قانون ۾ هر شهريءَ کي هڪ جيترا حق حاصل آهن۔

شخصي آزادي هر هڪ کي وڌ ۾ وڌ پياري ۽ پسند هوندي آهي تنهنڪري شخصي آزاديءَ جي راھ ۾ حائل سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ بهترين عدل انصاف تي مبني نظام قائم ڪرڻ گهرجي، جيڪو سڀني لاءِ قابل- قبول هجي ۽ ڪنهن کي بہ احساس ڪمتري يا احساس محروميءَ جو احساس نہ رهڻ گهرجي۔ الله پاڪ هر انسان کي آزاد پيدا ڪيو آهي ۽ ڪنهن بہ هڪڙي شخص کي ٻئي شخص تي ڪابہ برتري يا فوقيت نہ آهي۔ اگر آهي تہ عملن ۽ ڪردار جي سبب، تنهنڪري برابريءَ وارو نظام ئي تمام بهترين ۽ ڪارائتو نظام آهي۔ هر هڪ کي گهر جي چوکٺ تي عدل ۽ حقن جي فراهمي يقيني بنائڻ گهرجي۔  هر هڪ کي پنهنجا جائز حق آسانيءَ سان ملڻ گهرجن۔ جڏهن هر هڪ کي پنهنجا جائز حق بنان گهرڻ جي ۽ آسانيءَ سان ملندا رهندا تہ دنگا فساد جهيڙا جهڳڙا ۽ جلاءِ گهيراءَ جا واقعا يا هل هنگاما نہ ٿيندا۔ هڙتالن جي ڪري ملڪن کي اربين روپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي۔ هن وقت هڙتال يا تالابنديءَ سبب تعليمي نظام سخت متاثر ٿي رهيو آهي۔ هڙتالون معاشي بدحاليءَ جو پڻ سبب بنجي رهيون آهن۔ هڙتالن سبب عوام جي ڪيفيت ازطرابي ٿيڻ اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ تہ انهن جا روزمرہ جا ڪم متاثر ٿي رهيا آهن۔ هونئن بہ هر رياست کي عوام جي سڳي ماءُ وارو ڪردار نباهڻ گهرجي۔ سٺي جمهوريت ۾ جڏهن هر هڪ جي حقن جو احترام ڪندي هر هڪ کي پنهنجا جائز ۽ ضروري حق ملندا رهندا آهن تہ امن و امان جي صورتحال بهترين رهندي آهي، ان سبب جي ڪري ترقيءَ جي رفتار بہ تيز رهندي آهي ۽ وقت سان گڏ خوب ترقي ٿيندي رهندي آهي۔

حق هر هڪ، کي جلدي ملندو،

ديس ۾، چين سڪون  رهندو۔

اهو ديس خوشحال ديس سڏيو ويندو آهي، جتان جو عوام مسئلن جي بوجھ ۾ دٻيل ناهي هوندو، پرسڪون ۽ خوشحال زندگي بسر ڪندو رهندو آهي۔ اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي تہ مسڪين ۽ شريف طبقي کي ڏاڍو ڀوڳڻو پوي ٿو جڏهن تہ زورآور ۽ ڏاڍا ماڻهون ڏاڍ  جي زور تي پنهنجا مطالبا يا حق مڃرائي وٺن ٿا۔

مفاد پرست ۽ خود غرض ٽولو هميشہ ڪمزور کي ئي پنهنجو نشانو بنائيندو يا داءُ ڪندو رهندو آهي۔  ڇاڪاڻ تہ انهن کي مسڪينن مان سخت موٽ ملڻ جو خوف نہ هوندو آهي۔ جڏهن تہ ڏاڍي سان هو بيواجبي انهيءَ ڪري نہ ڪندا آهن تہ متان ڪا اگري موٽ نہ ملي وڃي۔ هونئن بہ اهو قانون- قدرت آهي تہ پاڻي هميشہ هيٺاهين ڏانهن ئي وهندو آهي، تنهن ڪري هيٺيان علائقا ٻوڏ جو وڌيڪ شڪار ٿيندا آهن۔ ڪمزور ماڻهن کي ئي سدائين ڀوڳڻو پوندو آهي۔ سدائين حقن خورن جو عبرتناڪ انجام  ٿيندو رهيو آهي ۽ انهن جو مثال ٻين جي اصلاح لاءِ سدائين موجود رهندو ايندو آهي تہ جيئن ٻيا انهن جي انجام مان سبق سکي سگهن۔ چار آسماني ڪتاب ۽ صحيفا انسان ذات کي گناهن کان پاڪ زندگي گذارڻ جي تعليم ڏيندا رهيا آهن ۽ پر انسان  انا جي انڌ ۾ شرافت ۽ ديانت جا سڀ ليڪا لتاڙيندا رهيا آهن تان جو وڃي پنهنجي انتهائي انجام کي رسڻا آهن۔ بد ڪردارن جي بري انجام کي ڏسندي هر انسان کي عقل ۽ هوش کان ڪم وٺندي گناهن ۽ حقن کائڻ کان باز رهڻ گهرجي ۽ سڌي راھ تي رمندي انسان ڪامل ٿي بهترين ۽ مثالي زندگي بسر ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين کي بہ حق سچ جي تلقين ڪرڻ گهرجي۔ اهڙو ڪوبہ مذهب نہ آهي، جنهن ۾ جزا سزا جي قانون بابت بيان نہ ٿيل هجي، کڻي جو سزا جا طريقا مختلف ڏسيا ويا آهن۔ مڪافات عمل کان هرڪو واقف آهي، پر جيئن تہ ظاهري ترقيءَ طرف ماڻهن جو ذهن مائل آهي، تنهنڪري جزا سزا ۽ مڪافات عمل واري ڳالھ کي ڄڻ اڪثريت وساري ويٺي آهي۔ ان صورتحال ۾ ضرورت آهي روحاني علم يا لدني علم جي۔ اهو گناھ وڏو گناه ڳڻيو ويندو آهي، جنهن گناھ کي گناھ ئي نہ سمجهو وڃي، سڀ کان وڏو گناھ ڪنهن کي قتل ڪرڻ يا حق کائي وڃڻ آهي۔

