وقت جي تيزي ۽ ٿڪل وجود جو نوحو ـ حڪيم پريم چاندواڻي

دنيا  ڏاڍو، تيز هلي ٿي،

جندڙي ٿڪجي پوي ٿي.

سنڌ جي حساس ۽ انسان دوست شاعر پريم جون اهي ٻه سٽون سادي ٻوليءَ ۾ چيل محض لفظ ناهن، پر هي اڪويهين صديءَ جي ان انسان جو پيغام آهن، جيڪو ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پنهنجو پاڻ وڃائي ويٺو آهي. اڄ جڏهن اسان هن شعر جي گهرائيءَ ۾ لهون ٿا، ته اسان کي محسوس ٿئي ٿو ته شاعر اسان جي نسن ۾ ڊوڙندڙ ان بيچينيءَ کي، نبض تي هٿ رکي سڃاڻي ورتو آهي، جنهن جو علاج ڪنهن به طبيب وٽ ناهي.

برق رفتار زمانو ۽ ساهه جي گُهٽ:

انسان فطرت جي گود مان نڪري، جڏهن کان مشينن جي دنيا ۾ داخل ٿيو آهي، تڏهن کان وقت جي رفتار سان سندس جنگ جاري آهي. اڳي وقت گذرندو هو، هاڻي وقت ڊوڙي ٿو. اڳي ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڪچهريون ڪندا هئا، دلين جا حال احوال اوريندا هئا، پر اڄ ڪنهن وٽ به ٻين لاءِ ته ڇا، پر پنهنجي ذات لاءِ به وقت ڪونهي. اها ئي ته اها تيزي آهي، جنهن ڏانهن پريم شاعر اشارو ڪيو آهي.

دنيا هڪ اهڙي ريل گاڏيءَ وانگر ٿي وئي آهي، جنهن جي نه ڪا منزل آهي ۽ نه وري ڪا بريڪ. اسان سڀ ان گاڏيءَ جا مسافر بڻجي ويا آهيون، جيڪي درين مان ٻاهر ڏسڻ جي بجاءِ، صرف پنهنجي سيٽ پڪي ڪرڻ جي فڪر ۾ غلطان آهيون. ٽيڪنالاجي، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جتي اسان کي دنيا سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، اتي اسان کي پاڻ کان پري به ڪري ڇڏيو آهي. پل پل بدلجندڙ منظر، روز نيون خواهشون، ۽ هر گهڙي اڳتي نڪري وڃڻ جي هڪ اڻ کٽ ڊوڙ، انسان کي هڪ اهڙي مشين بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ احساس جو پرزو خراب ٿي چڪو آهي.

جندڙي ٿڪجي پوي ٿي: هڪ وجودي بحران:

شعر جي ٻي سٽ، جندڙي ٿڪجي پوي ٿي، اصل ۾ هڪ الميو آهي. هي ٿڪ جسماني ناهي. جيڪڏهن هي جسماني ٿڪ هجي ها ته ننڊ ڪرڻ سان لهي وڃي ها، آرام ڪرڻ سان ٺيڪ ٿي وڃي ها. پر هي ٿڪ روح جو ٿڪ آهي. هي ٿڪ ان مسلسل ذهني ڇڪتاڻ جو نتيجو آهي، جيڪا اسان سڄو ڏينهن برداشت ڪريون ٿا.

اسان جو اندر، اسان جي جندڙي، اصل ۾ فطرت جي سڪون جي طلبگار آهي. اها چاهي ٿي ته ڪنهن درياهه جي ڪپ تي ويهي پاڻيءَ جو آواز ٻڌجي، ڪنهن وڻ جي ڇانؤ ۾  ويهي پکين جون ٻوليون ٻڌجن، يا وري ڪنهن پياري جي اکين ۾ ڏسي خاموشيء سان ساري ڪائنات جي حسناڪين کي محسوس ڪجي. پر جڏهن ٻاهر جي دنيا جو شور ۽ رفتار، اسان جي اندر جي رفتار سان ميل نٿي کائي، ته پوءِ هڪ عجيب قسم جي ڀڃ ڊاھه اندر ۾ جنم وٺندي آهي. اها توڙ ڦوڙ انسان کي ڊپريشن، بيچيني، اڪيلائپ ۽ ويڳاڻپ جي اونهي کوهه ۾ ڌڪي ڇڏي ٿي.

اڄ جو انسان بلند عمارتن ۾ رهي ٿو پر سندس من جو گهر خالي آهي. هن وٽ ڊوڙڻ لاءِ پڪا رستا آهن، پر هلڻ لاءِ ڪو ساٿي ناهي. هو چنڊ تي قدم رکڻ جا خواب ڏسي ٿو، پر ڌرتيءَ تي موجود گلن جي خوشبوءِ کان محروم آهي. اها محرومي ۽ اڪيلائي ئي جندڙيءَ کي ٿڪائي وجهي ٿي. روح، جيڪو ازل کان سڪون جو متلاشي آهي، جڏهن ان کي مادي شين جي ڊوڙ ۾ گهليو وڃي ٿو، ته هو رڙيون ڪري ٿو، پر دنيا جي گوڙ ۾ اها رڙ ڪير به نٿو ٻڌي.

