تاريخ ۾ ڪي اهڙا فرد هوندا آهن جيڪي مايوسين ۾ بہ وڏي وٿ هوندا آهن،
انهن کي وساري نٿو سگهجي اهي مري وڃڻ کان پوءِ بہ هميشہ زندہ رهندا آهن، هنن جي جدوجهد
جرئت هميشہ ٻين هزارين، لکين، ڪروڙين ماڻهن
جا حوصلا بلند ڪندڙ هوندي آھي، هن دور جو عظيم انسان ماما قدير بلوچ ھو، آهي ۽ رهندو.
ماما قدير هن
دور جي نھايت اهم مسئلي تي سماج کي متحرڪ ڪيو. گم ڪيل ماڻهن جو ڪيس عالمي سطح تي پهچايو،
هر قسم جو ظلم برداشت ڪيو، پنهنجي مسنگ پرسن بڻايل پٽ جي ڪيس کان سموري ملڪ جي گم ڪيل
ماڻهن جو ڪيس وڙهيو.
هن انساني حقن
لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي ان کيس هڪ عظيم شخصيت بڻائي ڇڏيو. هتي جمهوريت، انساني حقن جي
اصليت کي بہ نروار ڪيو. هتي جيڪو هڪ انسان جو قدر آهي ان کي بہ ظاهر ڪيو.
هن ڪهڙين ڪهڙين
تڪليفن ڌمڪين خوفناڪ نتيجن بابت نہ ٻڌو هوندو،
هن کي ڪٿي ڪٿي خوف کي شڪست ڏيڻي پئي هوندي، هو پنهنجي پوٽي سان گڏ جڏهن حامد مير جي
پروگرام ۾ اچي ٿو تہ هڪ فاتح، اهي هڪ عزم آهي، حوصلي جو نالو آهي.
هن وقت بہ ماڻهو
گم ٿيل ماڻهن تي ڳالهائڻ کان لهرائيندا آهن پر هن مرد مجاهد ڪڏهن بہ اها پرواه نہ ڪئي
تہ سندس انهي جدوجهد جو انجام ڇا نڪرندو. هو هلندو رهيو، هن تاريخ ۾ پهريون وڏو حقيقي
لانگ مارچ ڪيو. جيڪو ڪراچي کان اسلام آباد تائين هو، ان ۾ کيس ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي، کيس زخمي ڪيو ويو پر هو ثابت قدم ٿي هلندو رهيو هن مسنگ پرسن جي ڪيس کي بيخوف ٿي هڪ عالمي ڪيس ڪيو،
هن جي جدوجهد جتي ڪٿي کيس احترام ڏنو.
حڪمران طبقن جي
نظر ۾ هو هڪ غدار، ديش دروهي هو، پر اڄ سموري پاڪستان سميت دنيا ۾ کيس احترام جي نظر
سان ڏٺو وڃي ٿو .
ماما قدير بلوچ
جو نقطئہ نظر هن وقت رياست جي ۽ اصل حڪمران طبقن جي بيانيي کي ختم ڪري فاتح
ٿي چڪو آھي. هي ڪا معمولي ڳالهہ نہ آهي، هن جو مطلب آهي تہ ظلم جيترو وڌندو وڃي اوترو
ويڙه ڪريو، حوصلي سان ڪريو مستقل مزاجي سان ڪريو.
هن سماج ۾ اڃا
خبر ناهي ڪيتري جدوجهد ڪرڻي پوندي، انساني وقار کي بحال ڪرائڻ لاءِ پر ماما قدير هن
جديد دور ۾ هيرو هوندو، هن جي شخصيت وڌيڪ نکرجي ايندي، وڌيڪ چٽي ٿي ايندي، هو هميشہ
زندہ رهندو.
هن وقت ڀلي ظلم
جي ڪاري رات هجي پر جڏهن بہ انساني عظمتن تي
ڳالهايو ويندو، تڏهن سندس ڪردار وڌيڪ نکرجي ايندو، وڏي ڳالهہ تہ هن جيڪو خوف کي ختم
ڪيو، مرڻ تائين حوصلي سان بيٺو رهيو، اها ڳالهہ سندس شخصيت جي استقامت جي شاهد رهندي.