بگڙيل صورتحال ۾ معاشرو وڃي ٿو پستيءَ جي طرف وڌندو۔ اخلاقي پستيءَ جي انتها ٿي چڪي آهي، انساني وصفون ماضيءَ جا وساريل قصا بنجي چڪا آهن۔ اسان کي تاريخ جي ورقن کي ورائڻ سان خبر پوندي تہ جيترو گهڻو ظالم، ان کي سزا بہ اوتري ئي سخت ۽ عبرت ناڪ ملندي رهي آهي۔ وقت جي جابرن جي خلق- خدا طرفان ڪهڙي طرح آجيان ٿيندي رهي آهي۔ سڀني کي ڄاڻ آهي تہ سندن آجيان گندن بيضن ٽماٽن ۽ پٿرن سان ٿيندي رهي آهي ۽ انهن جو موت بہ ڏاڍو ڀيانڪ ۽ عبرتناڪ ٿيو آهي۔ مالڪ سائين کي پنهنجي مخلوق بيحد پياري آهي۔ ان حد تائين جو ماءُ جي محبت کان بہ ستر ڀيرا وڌيڪ، مالڪ سائين پنهنجي هر ٻانهي سان محبت ٿو ڪري، رب پاڪ ڪنهن بہ ٻانهي تي سختي يا ستم نٿو سهي سگهي، پر جيڪي جابر ۽ سفاڪ ماڻهون اهڙو نيچ ۽ گندو عمل ڪن ٿا، انهن کي ٻين لاء عبرت جو مثال بنايو ويو آهي۔

چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن،

جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن ـ (جيئي لطيف)۔

ڪن بندن جي دل زرخيز زمين وانگر ٿئي ٿي تہ ڪن جي وري ڪلراٺي يا پٿريلي ٿئي ٿي، سو هر هڪ پنهنجي مزاج مطابق رويا روا رکي ٿو يا هلت هلي ٿو۔ پرکڻ وارا پرکي وٺن ٿا انهن جي سفاڪانہ مزاج کي، پر اٻوجهہ ماڻهو دوکو کائي وڃن ٿا۔ اهڙن ماڻهن وٽ هجي ٿو سونهري ۽ پرڪشش ڄار جنهن ۾ ڦند ڪري اٻوجهن کي ڦاسايو وڃي ٿو۔

توبھ تائب سچيءَ دل سان ڪرڻ سان معافي ملي سگهي ٿي، عذاب معاف ٿي سگهن ٿا۔ مالڪ سائين بيحد ڪريم، رحيم، ستار، غفور ۽ نهايت ئي ٻاجهارو آهي۔ پر جنهنجي بخشش لکيل ئي نہ هوندي آهي، ان کي ڪڏهن بہ سڌو رستو هٿ ئي ناهي اچڻو، تنهنڪري اونداهيءَ ۾ پيو ٿاڦوڙا هڻندو آهي ۽ وڌندو ويندو ظلم ۽ جبر جي ويران راهن ڏانهن جتان سندس واپسي ٿيڻ مشڪل هوندي آهي۔ بد کان بدتر ٿي بدناميءَ ۽ بي حسيءَ وارو عبرتناڪ موت مري ويندو آهي ۽ سندس نانؤ هميشہ بدڪارن ۽ بيڪارن جي لسٽ ۾ شمار ٿيندو آهي ۽ اهڙو بدناميءَ جو موت مري سدا لئي انسانن جي نظرن ۾ انجو ڪردار ڪريل ۽ ڪمتر ئي رهندو آهي۔ هر ظالم جو انجام ڏاڍو ڀيانڪ ۽ بدتر ٿيندو رهيو آهي۔ هميشہ مظلومن جر بد دعائن کان بچڻ گهرجي۔