خواهشن جو سراب ۽ وقت جو جبر:

هن تيز هلندڙ دنيا جي انجڻ خواهشون آهن. هڪ خواهش پوري ٿئي ٿي ته ٻي جنم وٺي ٿي. سرمائيداري نظام اسان کي اهو يقين ڏياري ڇڏيو آهي ته وڌيڪ حاصل ڪرڻ ئي زندگيءَ جو مقصد آهي. پر حقيقت ۾، جيترو اسان دنيا جي پويان ڀڄون ٿا، دنيا اوترو اسان کي پويان ڀڄائي ٿي. اهو هڪ اهڙو سراب آهي، جنهن ۾ پاڻي نظر اچي ٿو پر اڃ ڪڏهن به نٿي لهي.

پريم شاعر جي هن فڪر ۾ هڪ ڊيڄاريندڙ گهنٽي به آهي. هو اسان کي ياد ڏياري رهيو آهي ته انسان جي صلاحيتن ۽ طاقت جي هڪ حد آهي. اسان روبوٽ ناهيون. اسان جذبن، احساسن ۽ ساهه کڻندڙ وجود جا مالڪ آهيون. جيڪڏهن اسان هن بي مقصد تيز رفتاريءَ تي ضابطو نه آندو، ته پوءِ نه صرف اسان جي جندڙي ٿڪجي پوندي، پر اسان جو اجتماعي شعور ۽ سماجي ڍانچو به ڀورا ڀورا ٿي ويندو.

سڪون جي تلاش: واپسيءَ جو رستو:

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ڪجي؟ ڇا دنيا کي ڇڏي ڏجي؟ بلڪل نه. پر دنيا جي رفتار سان هلڻ جي جنون ۾ پاڻ کي اجاڙڻ يا وڃائڻ نه گهرجي. اسان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ وقفو وٺڻ جي ضرورت آهي.

اسان کي گهرجي ته ڪجهه گهڙيون هن تيز رفتار دنيا کان پري رهي ڪري، پنهنجي ذات لاءِ وقت ڪڍون. پنهنجي رب سان روح جو رابطو بحال  ڪيون، پنهنجي ڌرتيءَ سان ويجهڙائي پيدا ڪريون ۽ انهن ننڍين خوشين کي ڳوليون جيڪي وڏن بنگلن ۽ مهانگين گاڏين ۾ نه، پر ڪنهن ٻار جي مرڪ ۾، ڪنهن بزرگ جي دعا ۾ ۽ ڪنهن دوست جي ڀاڪر ۾ ملن ٿيون.

جندڙي تڏهن ٿڪجي پوي ٿي جڏهن اها پنهنجي اصل مرڪز کان پري ٿي وڃي ٿي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي اندر جي آواز کي ٻڌون. رفتار ڀلي زماني جي هجي، پر موسيقي اسان جي پنهنجي روح جي هئڻ گهرجي. جيستائين اسان پنهنجي اندر ۾ سڪون پيدا نه ڪنداسين، تيستائين ٻاهر جي دنيا اسان کي ائين ئي گهيليندي رهندي ۽ اسان ٿڪجي، ٽٽي، ذرا ذرا ٿي وکري وينداسين.

حاصل مطلب:

شاعر جو هي شعر، جديد دؤر جي نوحي سان گڏوگڏ هڪ نصيحت پڻ آهي. هي اسان کي درس ڏئي رهيو آهي ته بيهو، ساهه کڻو، ۽ ڏسو ته توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟،

ڇا اها منزل واقعي ايتري اهم آهي، جنهن لاءِ سڄو سفر ئي اذيتناڪ بڻجي وڃي؟

اچو ته زندگيءَ کي جيئڻ سکون، نه رڳو ان کي گذارڻ سکجي۔ ڇو ته دنيا ته تيز هلندي رهندي، پر هيءَ نماڻي جندڙي، جيڪڏهن هڪ دفعو ٿڪجي ڪري پئي، ته شايد وري اٿڻ جو حوصلو نه ساري سگهي.

ڪجهه گهڙيون ساهه پٽڻ ڏي اي وقت جي تيز هوا،

منهنجي وجود جا ڏيئا اڃا وسيا ناهن!۔ مون اڃا اميد جو دامن ڇڏيو ناهي۔ مان گهڻو ٿڪجي پيو آهيان۔ هاڻي باقي زندگيء جا ڏينهن پرسڪون رهڻ چاهيان ٿو۔ پنهن جي پرين پياري جي وشال اکين ۾ گم ٿيڻ چاهيان ٿو۔ مان فضول عياشيء جي پويان جيون کي وڌيڪ ٿڪائڻ يا بيزار ڪرڻ نٿو چاهيان۔ روحاني سڪون ماڻڻ خاطر رب پاڪ جي درگاھ ۾ سربسجود ٿيڻ چاهيان ٿو۔ ٻيهر مالڪ حقيقيء سان روحاني رابطا بحال ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪي دنياداريء سبب بلڪل گهٽجي ويا هيا ۽ انهيء سبب مان پنهنجو روحاني سڪون وڃائي ويٺو هيس۔

جي روح جسم  کان، جدا ٿيندو،

جيون جو وجود نه باقي رهندو۔


Previous Post Next Post