مسڪينان مار جو هوندو،

سو بي آبرو، ٿي مرندو۔

هر ظالم حقن خور کي عبرتناڪ انجام ۽ تمام برو موت ملڻو آهي، تمام گهڻي اذيتناڪ سڪرات کان بعد ئي سندس دم پرواز ٿيڻو آهي۔ تنهنڪري اهڙي بري ۽ سخت انجام کان بچڻ لاءِ ڪنهن سان بہ اهڙو سلوڪ نہ ڪرڻ گهرجي جو هو الله پاڪ کي شڪايت ڪري۔ آھ برق رفتار ٿيندي آهي ۽ هڪ پل ۾ ظالم پنهنجي انتهائي انجام کي پهچي ويندو آهي۔ مظلوم جي آھ روشنيءَ جي رفتار کان بہ اثر انداز ٿيڻ ۾ تيز تر هوندي آهي ۽ اک ڇنڀ ۾ ظالم ڍيري ٿي ويندو آهي۔ ظلم زيادتيءَ جي بازار اڳي کان بہ وڌيڪ گرم آهي۔ انسانن مان انسانيت جو جذبو موڪلائيندو پيو وڃي۔ اگر ترجيح آهي تہ ذاتي مفادن ۽ پاڻ جهڙي ٽولي کي ورنہ ڪو ڪنهن ڏي ٽيڏي اک سان بہ ڏسڻ لاء تيار نہ آهي۔ تنهنڪري انسانيت جي جذبي ۽ ماڻهپي کي نئين سري سان بيدار ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي۔ رشتن جي تقدس کي اهميت ڏيڻي آهي۔ هر هڪ سان تمام سٺي نموني مرڪي ملڻو آهي، ڪنهن جي بہ دل آزاري ناهي ڪرڻي ڪنهن جو بہ حق ناهي کائڻو ۽ هر انسان جون جائز گهرجون هر صورت پوريون ڪرڻ گهرجن۔ ڪنهن سان بہ امتيازي ورتا نہ ڪرڻ گهرجي ۽ هر هڪ جي حقن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي۔ ٻار ٻڍي، ننڍي وڏي کي جڏهن پنهنجا جائز حق ملندا رهندا تہ انهيءَ سماج کي سڌريل سماج سڏيو ويندو ۽ اهڙو ديس ئي مثالي ديس سڏيو ويندو آهي۔ اهڙي ملڪ جو سڌريل ۽ مثالي ملڪن ۾ شمار ٿيندو۔ انساني حقن جون تنظيمون تہ انهيءَ ڏس ۾ پاڻ پتوڙي ۽ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪري رهيون آهن پر جيستائين هر هڪ وٽ حقن جو احترام ۽ حقن جي اهميت جي صحيح ۽ پوري پروڙ يا ڄاڻ نہ هوندي تيستائين بهتر تبديليءَ جو خواب بهتر ۽ خوبصورت تعبير کي ماڻي نہ سگهندو۔ حقيقتن کي نظر ۾ رکيو وڃي تہ ترقي پذير يا غريب ملڪن جي عوام جي زندگي زندگي ناهي پر سندن زندگين سان مشڪري ٿيندي رهي آهي۔ 

هر هڪ  شخص کي جائز ۽ بنيادي حق ڏنا وڃن ۽ انهن جي جائز گهرجن کي ترجيحي بنيادن تي ترت، بنان فرق، هر حال ۾ پورو ڪرڻ گهرجي۔ احساس محروميءَ کي ختم ڪري اعليٰ مثال قائم ڪرڻ گهرجي، ڪنهن بہ شخص سان ڪوبہ امتيازي سلوڪ نہ ڪيو وڃي۔ انسانيت جي، تقاضا اها ئي آهي تہ هر هڪ کي حق برابريءَ جي بنياد تي ملي ظلم زيادتي يا امتيازي سلوڪ نہ ٿيڻ گهرجي، عدل ۽ حقن جي حاصلات ۾ ڪابہ رڪاوٽ نہ هجڻ گهرجي۔ انا جي انڌ ۾ ڪو بہ انياء نہ ٿيڻ گهرجي۔ احساس محروميءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ هر فرد لاءِ حقن جي حاصلات يقيني ۽ آسان بنائي وڃي۔

حق  ڏجي ۽ حق وٺجي،

ناحق کان پري ئي رهجي۔

Previous Post Next Post